سوشل ميڊيا تي شهيد فوجي آفيسرن خلاف پروپئگنڊا، جي آءِ ٽي قائم، جاچ شروع، شهيدن جو مذاق اڏائڻ خوفناڪ آهي: وزيراعظم
وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي بلوچستان ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۽ شهيدن خلاف سوشل ميڊيا تي منفي پروپئگنڊا ڪندڙ عنصرن لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پاڪ فوج جو جهاز ڪِرڻ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل ڇهن آفيسرن خلاف منفي پروپئگنڊا ڪندڙ عنصرن خلاف جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي آءِ ٽي به جوڙي ڇڏي آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جي ايڊيشنل ڊي جي، جي سربراهي ۾ چئن آفيسرن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي آهي. ايف آءِ اي موجب ايڊيشنل ڊي جي سائبر ڪرائيم ونگ محمد جعفر جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جاچ ڪندي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر آپريشن سائبر ڪرائيم ونگ نارٿ وقار الدين سيد، ايڊيشنل ڊائريڪٽر اياز ۽ عمران حيدر به جاچ ٽيم جو حصو هوندا. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي شهيدن جي قربانين جي تذليل ۽ توهين ڪندڙ سوشل ميڊيا مهم خوفناڪ آهي، اهو فڪر جو لمحو آهي ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي خود پرستي تي ٻڌل سياسي بيانو ٺاهيندا آهن، هي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر ڀريندا آهن ۽ نفرت انگيز تقريرن کي هٿيار بڻائيندا آهن. وزيراعظم سوال ڪيو ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون؟ هي لمحو گهري سوچ جي تقاضا ڪري ٿو.

