خاص

سنڌ ۾ ڪرپشن جو وڏو اسڪينڊل، ڪروڙين رپين جي غبن جو انڪشاف

سنڌ حڪومت جي ڪرپشن جو هڪ ٻيو داستان سامهون اچي ويو ۽ نيب سنڌ ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ خلاف به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. نيب ذريعن موجب سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ مان ملير ضلعي جي رهواسين کي ئي زڪوات ۽ ٻي امداد ملندي رهي، زڪوات ۽ امداد وٺندڙ ضلعي ملير جي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فهرست جوڙي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فهرست ۾ 100 ڄڻن کي پهرئين مرحلي ۾ بيان لاءِ طلب ڪيو ويو، سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ 2017 ۽ 2018 جي وچ ۾ 50 ڪروڙن کان وڌيڪ جي رقم ملير ضلعي جي رهواسين کي ڏني وئي. نيب ذريعن موجب فهرست ۾ شامل 17 ماڻهن جو بيان به رڪارڊ ڪيو ويو، بيان رڪارڊ ڪندڙن زڪوات ۽ فنڊ نه وٺڻ جو انڪشاف ڪيو، هنن چيو ته پ پ جي علائقائي اڳواڻن امداد لاءِ ڊيٽا گهري هئي، پر امداد نه ملي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فهرست ۾ شامل ملير ضلعي جي سڀني شهرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا، نوٽيس جاري ٿيڻ ۽ بيان رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ جاچ جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويندو، ملير کانسواءِ ٻين ضلعن جي ماڻهن کان به رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي.