خاص

سنڌ ۾ 7 ڏينهن جي پوليو مهم جي شروعات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ 7 ڏينهن جي پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو لاءِ ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) 7 کان 13 جون 2021 تائين سب نيشنل ايميونائيزيشن تحت قومي سطح تي پوليو مهم شروع ڪري رهيو آهي، سڄي صوبي ۾ 90 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. مهم سنڌ جي 30 ضلعن ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ 90 لکن کان وڌيڪ ٻارڙن مان 20 لک ٻارن جو واسطو ڪراچي سان آهي. هن چيو ته ڊبليو ايڇ او جي ڪورونا وائرس بابت سفارشن ۽ حفاظتي اُپائن تحت مهم شروع ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ ورڪرن جو ماسڪ پائڻ ۽ انهن جي مقررين کان اڳ گرمي پد جاچڻ ۽ ٻارن کي سڌي ريت هٿ نه لڳائڻ، گهر ۾ داخل نه ٿيڻ، درَن کي قلم، رولرز يا ٺونٺ سان کڙڪائڻ وغيرا شامل آهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ 2021 ۾ پوليو جو ڪو ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ هن سال رڳو بلوچستان ۾ هڪ پوليو ڪيس ظاهر ٿيو آهي.