پاڪستانخاصنيو‍‍ز

سنڌ ۾ 2010ع واري مها ٻوڏ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي: وڏو وزير

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب مختلف واقعن ۾ فوت ٿيلن جي وارثن کي 10، 10 لک رپيا معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت برسات ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سمورا وسيلا ڪتب آڻي بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير سکر بيراج جو دورو ڪيو ۽ پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته رات جي وقت گڊو بئراج ۽ سکر وٽ سڀاڻي وڏي ٻوڏ هوندي جنهن بابت بندوبست ڪري ڇڏيا آهن. وڏي وزير چيو ته اڳ کان 500 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون آهن جيڪا قدرت جي طرفان آزمائش آهي. سندس چوڻ هو ته سموري سنڌ کي نقصان پهتو آهي ۽ هي نقصان 2010 واري ٻوڏ کان وڌيڪ آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته 170 ماڻهو برسات سبب فوت ٿيا آهن. هن چيو ته سکر ۾ هڪ ڏينهن ۾ 184 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي، شهر کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جتي انفرااسٽرڪچر جي بحالي جو ڪم ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پلاسٽڪ مهانگو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.