انٽرويوخاص

سهيل سانگي کان (ڊسمبر 2017 ) ۾ ورتل انٽرويو

پئنل انٽرويو

سهيل سانگي کان (ڊسمبر 2017 ) ۾ ورتل انٽرويو

منظور ٿهيم، ڊاڪٽر اشوٿاما، زاهده ابڙو

 

تعارف: آئون ٿر جي هڪڙي ڳوٺ جنجهي ۾ ڄائو هئس، منهنجو پيءُ ٿر جو هڪ خوشحال هاري هو. بابا پڙهيل بنهه نه هو، اسان جو جنجهي قبيلو راجپوت آهي، پوءِ مسلمان ٿيو. ۽ راجسٿان مان لڏي هتي اچي ويٺا. مڊل تائين تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، اسان جو ڳوٺ انهن ٽيهارو ڳوٺن مان آهي جتي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ پرائمري اسڪول هئا. جنجهي اسڪول ۾ پنجن ڳوٺن جا ٻار مون سان گڏ پڙهيا ايئن ڄڻ پنجن ڳوٺن سان اٿڻ ويهڻ ۽ واسطو هو. منهنجو چاچو سچل (ڄام ساقيءَ جو پيءُ) سندس ٿر جي تعليم ۾ وڏو حصو آهي. چاچا سچل چوٿين ڪلاس ۾ اسڪالرشپ جي تياري اسان کي ڪرائي. هن ڳوٺ ۾ پهرين انگلش ڪلاس ۽ پوءِ مڊل اسڪول قائم ڪيو، منهنجو پيءُ ۽ ڏاڏا اسان جي گهر جي ڀرسان جتي هينئر پرائمري اسڪول آهي، چاچا ان کي هاءِ اسڪول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو هاءِ اسڪول تڏهن وڃي ٿيو جڏهن مون هاءِ اسڪول پاس ڪري ورتو. اسان جو تعلقو هيڊڪوارٽر ڇاڇرو هو ۽ مون اتان ميٽرڪ ڪئي جيڪو اسان جي ڳوٺ کان 28 ميل پري آهي. صبح جو 8 وڳي کان اسڪول ويندا هئاسين ۽ ٻنپهرن جي ماني کائي وري ويندا هئاسين جهڙوڪر ٻن شفٽن ۾ پڙهائيندا هئا، ڇاڇري جو رهاڪو ٻاوو هڪڙو ٽيچر سائين مگهن پُري اسان جو هيڊ ماستر ٿي آيو انگريزي پڙهائڻ جو ڏاڍو شوق هئس ۽ اسان کي انگريزي گرامر سيکاريندو هو. اسان ٽي ڀائر محمد، عرس ۽ آئون هئاسين جن ڇهون، ستون، اٺون گڏجي پاس ڪيو هاڻي نائين ۽ ڏهين لاءِ اسان کي ڇاڇري اسڪول وڃڻو هو ٽن ٻارن جو خرچ ان وقت ۾ وڏي ڳالهه هئي. ايئن هڪ سال ضايع ٿي ويو. ان وچ ۾ مون گهڻائي ڪتاب پڙهيا، مذهب، سياست، سائنس، شاهه جو سڄو رسالو پڙهيم، تنهن وچ ۾ شاعري به شروع ڪيم، جنهن وٽ به ڪتاب جو پتو پوندو هو وڃي ان وٽ پهچندو هئس. انهيءَ وقت ۾ منهنجو سئوٽ ڄام ساقي حيدرآباد ۾ پڙهندو هو، ادب ۽ سياست ۾ دلچسپي هئس جڏهن ڳوٺ ايندو هو ته پاڻ سان گڏ ڪتاب کڻي ايندو هو. پوءِ هو چوندو هو جيترا ڏينهن آئون هتي آهيان ڪتاب پڙهه، تڪڙا تڪڙا ڪتاب پڙهي وري ان کي موٽائي ڏيندو هئس. ٻاراڻي عمر ۾ يعني اٺون پاس ڪرڻ بعد واندڪائي واري عرصي ۾ ترقي پسند ادب پڙهيم، شيخ اياز جو “ڀونئر ڀري آڪاس” به انهن ڏينهن ۾ پڙهيم. نائين درجي ۾ جڏهن اسڪول ۾ آيس ته شايد حالتن سان گڏ ان مطالعي جو ئي اثر هو جو منهنجي ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيو ته اسان ٽي ڀائر آهيون ۽ ٽئي پڙهڻ چاهيون ٿا پر اسان ڇو نٿا پڙهي سگهون. هڪ دفعي مهڪي جي تڙ جو رهاڪو ڊاڪٽر پرڌان ڊاڪٽري پڙهندو هو. اسان جي ڪٽنب سان گهري واسطيداري هئس هڪ دفعو پڇيومانس ته ڪميونزم جو لٽريچر پڙهڻ گهرجي يا نه. هن چيو ته ڪو ڪميونسٽ ٿيڻ چاهي ٿو يا نٿو چاهي اها ان جي مرضي آهي، ان ڳالهه تي مون کي آزاديءَ جو احساس ٿيو. تنهن کانپوءِ ڪميونسٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيم. جڏهن ڇاڇري اسڪول ۾ نائين درجي ۾ پهتس ته مون پنهنجو پاڻ کي ڪميونسٽ ئي سمجهيو. سائين احمد علي ميمڻ صاحب هڪ سٺو ٽيچر هو، جنهن جي اچڻ کانپوءِ اسڪول ۾ سڌارو آيو. سائين پونم چند اسان جو سيڪنڊ هيڊ ماستر هو، هو اسان کي سنڌي پڙهائيندو هو.

منظور ٿهيم: ڇاڇري کان حيدرآباد تائين ڪيئن پهتا ۽ نئون سهيل سانگي ڪيئن پيدا ٿيو؟

 سهيل سانگي: مون جڏهن ميٽرڪ پاس ڪئي ته ٿر ۾ سخت ڏڪار آيل هو، مون کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو ۽ منهنجي ماءُ به چاهيو پئي ته آئون پڙهان. بابا جي پٺڀرائي ٿوري گهٽ هئي، هڪ ڏينهن ڪامريڊ ساقي حيدرآباد مان ڳوٺ آيو، ان کي امان چيو ته هن کي وٺي وڃ ۽ اتي وڃي پڙهائينس. هڪ ٻن مهينن کانپوءِ وري ڄام آيو ۽ امان کي چيائين ته ڇوڪرو مون کي ڏئين ٿي پر وري مون کان واپس نه وٺجانءِ ۽ هن مان پئسن جي اميد نه رکجانءِ. هي پاڻ پڙهي وڏو ماڻهو ٿي ويندو. حيدرآباد اچڻ کان پهرين مون ڪڏهن ريل به نه ڏٺي هئي. نذير عباسي چرچي طور چوندو هو ته اهو ماڻهو اسان کي سياست ۾ گائيڊ ٿو ڪري جنهن ريل به ميٽرڪ کانپوءِ ڏٺي آهي. ڄام مون کي ڪاليج ۾ داخلا وٺرائي. پوءِ پروفيسر جمال نقوي سان ملاقات ٿي پورن ٻن مهينن کانپوءِ مون کي پروفيسر جمال الدين پارٽي ۽ مارڪسزم پڙهائڻ شروع ڪيو، پارٽي جو قومي ڪتاب گهر جي نالي سان دڪان هو هي پارٽي جي هڪ فرنٽ هو ۽ هو اتان جو انچارج هو. چار پنج سال مون ان دڪان تي سيلز مين طور ڪم ڪيو. مسلم آرٽس ڪاليج ۾ پڙهندو هئس، عمر ميمڻ صاحب ان وقت ڪاليج جو پرنسپل هو. ان وقت ۾ آئون فرسٽ ايئر جو شاگرد هئس، رات جو گڏجاڻيون ۽ صبح جو ڪاليج ۽ پوءِ دڪان تي هوندو هئس. ان دڪان کي هلائڻ لاءِ فل فليج ميمبرن تي هڪ سيل قائم ٿيل هو اهي ئي اچي سگهيا پئي پر منهنجي ڪري هنن سيل کي ڊي گريڊ ڪري مون کي به ان ۾ شامل ڪيو. پروفيسر جمال نقوي، قيوم علي، ڊاڪٽر صادق جيڪو ان وقت ۾ ماڊل اسڪول ۾ ليب اسسٽنٽ هو، ڇگن چارڻ ۽ چوٿون آئون اسان سيل جا ميمبر هئاسين، منهنجي ذهني تربيت تي خاص اثر ڇگن لال چارڻ، ڄام ساقي، قاسم پٿر، باقر سنائي ۽ نثار حسيني جو رهيو. اسان کي پروفيسر مارڪسزم پڙهائيندو هو، ملڪي حالتن تي بحث ۽ تجزيا به ٿيندا هئا.

ڊاڪٽر اشوٿاما: ان وقت ۾ توهان جي همعصرن توهان جي ذهني اوسر تي ڪيترو اثر وڌو ان جي باري ۾ اسان کي ٻڌائجو.

سهيل سانگي: ٻه اڍائي مهينا ٿر مان اچڻ کانپوءِ آئون هڪ فل ٽائيم پارٽي ايڪٽيوسٽ هئس. آئون ۽ ڇگن چارڻ گڏ رهندا هئاسين ڇگن لال منهنجي تمام گهڻي رهنمائي ڪئي، ان کانسواءِ آئون سنڌي ادبي سنگت ۾ به سرگرم هئس، مين فرنٽ منهنجو دڪان هوندو هو، دڪان تي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ دانشور ايندا هئا، نوان ڪتاب اچي خريد ڪندا هئا. الياس عشقي ريڊيو پاڪستان تي هوندو هو اهو به ايندو هو پڇندو هو، “ڀائي ڪونسي نئي ڪتاب آئي هي”، سنڌي به ڏاڍي سٺي ايندي هئس چوندو هو ته ڪتاب پڙهيو به اٿئي يا مون کي پيو ٻڌائين. جويو صاحب، مراد علي، مرزا، پليجو، ظفر حسن، ماڻڪ منير، جيڪي به دانشور هئا سڀ دڪان تي ايندا هئا. ماڻڪ چوندو هو ته حيدرآباد ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن هڪ سنڌ يونيورسٽي ٻيو قومي ڪتاب گهر.

منظور ٿهيم: پارٽيءَ جي هول ٽائيم ورڪر جي حيثيت سان ڇا توهان کي ٻي به ڪا ذميداري مليل هئي يا رڳو سيلز مين ئي هئا؟

سهيل سانگي: هي ڪتاب گهر پارٽيءَ جي ملڪيت هو، اهو خود هڪ فرنٽ هو. هاري حقدار پريس به پارٽي جي هئي، پيپلز پبلشنگ هائوس لاهور وارو به پارٽي جو هو. سڄو ترقي پسند لٽريچر دڪان تي هلائڻو هوندو هو. 1970ع واري اليڪشن ۾ ڄام ساقي اليڪشن ۾ بيٺو، ڪامريڊ ڄام ۽ پارٽي جي اها خواهش هئي ته آئون ٿر وڃان ۽ معاملن کي وڃي ڏسان. اتي ٻه وڏيون اسٽيشنون هيون هڪ ننگر پارڪر ٻيو ڇاڇرو. ڇاڇرو بئراج علائقي کي ويجهو هو، مون کي ڇاڇري جي اليڪشن آفيس جو انچارج ڪيو ويو. اليڪشن مهم جي مجموعي نگراني وسيم عثماني کي ڏني وئي ته اليڪشن جون تياريون ڪيئن پيون هلن. اتي ڪجهه مزيدار قسم جا تجربا ٿيا، هر پندرهين ڏينهن هڪ ميٽنگ ٿيندي هئي، مختيارڪار وٽ اميدوار وڃي ملندا هئا، راڻا چندر سنگهه اليڪشن ۾ بيٺو هو. لڇمڻ سنگهه راڻا چندر سنگهه جي نمائندي طور ايندو هو، هو به ٺڪر ۽ آئون به ٺڪر هڪ ڏينهن ميٽنگ ۾ ڪنهن ڳالهه تي چيائين، “سئوٽ ايئن ڪونه ٿيندو” جنهن تي مون چيومانس “ڇا جو سئوٽ” مختيارڪار جي آفيس مان جڏهن پنڌ موٽياسين پئي ته مون کي چيائين پاڻ کان وڏي سان ايئن ٿوري ڳالهائبو آهي، مون وراڻيومانس ته پاڻ سياسي مخالف آهيون ۽ هڪٻئي کي هارائڻ چاهيون ٿا. انهيءَ دوران اتان جي ڪجهه بااثر ماڻهن پيغام اماڻيو ته اسان سان اچي ڳالهايو اها ڳالهه مون ڪامريڊ وسيم عثماني کي ٻڌائي جنهن تي هن چيو ته، “اس ڪا مطلب هي ڪي هم اليڪشن جيت رهي هين” پر پوءِ اسان ان کي ڪئپيٽلائز ڪري نه سگهياسين. اليڪشن جي نتيجن ۾ شروع وارين پولنگ اسٽيشنن تي ڄام پهرين نمبر تي هو ۽ ڇاڇري شهر مان ڪامريڊ ڄام اڪثريت مان کٽيو. ان جو سبب شايد اسان جو اسڪولن ۾ ٿيل ڪم هو. اليڪشن هارائڻ کانپوءِ مون پارٽي کي رپورٽ ڏني ۽ تجويز ڏني ته جيڪڏهن اليڪشن جي سياست ڪرڻي آهي ته ٿر ۾ مستقل آفيس کولڻي پوندي. پارٽي ڪجهه عرصي کانپوءِ مون کي سيل جو ميمبر ٺاهي ڇڏيو ۽ مون کي اسٽوڊنٽ فرنٽ جوائن ڪرڻ لاءِ چيو. ان دوران هڪ ٻي ڊولپمينٽ ٿي جو بنگال ۾ وڳوڙ ٿي پيو، ڄام بنگال ۾ فوجي آپريشن جي خلاف بيان ڏنا ۽ مهم هلائي پوءِ روپوش ٿي ويو. پاڻ وٽ جيڪي اوپن فرنٽ هئا خاص طور جيڪي پوليٽيڪل فرنٽ ۽ ان ۾ جيڪي پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن هئا ۽ ٻياNAP  ۾ اهي به ٿورا پوئتي هٽي ويا. اسٽوڊنٽ ونگ ۾ مهر حسين شاهه سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو صدر هو ۽ مير ٿيٻو سيڪريٽري هو، اهي ٻئي هٿ ڪڍي بيهي رهيا. منهنجو ڪم اهو هو ته آئون، ڪامريڊ ڄام ۽ ٻاهرين دوستن ۾ رابطي جو ڪم ڪريان. پارٽي جڏهن ڏٺو ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي حالت تي ٿورو ڳنڀير هئي ته انهن مون کي اسٽوڊنٽ فيڊريشن کي وري منظم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو. پروفيسر مون کي چيو، ڪامريڊ ڄام سي مدد لو اور “جا ڪي ٽيڪ اوور ڪرو” مون ڄام کي چيو ته اهو آئون ڪيئن ڪريان هن مون کي احمد خان جمالي سان ملڻ لاءِ چيو، هو سنڌ يونيورسٽي جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهندو هو. کيس سڄو احوال ٻڌايم، احمد خان جمالي ۽ ڪامريڊ ڄام اها صلاح بيهاري ۽ مون کي چيو ته وڃي مهر حسين شاهه کي منهنجي نالي چئو ته توکي ايگزيڪيوٽو باڊي تي کڻي، جمالي چيو ته آئون توکي لکي ٿو ڏيان ۽ وڃي پريس ۾ ڏيئي اچ اصل ڳالهه سياسي ڪم آهي. ٽيڪنيڪل شين ۾ نه ڦاسجي باقي مهر حسين شاهه سان آئون ڳالهائي وٺندس ۽ سڀاڻي کان وٺي تون باڊي ۾ آهين. پوءِ ٿوري عرصي ۾ جمالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ هڪ ميٽنگ گهرائي سين. پهرين مرحلي ۾ احمد خان جمالي، تاج بلوچ (ميرپورخاص)، امداد اوڍو، تاج مري، غلام رسول سهتو، غلام حسين شر، صالح بلو، ايوب لغاري، منصور مهراڻي ۽ ٻيا دوست سرگرم ٿيا. مرحلي ۾ نذير عباسي شهيد، امداد چانڊيو، منصف رند، انعام رند، امر لال، خير محمد جوڻو، عاشق سومرو، نور احمد چنڙ ۽ ٻيا انيڪ دوست اڳيان آيا. ڪراچيءَ مان تنوير شيخ، جبار خٽڪ، غلام اڪبر، آصفه رضوي، محسن زيدي سرگرم رهيا. ٻنهي مرحلن ۾ احمد خان جمالي، نذير عباسي، تاج بلوچ ۽ تنوير شيخ جو به ڀرپور رول رهيو. محمود چيمبرس گاڏي کاتي ۾ پنجويهه، ٽيهه ميمبرگهرائي هڪ ميٽنگ ڪوٺائي وئي ۽ ونگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

زاهده ابڙو: ڪميونسٽ تحريڪ کي پاڪستان ۾ نقصان رسڻ جا ڪهڙا سبب هئا؟

سهيل سانگي: هڪڙو سبب ته سوويت يونين جو ٽٽڻ هو، ان کي آئون ڪميونزم جو زوال نٿو چوان اهو ملڪ جو زوال آهي پر سوويت يونين جو ٽٽڻ وڏو سبب هو. ان جا اثر رڳو پاڪستان تي نه پر پوري دنيا جي سياست تي پيا. رڳو ڪميونسٽن تي نه پر ڊيمو ڪريٽس توڙي آزادي پسند تحريڪن تي به پيا. ان کانسواءِ ملڪي سطح تي پارٽي اندر به ڪجهه مسئلا پيدا ٿي ويا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ پارٽي ٽٽي وئي، اڪثريتي ۽ اقليتي نالي سان ٻه گروهه ٿي ويا. ان جا به ٻه سبب هئا. هڪ ته ڪجهه ڪامريڊ گرفتار ٿيا ۽ ڪجهه ٻاهر رهجي ويا هئا تن جي وچ ۾ هڪ وڏو ويڇو اچي ويو. ٽي خاص ماڻهو گرفتار ٿي اندر ويا هئا ڪامريڊ ڄام، ڪامريڊ جمال نقوي، ڪامريڊ شميم واسطي اهي پنج سال اندر رهيا ۽ ٻاهر تمام گهڻي تبديلي اچي وئي. تنهنڪري سندن وچ ۾ رابطي، انڊر اسٽيڊنگ ۽ اعتماد جي کوٽ به پيدا ٿي وئي. جڏهن ٽئي مک اڳواڻ آزاد ٿي ٻاهر آيا ته ماڻهن سندن لاءِ وڏو اتساهه ڏيکاريو. ايم آر ڊي ۾ ڪميونسٽ پارٽي، ميمبر پارٽي طور نه هئي. جيتوڻيڪ بيگم ڀٽو کڻڻ چاهيو پئي پر نه کڻي سگهي. ڪڏهن اسان کي چوندا هئا ته ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن آهي ڪڏهن سنڌ هاري ڪميٽي يا وري ڄام ساقي گروپ، سڀني جيلن اندر پنهنجي هڪڙي ايم آر ڊي ٺهيل هئي. وڏي پئماني تي ماڻهو پارٽيءَ ۾ آيا. پارٽي جي اندر ايترن ماڻهن کي تربيت ڏيڻ ۽ ڪم وٺڻ جي صلاحيت ئي موجود نه هئي. اسان جي گرفتاري کانپوءِ سخت پڇا ڳاڇا ٿي ته اسان جا واسطا ٻين سياسي پارٽين يا بيورو ڪريسي ۾ ته نه آهن ان جي لاءِ ڏاڍي کوٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

منظور ٿهيم: نارٿ ناظم آباد واري پرنٽنگ پريس تائين ايجنسيون ڪيئن پهتيون توهان جو تجزيو ڇا آهي؟

سهيل سانگي: جيل ۾ به ان تي بحث مباحثا ڪندا رهندا هئاسين، ڪامريڊ ڄام ته 1978 ۾ گرفتار ٿيو هو پروفيسر جو چوڻ اهو هو ته اها ڳالهه ڪٿان ليڪ ٿي آهي. جڏهن ته ان پريس جي لوڪيشن صرف ٻن ٽن ماڻهن کي ئي خبر هئي. هڪڙو پاڻ پروفيسر، ٻيو نظير عباسي، شبير شر، ڪمال وارثي يا هڪ اڌ ڪو ٻيو ڪامريڊ هئا ۽ شايد شميم واسطي به هجي ٻيو ته ڪوبه نه هو. ڪجهه دوستن جو شڪ آهي ته شميم اسان کان اڳ گرفتار ٿيو هو، متان هو ٽٽي پيو هجي. پر شڪ ڪيئن ڪجي؟ هو به پڪو پختو ڪامريڊ هو ۽ ليبر فرنٽ جو انچارج ۽ اوپن فرنٽ جو ملڪ گير ليڊر هو. ۽ ٻيو شڪ اهو ٿو ڏيکاريو وڃي ته شايد پروفيسر کي فالوو ڪيو ويو هو ڇو ته هو کلي عام گهمندو هو ڪاليج ويندو هو. اها لاپرواهي ۽ بي احتياطي جو نتيجو ٿي سگهي ٿو الزام تراشي درست ناهي.

منظور ٿهيم: حسن ناصر ۽ نظير عباسي جي شهادت بابت پارٽي ڪوبه ٺوس تجزيو نه ڪري سگهي آهي پارٽي اڃا تائين منجهيل آهي توهان جي راءِ ڇا آهي؟

سهيل سانگي: حسن ناصر ۽ نظير ڇو ٽارگيٽ ٿيا؟ ٻئي سخت محنتي ۽ بي لوث ماڻهو هئا. ڄام جي جيل ۾ هجڻ وقت نظير عباسي ڪم ڪار توڙي عوام ۾ سندس کوٽ پوري ڪري ورتي ۽ وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪئي. پروفيسر کڻي ڪيڏو وڏو ٿنڪ ٽينڪ هو پر ماسز ۾ ڄام ساقي، نظير ۽ حسن ناصر موجود هئا سو ڌڪ هڻڻ وارن بلڪل صحيح جاءِ تي ڌڪ هڻي انهن کي رستي تان هٽايو.

ڊاڪٽر اشوٿاما: جڏهن توهان حيدرآباد آيا ته ان وقت جون جيڪي همعصر سياسي تحريڪون هيون انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

سهيل سانگي: آئون 1967ع ۾ حيدرآباد آيس 4 مارچ به ٿي چڪو هو جنهن جي نتيجي ۾ پوري سنڌ ۾ تحرڪ پيدا ٿي چڪو هو. ماڻهن نوجوانن ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو جن واقعي ڪم ڪيو پئي، تڏهن شاگرد فرنٽ ۽ ادبي فرنٽ اهم هئا انهن ذريعي ئي ڪم ٿي رهيو هو ان جا ڪجهه فيڪٽر هئا هڪ ته ڪميونسٽن ۽ قومپرستن جو اتحاد حالانڪه سائين جي ايم سيد 4 مارچ واري واقعي کان پهرينNAP  ڇڏي ڏني هئي. سائين جي ايم سيد پاڪستان سطح تي ليفٽ کان الڳ ٿيو پر سنڌ ۾ اتحادي رهيو. جنهن کانپوءِ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس ٺهي جنهن ۾ عبدالحئي پليجو، شاهه محمد شاهه، اعجاز قريشي ان کان الڳ ٿيا. ان وقت هارين، اديبن ۽ شاگردن ۾ هڪ ئي وقت تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو هو ۽ سڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا. اهي سڀ گڏجي ايئن ڪم ڪندا هئا جو خبر ڪونه پوندي هئي ته ڪنهن جو تعلق ڪهڙي پارٽيءَ سان آهي. سائين جي ايم سيد پنهنجي الڳ پارٽي اڃا ڪونه ٺاهي هئي، سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ سطح جي پهرين منظم آرگنائيزيشن هئي. ان کي پهرين ضلعي سطح تي منظم ڪيو ويو. پوءِ ان جو گڏيل ڪنوينشن سڏرايو ويو ۽ اڳتي هلي اها سنڌ سطح جي بڻجي وئي. جڏهن ايوب خان خلاف تحريڪ هلي وري جڏهن يٰحيٰ خان آيو پوءِ ون يونٽ ٽوڙڻ مهل سياسي نقطهءِ نظر ۾ فرق چٽو نظر ٿو اچي ته ون يونٽ چونڊن کان اڳ ٽوڙجي يا پوءِ ٽوڙجي، ڪراچي سنڌ سان رهي نه رهي. پارٽي جي سوچ ۾ ورهاڱو ٿيو. پهرين ورهاڱو جيڪو مون ڏٺو اهو پرو ماسڪو ۽ پرو بيجنگ گروپن ۾. جنهن جي بنيادن تي ڪميونسٽ پارٽي ٻن گروهن ۾ ورهائجي وئي. ان ۾ هاري فرنٽ جو هڪ ٻئي نقطي تي انچارج ڪامريڊ عزيز سلام بخاري هو، هن حيدرآباد کان هيٺ ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان تائين سڄي هاري فرنٽ کي منظم ڪيو ۽ پرو ماسڪو گروپ ان ڪري سگهارو پئي ٿيو جو ان سان گڏ مزدور فرنٽ پارٽي جو تنظيمي ڍانچو، هاري فرنٽ ۽ سياسي فرنٽ جو مکيه حصي سان گڏوگڏ قومپرست ڌريون شامل هيون باقي سنڌ ۾ ٻي ڪا پارٽي هئي ئي ڪانه. ان کان اڳ پليجو صاحب پاڻ به NAP ۾ هو ۽ حيدرآباد ضلعي جو صدر به رهيو آهي.

ڊاڪٽر اشوٿاما: توهان جو صحافت ۾ اچڻ اتفاق هو يا سوچي سمجهي آيا؟

سهيل سانگي: سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن کي ٻيهر منظم ڪرڻ ۾ منهنجو اهم ڪردار آهي. آئون پارٽي جي فرنٽ انچارج طور سالن تائين ڪم ڪندو رهيس، ان وقت اسان “پرهه ڦٽي” جي نالي سان هڪ رسالو ڪڍندا هئاسين ان جا ڪم هوندا هئا ان سان گڏ پمفليٽ ڇپرائيندا هئاسين، پارٽيءَ جون پريس رليز ان ڪري اخبار وارن سان واقفيت ٿي پوءِ وري اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيم. ان کانپوءِ عبرت اخبار ۾ شامل ٿي ويس. ايم اي انگلش ڪرڻ کانپوءِ نوڪري جي ڳولها شروع ڪيم، اسان جي ڪامريڊ سليم قاضي جي ڪراچي ۾ به جاءِ هوندي هئي، هڪ دفعو ڪاليج ليڪچرار شپ جو انٽرويو ڏيڻ لاءِ ڪراچي ويس ساڻس ملاقات ڪيم، واپسي ۾ هن چيو ته آئون به حيدرآباد ٿو هلان ساڻس گڏجي سندس جيپ ۾ ويٺس هاءِ وي تي مون کان پڇيائين ته نوڪري ڪري تون ڇا ڪندين، چيائين ته آئون سنڌ نيوز جي نالي سان اخبار ٿو ڪڍان، اها جوائن ڪر. اخبار جون تياريون شروع ٿيون شيخ عزيز ايڊيٽر هو، ٻئي نمبر تي اٿارٽي مون وٽ هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جو دورو ڪيوسين، پوسٽر لڳاياسين؟ نمائندا چونڊياسين ايئن صحافت ۾ داخل ٿيس.

منظور ٿهيم: اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي پر صحافتي قدر پامال ٿي رهيا آهن. سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا جو مستقبل توهان کي ڪيئن ٿو نظر اچي؟

سهيل سانگي: سڄي ملڪ ۾ اڄڪلهه ڪمرشل ازم يا اوور ڪمرشل ازم واري صحافت ٿي رهي آهي ڪارپورٽ ميڊيا آهي، صحافت هاڻي صنعت ٿي وئي آهي پر پوءِ به صحافت هڪڙو واحد پيشو آهي جنهن ۾ صحافي پئسا وٺڻ کانسواءِ به خبر کي ضرور هلائيندو. ڪنهن پريس ڪلب اڳيان ٿيندڙ مظاهري کي ضرور رپورٽ ڪيو ويندو. اها منهنجي خوشنصيبي آهي جو سنڌي صحافت ۾ مزاحمت جي صحافت جو پايو وجهڻ جو ذمو تاريخ منهنجي ڪلهن تي رکيو. اسان جيڪو عوامي آواز جي نالي سان پروجيڪٽ شروع ڪيو ان ۾ اسان ڀرپور ڪوشش اها ڪئي ته پنهنجا نمائندا ڪميونسٽ تحريڪ سان لاڳاپيل رکون جتي اهي نه مليا اتي اسان سياسي ورڪرن کي چونڊيو. ميان افتخار الدين وارو پاڪستان ٽائيمز ۽ امروز جو ماڊل منهنجي ذهن ۾ هو، ايئن ڄڻ اسان هڪ نئين صحافت شروع ڪئي. اسان نئين سنڌي صحافت جا بنياد رکيا ۽ اهي اڄ به اوترائي اثرائتا آهن. ان کانسواءِ ڪجهه شيون تبديل ٿيون آهن اهي رڳو هتي ڪونه ٿيون آهن، اهي سياسي پارٽين ۾ به ٿيون آهن. اخبارن ۾ مشروم گروٿ ٿي آهي. سنڌي هجي ياso called  مين اسٽريم ميڊيا انهن ۾ ايترا ماڻهو به ڪونه آهن جن کي پروفيشنل نيوز هيڊ طور مقرر ڪري سگهن. ان کانسواءِ سياسي ۽ صحافتي تنظيمن ۾ به مذهبي رجحان گهڙي پيا آهن جيڪا سٺي ڳالهه نه آهي. ان کانسواءِ اخباري مالڪن جو به رويو نان پروفيشنل ٿي ٿو وڃي ته ان جو اثر هيٺ تائين نظر اچي ٿو. صحافت ۾ سياسي يا ماڻهن سان ڪمينٽمينٽ وارن ماڻهن جو اچڻ بند ٿي وڃي ۽ پروفيشنلزم جي کوريءَ مان پچي نڪتل نه هجن ۽ سکيا نه هجي ته صورتحال ڇا بيهندي؟ ان ڳالهه کي توهان وساري ڇڏيو ته سنڌي پريس پازيٽو ڪردار ادا ڪندي. ان تي مون پورو هڪ پيپر لکيو آهي. آئون 5 سال اسلام آباد ۾ هئس مون کي سڄي اسلام آباد ۾ رڳو ٽي صحافي مليا جن کي آئون چئي سگهيس ٿي ته هي واقعي صحافي آهن، هڪڙو ظفر عباس، ڊان جو ضياءُ الدين، ٽيون شڪيل احمد. ڪي سياسي پارٽين سان بيٺا آهن ته ڪي ايجنسين سان بيٺا آهن جڏهن اتي اها حالت لڳي پئي آهي ته هتي توهان ڪيئن ٿا اميد رکي سگهو ته صحافت پروفيشنل ازم سان ڪئي ويندي.

زاهده ابڙو: سنڌ ۾ هينئر حقيقي سياسي ليڊرشپ نظر نٿي اچي ان جا نتيجا ڇا نڪرندا؟

سهيل سانگي: سنڌ جي قومپرست سياست ۾ ٽي شيون مکيه رهيون. هڪڙو ون يونٽ هئي ٻيو لئنگويج ان کانسواءِ نوڪريون ۽ پاور ۾ شيئرنگ. ڀُٽي پنهنجي دور ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون. جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ مڊل ڪلاس پيدا ٿيو. هي اهو طبقو هو جيڪو شاگرد هو ۽ ان ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هو. اسان جي معاشري ۾ مڊل ڪلاس ٻيو ڪرپشن ذريعي به پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪرپشن نه هجي ها ته اڄ قاسم آباد اهڙو نه هجي ها. ايوب خان جي سبز انقلاب جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ جيڪو مڊل ڪلاس پيدا ٿيو پوءِ اهو ئي ايوب خان جي خلاف ٿي بيٺو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهو ساڳيو ئي ڪلاس وري ڀُٽي جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. اڄ جوVocal  ڪلاس مختلف آهي. ان جون گهرجون ۽ مطالبا مختلف آهن. پراڻن مطالبن تي کين گڏ بيهاري نٿا سگهو. سنڌي معاشري ۾ مختلف طبقن جا پرت(Sub Class)  به وڌيا آهن. کين هڪ نعري، هڪ بيانيه، هڪ ڇٽيءَ هيٺ آڻڻ سولو ڪم ناهي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته هتي اسان وٽ گهڻائي موقعا آيا ۽ مختلف ماڻهن انهن مان ڀرپور فائدو ورتو. اهو مظهر رڳو سنڌ ۾ ناهي، دنيا ۾ جتي ڪٿي قومپرست تحريڪن ۽ ترقي جي مرحلن ۾ اهڙا اظهار ملن ٿا. توهان کي هر تر مان اهڙا ماڻهو ملي ويندا جنهن کي محترمه بينظير ڀٽو مطابق “اليڪٽبل” چئجي ٿو. جن وٽ پيٽرول پمپ، زرعي ڀاڻ، دوائن يا ٻج جو ڪاروبار، ٿوري زمين، شهرن ۽ ڳوٺن ۾ گهر، اٿي ويٺي، راڄ ڀاڳ به هوندو آهي، هن وقت اهڙا سوين ماڻهو آهن. هاڻي انهن کي وري اسان ٻن ڪلاسن ۾ ورهائي سگهون ٿا. هڪڙو شهري ۽ ٻيو وري ٻهراڙي سان تعلق رکندي به ڪمرشلائيزڊ ڪلاس آهي، اهو پيپلز پارٽي سان گڏ به بيهي ٿو ۽ ان جي مخالفت به ڪري ٿو. منهنجي نظر ۾ اهي سياسي پارٽيون نه پر ننڍا ننڍا پريشر گروپ آهن. جن کي سئو پنجاهه ماڻهو کپن. ماضيءَ ۾ سياست ايئن نه ٿيندي هئي بلڪه ماڻهن ۾ پاڙون ٺاهڻ جي سياست ٿيندي هئي. اسان کي جڏهن وئڪيشن ملندي هئي ته اسان هارين وٽ ويندا هئاسين. پوءِ وري اسان جا جيئي سنڌ جا ڪجهه ڪارڪن هئا جن ۾ ناز سهتو ۽ گل ملاح جهڙا همراهه هئا اهي به انهيءَ ساڳئي طريقي سان هارين وٽ ۽ ٻهراڙين ۾ ويندا هئا. هاڻي ٻهراڙي ۾ ڪير وڃي ئي نٿو، ٻهراڙين ۾ هاڻي وڃي ٿو مُلان. اڳي سياسي ڪم ۾ رڳو اسٽيٽ ايڪٽرز کي منهن ڏيڻو پوندو هو پر هاڻي مختلف شڪلين ۾ نان اسٽيٽ ايڪٽرز به موجود آهن، جن کي حساب ۾ آڻي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هن وقت سياسي پارٽيون پنهنجي آئيڊيالاجي تي ڪم نه ڪري رهيون آهن جيڪو ڪم هيستائين ٿيو آهي اهو ڪميونسٽن ڪيو. اسان روس جي ٽٽڻ جي ڪري مار کائي وياسين. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي ڪميونسٽن ۽ کاٻي ڌر وارن جي سهاري تي بيٺي هئي. انهن ليفٽ جي ڌرين ئي ايم آر ڊي تحريڪ توڙي پيپلز پارٽي کي هائيجيڪ ٿيڻ کان بچايو قومپرستن ڪڏهن به انساني حقن جي لاءِ ويڙهه ڪونه ڪئي هارين، مزدورن عام ماڻهن جي حقن لاءِ نه جاکوڙيو ۽ ڪڏهن به مذهبي انتها پسندي لاءِ اٿي ڪونه بيٺا آهن. اڄ اسان سڀ ان شيءِ کي ڀوڳي رهيا آهيون. اڄوڪي دور ۾ اسان وٽ وسيلا به وڌيڪ آهن ۽ مين پاور به آهي ۽ جيڪي ڪم ڪرڻ گهرن ٿا انهن کي 40 جي ڏهاڪي واري تحريڪ وري شروع ڪرڻ کپي، ماڻهن جي اندر وڃڻ کپي ۽ انهن کي موبلائز ڪرڻ کپي. سياسي پارٽي ۽ تحريڪ ٻه الڳ شيون آهن، ڪميونزم ۽ نيشنلزم تحريڪون آهن. تحريڪ هلائڻ لاءِ توهان کي بنهه گهڻن ماڻهن جي ضرورت نه هوندي آهي، ٻه هزار ماڻهو ٻن لکن تائين پهچي سگهن ٿا پر انهن کي اثرائتو هجڻ کپي.

ڊاڪٽر اشوٿاما: سنڌ جي سياست ۾ دهشتگردي ۽ گوريلا وار وارو ايليمينٽ شامل ٿيو جڏهن ته سنڌ جي سياست امن ۽ نظريي واري هئي ان لاءِ توهان ڇا چوندا؟

سهيل سانگي: افغان جنگ جي ڪري اسان وٽ هٿيارن تائين پهچ عام ٿي وئي آهي ٻيو طالبان فيڪٽر آهي جنهن سان سياسي گروهن ۾ خيال پيدا ٿيو ته دهشتگردي سان حڪومت تي دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو. اسان وٽ جيڪا به پوليٽيڪل ليڊرشپ ٺهي هئي اها سڄي ڊهي پئي. اسان وٽ ڪابه اهڙي پوليٽيڪل پارٽي ڪونهي جنهن جي اسٽوڊنٽ ونگ منظم طريقي سان هلندي هجي. پيپلز پارٽي هڪ وڏي پارٽي هجڻ باوجود به اسٽوڊنٽ ونگ هلائي نٿي سگهي. سياسي جماعتن جي شاگردن ۾ دلچسپي ختم ٿي وئي آهي. يونيورسٽين ۾ رينجرز کي ويهاري سياست کي ختم ڪيو ويو هنن جو چوڻ هو ته اهي ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ ويٺا آهن ۽ ڪنهن حد تائين اها ڳالهه حقيقت به آهي پر ان جي نتيجي ۾ اوهان جي تعليمي ادارن مان سياست ختم ٿي وئي جتان ليڊر شپ نڪرندي هئي.

منظور ٿهيم: سنڌ جو مستقبل ووٽ ذريعي تبديل ٿيندو يا توهان ان کي ٻئي ڪنهن طريقي سان ٿا ڏسو؟

سهيل سانگي: ارڙهين آئيني ترميم بعد صورتحال گهڻو تبديل ٿي آهي. هونئن به جيڪا شيءِ مون کي نظر اچي ٿي اُها اِها آهي ته سنڌ وفاق جو حصو آهي ۽ سنڌ جي عوام بار بار پنهنجي عمل سان اهو ظاهر ڪيو آهي ته هو وفاق جو حصو بڻجي رهڻ ٿو چاهي. پيپلز پارٽي بنيادي طور پنجاب جي پارٽي رهي آهي. 1970ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ مان نه پر پنجاب مان کٽيو. نيشنل اسيمبلي جي ته مون کي ياد ڪونهي پر صوبائي ۾ 60 مان 28 سيٽون حاصل ڪيون. سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ به ڪونه هئي. راڻا چندر سنگهه شامل ٿيو، ان کانپوءِ هڪ ٻيو شامل ٿيو اهي وڃي 30 ٿيا. “سنڌ جي ترقي پسند آبادگار” پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ پيپلز پارٽي وري ان کي ٺاهيو. اڄ ڏينهن تائين جيڪي به پيپلز پارٽيءَ جون پاليسيون آهن اهي سڀ ان زميندار جي لاءِ آهن جيڪو پيپلز پارٽي سان گڏ بيٺو آهي. ان ڪري اسان کي اهو سمجهڻ کپي ته سماج ۾ شعور ايندو ته سنڌ جي حالت تبديل ٿيندي. سنڌ جي ماڻهوءَ کي پاڻ کي بين الاقوامي ڪميونٽن سان ڳنڍڻو پوندو ۽ پنهنجي شعور جي سطح کي وقت جي مطابق وڌائڻو پوندو.

ڊاڪٽر اشوٿاما: پنجاب ۾ صنعتي ترقي جي ڪري نئون پوليٽيڪل مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي، هاڻي سندن مليٽري تي دارو مدار گهٽجي ويو آهي. ساڳئي طرح سان سنڌ ۾ به سيڙپڪاري ٿي رهي آهي ۽ نوان پوليٽيڪل ايڪٽرز پيدا ٿي رهيا آهن معاشري ۾ کليل اظهار جي آزادي آهي، ان سڄي تبديلي جي ڪري ڇا توهان کي سنڌ ۾ سياسي تبديلي جو امڪان نظر اچي ٿو.

سهيل سانگي: پنجاب جي حد تائين جيڪا توهان جي ڳالهه آهي اها صحيح آهي پر سنڌ ۾ ان نئين طبقي پنهنجو سياسي اظهار ۽ سڃاڻپ نه ڪرائي آهي. اليڪٽبلز تقريبن هر جاءِ تي موجود آهن. سنڌ ۾ جيڪو هڪ شهري مڊل ڪلاس پيدا ٿيو آهي اهو سوسائٽي ۾ اڃان ان ميچوئرٽي تائين نه پهتو آهي جو ڪو سياسي اسٽينڊ وٺي سگهي ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ڪرائي. پليجي ۽ قادر مگسي ڪوشش ڪئي پر ڪري نه سگهيا. قاسم آباد ۾ رهڻ وارن ماڻهن کي ئي ڏسو ته هو پنهنجو ووٽ هتي ڪاسٽ ڪرڻ بجاءِ ڳوٺ ۾ وڃي ڪاسٽ ڪن ٿا. سنڌي ماڻهو شهري ٿيڻ کانپوءِ به شهري اثر ڏيکاري نه پيو سگهي. سياست جا جيڪي ٻيا پاسا آهن انهن جو جيڪڏهن تجزيو ڪيو وڃي ته جيڪي مظاهرا ٿين ٿا اهي ڪيترا سگهارا آهن. ٽيون جيڪو سماج پنهنجو اثر ڏيکاريندو آهي اهو روز مره جي معاملن تي ان جو رد عمل هوندو آهي. قاسم آباد ۾ پاڻي سيوريج، روڊ، صفائي، جيڪي به مسئلا آهن انهن تي اهو ساڳيو ماڻهو ڪوبه آواز نٿو اٿاري پر ان جي نسبت ۾ جيڪڏهن ڳوٺن ۾ ڏٺو وڃي ته ساڳيا ماڻهو پنهنجن ننڍن ننڍن مسئلن تي پريشر گروپ ٺاهي اثر وجهن ٿا. ڇاڪاڻ جو اهي معاشي طور اڃان تائين ٻهراڙين سان ڳنڍيل آهن. ان کانسواءِ سوسائٽي ۾ توهان جو اثر هجڻ به ضروري آهي. عوام قومپرستن تي ڀروسو نٿي ڪري ڇو ته هو ووٽ جي سياست ئي نٿا ڪن ۽ نه ئي ماڻهن جا مسئلا حل ٿا ڪن. پنجاب جي ماڻهن جو روزگار جو ذريعو زراعت يا فوج ۾ ڀرتي هو ان کانپوءِ اتي صنعتڪاري ٿي ۽ پوءِ انهيءَ صنعتڪار ڪلاس پارٽي تي اثر وجهڻ شروع ڪيو ۽ ان جي پٺيان اسٽيبلشمينٽ به بيٺل هئي. ان جو سبب اهو هو ته پنجاب جو زراعت سان تعلق رکندڙ سياستدان پيپلز پارٽي سان بيٺل هو. اسان جي ماڻهو جو زور آهي ته سرڪاري نوڪري ڪيئن به ڪري حاصل ڪجي. اسان پيپلز پارٽي جي ٺهيل مڪينزم جو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سدائين شڪار ٿيندا ۽ حصو رهندا آيا آهيون. منهن نٿا ڏيون، صورتحال کي منهن صرف اسان هڪڙي ئي دور ۾ ڏنو اهو هو مشرف جو دور. مشرف سرڪاري نوڪريون بند ڪيون، ترقياتي ڪم روڪيا، مشرف جي دور ۾ اسان وٽ ڏاڍو سٺو ٽئلنٽ پيدا ٿيو.

ڊاڪٽر اشوٿاما: ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهوءَ جو ماضي، حال ۽ مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟

سهيل سانگي: ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ماڻهو ڪاروبار، نوڪرين ۽ تعليم ۾ موجود ئي نه هو. 18 سال ڪراچي گادي جو هنڌ رهيو جيستائين ون يونٽ ٽٽي ٿو پوءِ وري سنڌ جو حصو ٿئي ٿو. پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ سنڌ گادي جو هنڌ ته ٺهي ويو پر ان جي انتظاميه وفاق جي هٿ ۾ ئي رهي آهي. ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ جڏهن سنڌ جو ماڻهو هتي پهتو ته بلڪل وائڙو هو. سنڌي مهاجر هڪٻئي کي اجنبي پيا سمجهن جيڪي ماڻهو انڊيا مان لڏي آباد ڪيا ويا انهن جو خيال اهو هو ته ڪراچي جو مالڪ وفاق آهي. اتان کان هڪ نئون دور شروع ٿئي ٿو، ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ لڏي آيل ڌرين پنهنجو پاڻ کي يتيم ۽ بي سهارا محسوس ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن مان ماڻهن اچي ڪراچي جي ماڻهن سان نوڪرين ۾ حصيداري ڪئي. جيڪو سندن حق هو جنهن کان ڀُٽي خانگي سيڪٽر کي قومي دولت ۾ شامل ڪيو جنهن جو دور تقريبن ڇهه ست سال هليو، جنهن ۾ هڪ ليبر موومينٽ هلي. اردو ڳالهائيندڙ کي سنڌي قومپرست پنهنجو دشمن نه پئي لڳو جيترو ان کي پيپلز پارٽي پئي لڳي. اتان کان انهن جو پاڻ ۾ اٽڪاءُ شروع ٿيو. ڇو ته قومپرست جو پاور سان ته ڪو تعلق ئي نه هو پر پيپلز پارٽي ته پاور شيئرنگ ۾ وڏو حصو پئي کڻي. عملي طور اتان ئي پاليسيون مٿن اثر انداز پيون ٿين. سنڌي جيڪي اڳ بيورو ڪريسي ۾ گهٽ هئا اهي به آيا. ڪجهه ماڻهو اهڙا هئا جن کي ايوب ۽ ڀُٽي نوڪرين مان ڪڍيو، جنهن ڪري هو تنهائي جو شڪار ٿي ويا. تعليم هنن وٽ هڪ اهڙي فيلڊ هئي جنهن کي هنن ڪافي مضبوط ڪيو. ان کي به ڀُٽي نيشنل لائز ڪري ڇڏيو، پوءِ ڪجهه ماڻهو پرائيويٽ پبلڪ سيڪٽر مان پڙهي آيا انهن اچي هتي هنن سان مقابلو ڪيو، جائز ناجائز مقابلي ۾ آيا ڪجهه ڪوٽا ۾ آيا، جنهن جو هنن ري ايڪشن ڏيکاريو. 1969ع ۾ اوچتو هنن کي احساس ٿيو ته ڪراچي هاڻي وفاق کان الڳ ٿي سنڌ جو حصو بڻجي وئي آهي، تنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي يڪدم پاور ۾ آئي ۽ سنڌ صوبو ٺهي ويو. پوءِ ٻهراڙين ۽ ننڍن شهرن مان ماڻهن ڪراچي لڏڻ شروع ڪيو جيڪو فطري به هو ۽ سندن جائز حق. هاڻي انهن کي ڪير به روڪي نه پيو سگهي. پيپلز پارٽي جي جاءِ تي جيڪڏهن ڪا ٻي پارٽي هجي ها ته اها به نه روڪي سگهي ها پر جيئن ته پيپلز پارٽي ان وقت حڪومت ۾ هئي ان ڪري انهن جو پاڻ ۾ سياسي ٽڪراءُ ٿيو. ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته صوبي بحال ٿيڻ بعد ڪابه پارٽي هجي ها ائين ئي ڪري ها جيئن پيپلز پارٽي ڪيو، اهو ڪو پيپلز پارٽي جو احسان ڪونهي.

ڊاڪٽر اشوٿاما: ٿر جي ڪوئلي کان پهرين ۽ پوءِ واري صورتحال جو تجزيو ڪيئن ڪندا؟

سهيل سانگي: ان جي لاءِ ٻه ڳالهيون سمجهڻ ضروري آهن، ورهاڱي کانپوءِ 35 سالن تائين بئراج واري علائقي تائين روڊ ٺهڻ نه پيا ڏين ته سيڪيورٽي جا مسئلا آهن. ايتري قدر جو بئراج علائقي مان ٿر ڏي ڪڻڪ جو مڻ به کڻي وڃڻ تي پابندي رهي.  1971ع واري جنگ ۾ جيڪڏهن خبر پوي ها ته هتي ڪوئلو موجود آهي ته پاڪستان انڊيا کي قبضو ڪرڻ نه ڏي ها ۽ جيڪڏهن انڊيا قبضو ڪري وڃي ها ته انڊيا ڇڏي نه ها. ٿر ته سڀني کي تڏهن ئي ياد آيو جڏهن اتان ڪوئلو نڪتو.

منظور ٿهيم: ٿر جي ترقياتي منصوبن کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟

سهيل سانگي: ترقياتي منصوبا ظاهري ڳالهه آهي وقت جي ضرورت هوندا آهن ۽ انهن سان اتي خوشحالي به ايندي آهي پر اها لاڳاپيل هوندي آهي، جيستائين توهان اتان جي مقامي ماڻهو کي اونر شپ ڪونه ڏيندا تيستائين خوشحالي نٿي اچي سگهي. وچ اوڀر وارا جيڪي به ملڪ آهن جتان تيل نڪري ٿو. آئل ڪمپنين جيڪو به اتي ڪم ڪيو اونر شپ اتان جي عوام جي رهي، ڪوبه ڌاريو ماڻهو اتي اچي ڪوبه ڪاروبار اڪيلي سر نٿو ڪري سگهي نه ئي ڪا پراپرٽي وٺي سگهي ٿو. اتان جي مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو قانوني تحفظ حاصل آهي، ان شيءِ جي سخت ضرورت آهي ته اسان ٿر جي ماڻهو کي انهن ترقياتي منصوبن سان گڏوگڏ تحفظ به فراهم ڪريون. حالانڪه گهڻن ملڪن ۾ بادشاهتون آهن پر ان هوندي به انهن پنهنجن ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو آهي. انگريزن جيڪا ٿر جي لاءِ لئنڊ پاليسي ڏني هئي، اها ٿر جي پنجن قسمن جي پاليسي آهي. هڪڙي رهائشي، ٻي آسائشي، ٽين گوئچر، چوٿين زرعي ۽ پنجين فاريسٽ زمين آهي. اها پاليسي اتان جي ماحوليات ۽ معيشيت کي هٿي ڏئي ٿي. هاڻي ترقياتي منصوبن وارن جو چوڻ آهي ته هو اتي وڻ پوکيندا، وڻ اهڙا ئي پوکيندا جيڪي هنن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پوکيا آهن جن جي نه ڪاٺي ڪم جي، نه پن، گل ۽ ٻج ڪنهن ڪارج جو آهي نه ڇانو ڏيئي سگهندا، ڪنهن به طرح سان اهي ماحوليات جي لاءِ فائديمند نه آهن. هن وقت ته مالدار ماڻهو پنهنجي مال کي چاري ٿو ڇو ته انهن جي لاءِ انگريز جي ٺاهيل لئنڊ پاليسي جي مطابق انهن کي اهو حق حاصل آهي. سڀاڻي اينگرو جي لڳايل وڻن کي جڏهن اتان جو مال چاريندڙ ماڻهو ڪٽي پنهنجي مال کي کارائيندو ته ڇا ان جي هن کي موڪل هوندي؟ مسئلو ترقي جو آهي ته ٿرين کي به ترقي ڏياريو. مسئلو اصلوڪن رهاڪن جي حقن جو آهي، انساني حقن جو آهي.