سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي سهيل سيال جي گهر تي ڇاپن کان روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو (نيب) کي ايريگيشن واري صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سهيل انور سيال نيب پاران ڇاپن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف ۾ چيو ته هو ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي، ضمانت تي هئڻ باوجود نيب مسلسل گهرن تي ڇاپا هڻي رهيو آهي، نيب کي گهرن تي ڇاپا هڻن ۽ حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي. سهيل انور سيال جي وڪيل چيو ته نيب منهنجي ڪلائينٽ جي بيمار والد، مرحوم چاچي ۽ ٻين مائٽن جي گهرن تي ڇاپا هنيا آهن، نيب سرچ وارنٽن کانسواءِ ڇاپا هنيا آهن ۽ عورتن کي به حراسان ڪيو آهي. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سهيل انور سيال ۽ ٻين خلاف انڪوائري مڪمل ڪئي وئي آهي، سهيل انور سيال ۽ ٻين جي ملڪيت جي قيمتن جو ڪاٿو لڳائڻ باقي آهي، مهلت ڏني وڃي. عدالت نيب کي سهيل انور سيال ۽ سندس مائٽن جي گهرن تي ڇاپن کان روڪي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب کي ڪوبه اختيار ناهي ته ڪنهن جي گهر تي سرچ وارنٽ کانسواءِ ڇاپا هڻي. جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته نيب ڪنهن جي گهر وڃي بنا جواز عورتن کي حراسان نٿو ڪري سگهي، نيب اهلڪارن کي ڇاپن دوران ليڊيز پوليس اهلڪار به پاڻ سان گڏ رکڻ گهرجن نيب کي سوسائٽي ۽ ان جي قدرن جو به خيال ڪرڻو پوندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سهيل انور سيال، ظفر سيال ۽ جميل سومرو جي ضمانت ۾ به 12 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان پيشرفت رپورٽ طلب ڪري ڇڏي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments