سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ وڏو سانحو آهي، متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين: وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڄي سنڌ پاڻي ھيٺ آهي، ان ڪري وڏو مشڪل مرحلو آهي، اها ھڪ آزمائش آهي ماڻهن جون پريشانيون به ڏسون پيا. دعا آهي ته ھن ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهون ته جيئن ماڻهن جي خدمت ڪري سگھون. اھڙو اظهار ھن پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۽ ٻين ڳوٺن جو ٻيڙي تي دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. وڏي وزير تعلقه سيوهڻ جي ٻوڏ متاثر 10 يونين ڪائونسلن واهڙ، بوبڪ، آراضي، چنا، جعفر آباد، ٽلٽي، شيخ، جهانگارا سميت ڀان سيد آباد ۽ دادو جو فضائي دورو ڪرڻ سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار ٿي جائزو ورتو. ھن چيو ته دادو جو به دورو ڪيو آهي اميد آهي ته دادو کي نقصان نه ٿيندو، ڇو ته پاڻي جو زور ٽٽي رھيو آهي, منڇر کي ڪٽ نه ڏيون ھا ۽ منڇر پاڻ ٽٽي پوي ھا ته وڏو نقصان ڪري ھا، 7 ھنڌن تان منڇر جو پاڻي درياهه ۾ وڃي رھيو آهي، ان ڪري ڄاڻ ملي آهي ته علائقي مان 6 انچ پاڻي لٿو آهي، پر پاڻي پوئتي گهڻو آهي، اھو ھتي اچڻو آهي، جنهن جي نيڪال لاءِ آبپاشي ماھرن سان گڏجي پلاننگ ڪري رھيا آهيون. عوام جي تڪليفن جو گهڻو احساس آهي، پر وسيلا گهٽ آهن، پوءِ به ٻوڏ متاثرن جي لاءِ خيمن، راشن، پاڻي ۽ مڇردانين جو بندوبست ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن سان گڏ آهيون. کين اڪيلو نه ڇڏينداسين. سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ان کان اڳ سيوھڻ پھچي دادو، ڀان ۽ سيوھڻ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو ۽ منڇر ڍنڍ جو پڻ معائنو ڪيو، جنهن بعد وڏي وزير ٻيڙي ۾ سوار ٿي ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۽ شھرن ڀان سيدآباد، آراضي، بوبڪ، پنهنجي اباڻي ڳوٺ واھڙ ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو، جتي ھن ٻوڏ متاثرن ۾ راشن پڻ تقسيم ڪيو ۽ متاثرن ۾ سامان جي ورھاست جو جائزو ورتو

