سنڌ ۾ لائبريرين جي ڄار جي ضرورت ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو Aug 2020
لائبريري صرف هڪ عمارت نه آهي جتي توهان وڃو ۽ اتان هڪ مقرر وقت لاءِ ڪو ڪتاب کڻي اچو يا اتي وڃي فارغ وقت گذاريو، پر لائبريري هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي توهان ڪتاب، تحقيقي جرنل، رسالا ۽ اخبارون وغيره پڙهي سگهو ٿا يا پنهنجي گهر هڪ مقرر وقت لاءِ کڻي اچي سگهو ٿا يا وري ڪو معلوماتي مواد ڳولهي سگهو ٿا. لائبريري هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي ماڻهو مختلف قسم جو مواد پڙهي ڪري پنهنجي علم ۽ ڄاڻ ۾ اضافو ڪن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن سان ملن ٿا جيڪي علم ۽ ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت آتا هوندا آهن ۽ اهي لائبريري ايندا رهندا آهن. اهڙن ماڻهن سان ڪچهري ڪرڻ وقت تمام گهڻي ڄاڻ ملڻ سان گڏ وڌيڪ پڙهڻ جو حوصلو به ملندو آهي. تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته لائبريري ڄاڻ مهيا ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي جتان ماڻهو جيتري ڄاڻ چاهي حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هڪ لائبريري جا بنيادي اهڃاڻ آهن ۽ اهي لکندڙن، سائنسدانن، انجنيئرن، فلسفين ۽ اديبن وغيره جي ڪوششن، ڪاميابين ۽ محنتن جي نمائندگي ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ماڻهو لائبريري مان گهڻو ڪجهه سکن ٿا يا سکي سگهن ٿا. جديد دور ۾ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي لائبريرين کي جديد بڻايو آهي. اهڙيءَ طرح آن لائين يا ڊجيٽل لائبريري جو تصور پيدا ٿيو آهي، جيڪا ماڻهن کي گهر ويٺي مختلف قسم جا ڪتاب، تحقيقي مقالا ۽ ٻيو مواد پڙهڻ جو موقعو مهيا ڪري ٿي. لائبريري جا ڪيترا ئي قسم ٿين ٿا، مثال طور: قومي يا عوامي لائبريري(National Library or Public Library) ، علمي يا اڪيڊمڪ لائبريري (Academic Library)، تحقيقي لائبريري (Research or reference Library) يا ذاتي لائبريري وغيره.
لائبريري اسان جي علم ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ هر قسم جي ڪتابن، رسالن، ميوزڪ وغيره تائين پهچ فراهم ڪندي آهي، اسان سمورا ڪتاب وغيره خريد ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهيون. ڇاڪاڻ ته ان لاءِ هڪ ته ججھو پئسو گهرجي ٻيو اهي ڪتاب بازار ۾ موجود به هجن. ڪيترا ئي ڪتاب، رسالا وغيره بازار ۾ دستياب به نه هوندا آهن، تنهنڪري اهي اسان خريداري واري سگهه رکڻ جي باوجود به حاصل نه ڪري سگهندا آهيون. اهڙي قسم جا ناياب ڪتاب، رسالا، تحقيقي جرنل وغيره لائبريرين ۾ دستياب هوندا آهن، جنهنڪري تاريخ جي ڄاڻ يا ڪنهن حوالي ڏيڻ لاءِ انهن ڪتابن، رسالن يا اخبارن کي پڙهڻ لاءِ اسان لائبريري ويندا آهيون. ان کانسواءِ، مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهن جي لاءِ هڪ يا ٻه روزاني اخبارون يا مهيني ۾ ڪو رسالو يا ڪتاب خريد ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهنڪري اهي ماڻهو لائبريري ۾ وڃي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب وغيره مفت ۾ پڙهي سگهندا آهن. لائبريري ۾ هر طبقو اچي سگھي ٿو، جنهن ۾ ٻارڙا، نوجوان ۽ وڏي عمر جا ماڻهو شامل هجن ٿا. اهي سڀ علمي ڄاڻ حاصل ڪري سماج ۾ بهتر ڪردار ادا ڪن ٿا يا ڪري سگهن ٿا. هن دور ۾ جتي دنيا تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي، انهن حالتن ۾ لائبريري ڄاڻ جا اهي سڀ ذريعا فراهم ڪندڙ آهي جيڪي اسان کي جديد دور ۾ گهربل آهن ۽ ان دور سان گڏ کڻي هلي سگهن ٿا. لائبريري دنيا جي چند بهترين جڳهين مان هڪ جڳهه آهي، جيڪا ماڻهن کي پاڻ کي بهتر ڪرڻ ۽ ڄاڻو بڻائڻ جو موقعو ڏئي ٿي. لائبريري ۾ ماڻهو ڊپريشن کي ختم ڪري سگهن ٿا، مختلف قسم جي نوڪرين جا اشتهار ڏسي ڪري نوڪري ڳولهي سگهجي ٿي. مختلف موضوعن تي بحث ڪري ڪيترائي علمي مونجهارا ختم ڪري سگهجن ٿا ۽ علمي دوست ٺاهي سگهجن ٿا. اهڙيءَ طرح ماڻهو ڪيترين ئي سماجي برائين کان بچي سگهن ٿا.
اسان وٽ شهرن ۾ خاص ڪري وڏن شهرن ۾ پبلڪ لائبريريون موجود آهن، پر انهن جو تعداد تمام گهٽ آهي تنهنڪري انهن لائبريرين ۾ ويهڻ جي جڳهه به گھٽ ملندي آهي. ننڍن شهرن ۾ پبلڪ يا قومي لائبريريون نه آهن يا نه هجڻ جي برابر آهن. جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هوٽلن ۽ ٻين تفريحي جڳهين تي وڃي وقت گذارين ٿا. اهڙين جڳهين تي ڪڏهن ڪڏهن غير اخلاقي ڪمن جو حصو به ٿي وڃن ٿا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڏن شهرن کانسواءِ ننڍن شهرن ۽ يونين ڪائونسل سطح تي لائبريريون کوليون وڃن. اسان وٽ ڳوٺن ۾ ذاتي لائبريرين کانسواءِ پبلڪ لائبريريون نه آهن ۽ جيڪڏهن ڪن ماڻهن کوليون ته پنهنجي خرچ تي کوليون به آهن ته اهي تمام گهٽ تعداد ۾ موجود آهن تنهنڪري ڳوٺن جا ماڻهو لائبريري جهڙي عظيم سهولت کان محروم رهن ٿا. هو روزاني اخبارون، ماهوار رسالا ۽ ڪتاب وغيره نٿا پڙهي سگهن جيڪو هڪ تمام وڏو سماجي نقصان آهي. پاڪستان ۾ ڳوٺن جي آبادي شهري آبادي کان وڌيڪ آهي، پر اها ڳوٺاڻي آبادي لائبريرين کان محروم آهي.
اسان جي شهرن ۾ ڪيترائي باغ موجود آهن جيڪي ماڻهن کي تفريح ۽ ڪثرت ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا، پر انهن باغن ۾ لائبريري ٺاهڻ جو تصور موجود نه آهي. جڏهن ته انهن باغن ۾ لائبريرين جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ماڻهو پنهنجو وقت گذارڻ، تفريح، سير ۽ ڪثرت ڪرڻ لاءِ مختلف باغن ۾ ويندا آهن. اهڙيءَ طرح هو گهڻو وقت باغ ۾ گذاريندا آهن، پر جيڪڏهن صوبي جي هر باغ ۾ هڪ لائبريري هجي ته ماڻهو سير ۽ تفريح سان گڏ انهن لائبريرين ۾ ويندا ۽ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب وغيره پڙهي تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪندا ۽ ڪيترين ئي سماجي برائين کان بچي ويندا. ڪراچي ۾ جهانگير باغ ۾ روٽري ڪلب طرفان هڪ لائبريري ٺاهي وئي آهي جيڪا تمام گهڻي اهم ۽ خوبصورت آهي، ماڻهو اتي وڃي مطالعو ڪن ٿا. اهڙي قسم جون لائبريريون صوبي ۽ ملڪ جي سمورن باغن ۾ ٺاهيون وڃن جن ۾ ٻارن ۽ عورتن لاءِ به حصا موجود هجن ته هوند ماڻهو تازي فضا جو مزو وٺڻ سان گڏ علمي ڄاڻ به حاصل ڪري سگهندا.
وڏن شهرن ۾ آبادي وڌڻ جي ڪري گهر اپارٽمينٽس ۾ تبديل ٿيندا وڃن ٿا ۽ انهن اپارٽمينٽس ۾ ڪيترائي خاندان رهن ٿا. گهڻن اپارٽمينٽس ۾ ڪميونٽي هال ته ٺاهيا وڃن ٿا، پر اتي لائبريري ٺاهڻ جو تصور ڪونه هجي ٿو، تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته ڪنهن به شهر ۾ ڪنهن به اپارٽمينٽ ٺاهڻ جي اجازت ڏيڻ وقت لائبريري ٺاهڻ جو شرط ضرور رکيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ جي عادت پئي. ان سان اپارٽمينٽ ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ سماجي رابطا به وڌندا ته ڄاڻ جي به مٽا سٽا ٿيندي ۽ سماج جي اخلاقي ۽ علمي ترقي به ٿيندي.
لاري اڏن، ريلوي اسٽيشنن ۽ ايئرپورٽن تي هر ماڻهو کي انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو انتظار ڪري ڪري بيزار ٿي ويندا آهن. تنهنڪري انهن جڳهين تي لائبريرين جي تمام گهڻي ضرورت هوندي آهي. لاڳاپيل ادارن طرفان انهن جڳهين تي لائبريريون ٺاهيون وڃن ته جيئن ماڻهو فارغ وقت ۾ انهن لائبريرين ۾ ويهي مطالعو ڪري سگهن ۽ پنهنجو وقت گذاري سگهن. ترقي يافته دنيا يا يورپين ملڪن ۾ ته بسن ۽ ٽرينن ۾ به لائبريريون موجود آهن اهڙيءَ طرح انهن لارين يا بسن يا ٽرينن ۾ سفر ڪندڙ ماڻهو انهن لائبريرين مان ڪتاب کڻي پڙهندا آهن.
اسان وٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائبريريون ته موجود آهن، پر اهي فعال نه آهن. اڪثر اسڪولن جي لائبريرين کي قلف لڳل هوندو آهي جنهنڪري شاگرد يا استاد اتي ڪونه وڃي سگهندا آهن. اهڙين لائبريرين جي ڪري شاگردن کي نصابي ڪتابن پڙهڻ کانسواءِ مختلف قسم جي ڄاڻ پڻ ملندي آهي. اهڙيءَ طرح اهي لائبريريون شاگردن کي امتحانن جي وقت ۾ تياري ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪنديون آهن ۽ ٻارن کي ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ جي عادت به وجھنديون آهن، پر اسان وٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لائبريرين تي گھٽ توجهه ڏنو وڃي ٿو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موجود لائبريرين کي فورن فعال بڻائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن شاگرد، استاد ۽ ٻيو عملو فارغ وقت ۾ انهن لائبريرين ۾ موجود ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا وغيره پڙهي سگهن ۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري سگهن.
لائبريرين جي ڄار وڇائڻ واري عمل ۾ حڪومت سان گڏ مختلف قسم جي ادارن، غير سرڪاري تنظيمن، پئسي وارن ماڻهن ۽ اديبن وغيره کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان جي ڳوٺن، باغن، اپارٽمينٽس، لاري اڏن وغيره تي لائبريريون قائم ڪري سگهجن. اهي ماڻهو جن وٽ گهڻا ڪتاب موجود آهن، اهي انهن لائبريرين ۾ ڪجھه ڪتاب ڏين ته جيئن علم جو ڏيئو ٻرندو رهي ۽ سماج ۾ علم جي روشني پکڙبي رهي. سماج ۾ لائبريرين جو ڪردار صحتمند هوندو آهي تنهنڪري انهن سڀني جڳهين تي لائبريريون قائم ٿيڻ گهرجن جيڪي مٿي بيان ڪري آيو آهيان. صحتمند ماحول ۽ صحتمند زندگي لاءِ باغن ۽ لائبريرين جي تمام گهڻي اهميت آهي. دنيا ۾ ته بسن، ٽرينن ۽ روڊن تي لائبريريون موجود هونديون آهن، پر اسان وٽ اهو تصور اڃان تائين جڙي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچي ۾ وليج هوٽل ڀرسان شاهراهه فيصل وٽ هڪ اسٽريٽ لائبريري جوڙي وئي هئي، پر ڪورونا وائرس جي ڪري اها لائبريري به في الحال بند ٿي وئي آهي. بهرحال ان تصور کي اسان پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن تائين کڻي وڃي سگهون ٿا. اسان وٽ هر سال هزارين ڪتاب ڇپجن ٿا، پر پڙهندڙن جو تعداد گهٽ هجڻ جي ڪري ۽ پڙهائي جي ماحول يا لائبريريون نه هجڻ جي ڪري ۽ لائبريرين طرفان نوان ڪتاب گهٽ خريد ڪري لائبريرين ۾ رکڻ جي ڪري اهي ڪتاب عام ماڻهن تائين ڪونه پهچي سگهن ٿا. جنهنڪري عام ماڻهو يا نوجوان سوشل ميڊيا ۽ ٻين عملن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا.