خاص

سنڌ حڪومت ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي: فواد چوڌري

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل سڀني کان گهٽ رهيو آهي. ايس او پيز تي سڀني کان گهٽ عمل سنڌ ۾ ٿيو. خاص طور تي ڪراچي ۾ ايس او پيز تي ڪٿي به عمل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي. اميد آهي ته سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ 88 سيڪڙو ڪورونا ايس او پيز تي عمل ٿي رهيو آهي. ڪراچي جا اثر سموري ملڪ تي ٿيندا آهن. اڄ سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ٿيون آهن. فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي جي تڪ اين اي 249 ۾ ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ جو فيصلو ڪيو آهي. اليڪشن ڪميشن کي ڏسڻو پوندو ته نوبت ايستائين ڪيئن پهتي؟ تحريڪ انصاف جو مطالبو آهي ته ٻيهر پولنگ ڪئي وڃي، ٻيهر ڳڻپ جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جي دائري ۾ آڻڻ چاهيون ٿا. اسان چاهيون ٿا ته پرڏيهي پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ملي. مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نٿيون چاهين. اليڪشن ڪميشن پرڏيهي پاڪستانين جي ووٽ لاءِ ڪم ڪندو. اليڪشن ڪميشن اي وي ايم مشين استعمال ڪري سگهندو. فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪرايو. اسان اليڪشن ڪميشن تي تنقيد نه ڪري رهيا آهيون، پر ان تي عمل جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ به اليڪشن ڪميشن کي ذميواراڻو رويو اختيار ڪرڻو پوندو.