خاص

سنڌ کي ڪير به ورهائي نٿو سگهي، ڪراچي ڪميٽي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جو عوام ۽ پ پ سنڌ جي ورهاست ڪڏهن به قبول نه ڪندي، سنڌ کي ڪير به ورهائي نه ٿو سگهي. لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت طرفان دوائن ۽ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ سمجهه کان ٻاهر آهي، ان جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ هارين ۽ آبادگارن جا فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ وڏو نقصان ٿيو آهي، وزيراعظم آئيني قدم پورا ڪري، وفاق کي سنڌ جي متاثرين لاءِ سهڪار ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم وٽ جڏهن ڪجهه ناهي هوندو ته اها سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ۽ پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه برداشت نه ڪندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا اڃا ختم ناهي ٿي، ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، جيئن ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا جي خطري کان بچي سگهجي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي نه آهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي سموري صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي۔