سوشل ميڊيا جي مشورن تي پلاننگ ناهيون ڪندا: پاڪستاني هيڊ ڪوچ

مصباح الحق جو چوڻ آهي ته اسين سوشل ميڊيا جي مشورن تي پلاننگ ناهيون ڪندا. پريس ڪانفرنس ۾ هڪ سوال تي مصباح الحق چيو ته مصروفيتن سبب وقت ناهي هوندو اسان کي اها به خبر ناهي هوندي ته سوشل ميڊيا تي ڇا هلي رهيو آهي. ڪڏهن ايئن ضرور ٿيندو آهي ته هڪ عام راءِ سان اتفاق سان اسان جو فيصلو به ان مطابق هجي، ان سان اهو تاثر پيدا ٿئي ٿو ته شايد اسان ماڻهن جي ڳالهين مان متاثر ٿي فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته هر ٽوئر جي باري ۾ تياريون ۽ غور فڪر پهرين کان ڪيو ويندو آهي، ممڪنه پلان به نظر ۾ هوندا آهن، اسين ان  مطابق فيصلا ڪندا آهيون.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments