سنڌ حڪومت جو استادن جي ڀرتين بابت اهم فيصلو

سنڌ حڪومت تعليم جي حوالي سان وڏو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان نئون تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه متحرڪ ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت سنڌ ۾ 45 هزار کان مٿي خالي پيل سيٽن تي استادن جي ڀرتين جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي موجب شروعاتي طور تي اسڪول تعليم کاتي ۾ استادن جون ڀرتيون ڪيون وينديون انهن استادن ۾ پرائمري اسڪول استاد ۽ جونيئر اسڪول استاد شامل آهن. ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته استادن جون ڀرتيون مڪمل طور ميرٽ تي ڪيون وينديون، جيڪي آءِ بي اي سکر ذريعي ٿينديون. ان حوالي سان آءِ بي اي سکر باضابطا طور نئين ڀرتين جو شيڊيول به جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرائمري اسڪول استادن جا ٽيسٽ 23 آگسٽ کان 29 آگسٽ تائين ورتا ويندا. جڏهن ته جونيئر اسڪول استادن جا ٽيسٽ 6 سيپٽمبر کان 12 سيپٽمبر تائين ورتا ويندا. ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ دلچپسي رکندڙ اميدوارن جو زباني انٽرويو به ورتو ويندو، ٽيسٽ ۽ انٽرويو پاس ڪندڙ اميدوارن جي فهرست اسڪول تعليم کاتي کي موڪلي ويندي. واضح رهي ته هلندڙ سال استادن جي ڀرتين جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو.