سنڌ ۾ ويڪسين نه ڪرائيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاليجن ۾ داخل نه ٿي سگهندا
سنڌ ۾ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ صوبائي حڪومت طرفان شاگردن جي ويڪسينيشن لازمي قرار ڏيڻ جي فيصلي کانپوءِ گذريل ڏينهن پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن پڻ شاگردن جي ويڪسين کي لازمي قرار ڏنو. سنڌ حڪومت طرفان نائين کان ٻارهين درجي تائين شاگردن جي تعليمي ادارن ۾ داخلا ويڪسينيشن سان مشروط قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته پرائيويٽ اسڪول انتظاميا به سنڌ حڪومت جي هدايتن تي هلندي والدين جي رضامندي سان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ويڪسينيشن جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ هاڻ رينجل ڊائريڪٽر ڪاليجز ڪراچي طرفان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي تعليم کاتي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ تحت 17 ورهين ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ويڪسين لڳرائڻ ضروري آهي. نوٽيفڪيشن موجب ويڪسين نه ڪرائيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪاليجن ۾ داخل نه ٿي سگهندا، ان سان گڏوگڏ اهي تحريري ۽ عملي امتحان ۾ به حصو نه وٺي سگهندا. واضح رهي ته سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1021 نوان ڪيس به سامهون آيا آهن.