سيف سميجو کان (جولاءِ 2016) ۾ ورتل انٽرويو

انٽرويو

سيف سميجو کان (جولاءِ 2016) ۾ ورتل  انٽرويو

زاهده ابڙو

همسري: پنهنجي شروعاتي زندگيءَ جي باري ۾ اسان جي پڙهندڙن کي ڪجهه ٻڌايو؟

سيف: مان خيرپور ۾ پيدا ٿيو هئس، ان کانپوءِ حيدرآباد اچي رهياسين. شروعاتي اسڪولنگ حيدرآباد ۾ ٿي، ان کانپوءِ وري ڪجهه وقت خيرپور ۾ رهياسين ۽ ڪجهه عرصو پنوعاقل ۾ به رهياسين وري حيدرآباد مان ڪاليج کانپوءِ يونيورسٽيءَ تائين تعليم پرايم. يونيورسٽيءَ دوران ڪجهه عرصو خاندان کان الڳ ٿي اڪيلو رهيس. ان دوران مون پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. ايئن چئي سگهجي ٿو ته مان هڪ سيلف ميڊ ماڻهو آهيان.

همسري: موسيقيءَ ڏانهن لاڙو ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو؟

سيف: ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو، بابا سان گڏ ميلن تي ويندو رهندو هئس، پر ڪڏهن ايئن نه سوچيو هئم ته هڪ پروفيشنل ڳائڻو ٿي ويندس. منهنجي ننڍي هوندي خواهش ته پوليس ۾ وڃڻ جي هئي ۽ خاندان وارن به اهو ئي پئي چاهيو پر خيرپور ۾ رهائش دوران هڪ بُڪ اسٽور تي وڃڻ ٿيندو هو، اتي سالن کان وٺي هڪ ڪتاب ڏٺم ان تي هڪ ڏاڙهي واري جي تصوير لڳل هئي. ان ماڻهوءَ جي اکين سان مون کي پيار ٿي ويو ۽ مون ان ڪتاب کي خريد ڪيو ته خبر پئي ته اهو اوشو جو ڪتاب آهي، جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ تبديلي آئي. ان کانپوءِ مون گوتم ٻڌ جي زندگيءَ کي پڙهڻ شروع ڪيو، پوءِ شاهه عبداللطيف کي پڙهيو. انهن شخصيتن کي پڙهڻ کانپوءِ سرڪاري نوڪريءَ وارو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيم. يونيورسٽيءَ دوران نيشنلزم ۾ آيس ۽ هڪ سيڪيولر سوچ پروان چڙهي. مختلف لٽريچر پڙهندي سوچ تبديل ٿيندي وئي جيڪا شيءَ ڪالهه وڻندي هئي اها اڻوڻندڙ ٿي وئي. اهو هڪ دور هو جنهن مان آئون گذري رهيو هئس. اهو ئي دور هو جڏهن موسيقيءَ ڏانهن وڌيڪ راغب ٿيس، جنهن ذريعي پنهنجو پاڻ کي ايڪسپريس ڪرڻ ئي صحيح لڳو. منهنجي لاءِ بنيادي اتساهه سنڌ ڌرتي هئي ۽ اڄ ڏينهن تائين آهي ۽ هاڻي اهو پيار بين الاقوامي حد تائين پهچي چڪو آهي. (مسڪرائيندي ان ۾ ٿورو حصو زندگيءَ ۾ ايندڙ ڪجهه ڇوڪرين جو به آهي).

همسري: تصوف ڏانهن توهان جو لاڙو ڪيئن ٿيو؟

سيف: انسان کي جڏهن تڪليف يا تنهائي ٿي ملي ته منهنجي خيال مطابق ان شخص ۾ اونهائي به پيدا ٿي ٿئي. هر انسان جي اونهائيءَ جون Layers به جدا جدا ٿينديون آهن. منهنجي زندگيءَ ۾ به اهڙو وقت آيو جنهن ۾ مان تصوف کان متاثر ٿيس. پهرين ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي پر بابا بُلي شاهه، سچل يا ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ جيڪا اونهائي ڏٺي آهي ۽ وري ڪجهه اهڙا ماڻهو گڏيا جن مون کي تصوف جي سوچ کان گهڻي آگاهي ڏني. اهي ماڻهو عام ماڻهو هئا جن سان گڏجي مون گهڻو ڪجهه سکيو. ان کانسواءِ مون ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد کي صوفياڻو راڳ ۽ موسيقي ٻڌندي ڏٺو ان جو به روح تي وڏو اثر ٿيندو رهيو.

همسري: توهان مذهب کي ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان جو تجربو ڪيئن ڪيو اَٿوَ؟

سيف: مذهب جو به هڪ خوبصورت رخ آهي، جنهن کي تجربو ڪرڻ جي ضرورت آهي. مذهب توهان جي اندر جو آواز آهي، اندر جي خاموشيءَ مان گذرڻ کانپوءِ ان کي صحيح طرح ايڪسپريس ڪري سگهجي ٿو. زندگيءَ ۾ هر ڪنهن کي ڪٿي نه ڪٿي Pause ڏيڻ گهرجي ته جيئن ان تجربي مان گذرڻ جو احساس ٿئي. مذهب هزارين سالن جو سفر طئي ڪيو آهي ۽ اسان به ابن ڏاڏن سان هلندي اڄ هتي پهتا آهيون، هيءُ هزارين سالن جي سوچ جو سفر آهي، مان مذهب مان لطف اندوز ٿيندو آهيان، منهنجو انداز مختلف آهي. جڏهن توهان پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ٿا پنهنجي اندر ۾ لهو ٿا ته توهان تي ڪيترائي راز اسرار ۽ ڳجهه کُلن ٿا. جيئن ته ميوزڪ، ڊانس اهي به پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ جا وسيلا آهن. توهان ايئن چئي سگهو ٿا ته صوفياڻو راڳ منهنجو مذهب آهي.

همسري: لاهوتي سلسلي سان اوهان هڪ سرگرمي ڪندا آهيو، ان جا مقصد ڇا آهن؟

سيف: ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو سوچيل سمجهيل عمل لڳندو آهي ته ڪڏهن ان جي ابتڙ لڳندو آهي. ننڍي هوندي مون پنوعاقل ۾ رهندي هڪ پُرامن ۽ رنگين ميلن سان ڀرپور زندگي ڏٺي هئي. اتي مندرن ۾ فيسٽيول ٿيندا هئا ته سڀ گڏجي ملهائيندا هئاسين. اتي مندرن ۾ ميوزڪ کي مان ڏاڍو انجواءِ ڪندو هئس پر پوءِ زندگيءَ ۾ گهڻيون نفرتون به ڏٺيونسين. منهنجي من ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ احساس هو ته مان هڪ اهڙو سلسلو شروع ڪريان جنهن ۾ هر مذهب جو فنڪار مدعو ڪيان، شروع ۾ هندو فنڪارن کي ڊپ لڳندو هو پر پوءِ آهستي آهستي سنڌ مان فنڪار اچڻ لڳا، شاعر ۽ موسيقار اچڻ لڳا. هڪڙي بالڪونيءَ ۾ گڏجي ويهندا هئاسين. هن لاهوتي سيشن ۾ ڪيترائي فنڪار ايندا آهن جن ۾ ننڍا وڏا فنڪار شامل آهن، جن فنڪارن کي مڃتا ناهي ملي انهن کي گهرائيندا آهيون ته اهي هتي اچن ۽ ٻين سان گڏجي ويهي ڪجهه سکن ڪجهه سيکارين. ان کانسواءِ صحافين کي به مدعو ڪندا آهيون ته جيئن اسان جي سيشن جي خبر دنيا وارن تائين به پهچي. ان ۾ جيڪي فنڪار پرفارم ڪندا آهن انهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي رکندا آهيون ته جيئن سنڌي لوڪ فنڪار کي ماڻهن تائين رسائي سگهون، اهو اسان جو مقصد آهي ته سنڌي فنڪار ٻين فنڪارن سان لهه وچڙ ۾ اچن ته جيئن انهن ۾ اعتماد جي بحالي ٿئي ۽ انهن جي فن ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ جو مقصد به پورو ٿي رهيو آهي. اهو سلسلو هڪ تمام وڏو ڪم آهي جيڪو جاري رهندو. ان کان علاوه اسان جي ٽيم به مختلف هنڌن جا دورا ڪندي رهندي آهي جنهن ۾ اتان جي لوڪ فنڪارن سان گڏجي ويهندا آهيون. انهن جون پرفارمنسز رڪارڊ ڪندا آهيون ۽ پوءِ انهن کي سوشل ميڊيا تي متعارف ڪرائيندا آهيون.

همسري: “اسڪيچز” نالي پٺيان ڪهڙي سوچ هئي؟

سيف: اهو نالو نوجوانيءَ ۾ رکيو هو شايد اڄ جيڪڏهن رکان ته ڪو ديسي نالو رکان ها. “اسڪيچز” جو مطلب بنيادي خاڪو يا خيال کڻي چئجي ان حساب سان رکيو هئوسين.

همسري: بئنڊ ٺاهڻ وقت ڪهڙا مسئلا درپيش هئا؟

سيف: بنيادي مسئلو ته هميشه فنانس جو ئي رهيو، ٻيو ته اسان جو ٻڌندڙ صرف سنڌي هو، اسان سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ به گانا ڳايا پر منهنجو شوق شاهه جي وائي ڳائڻ جو وڌيڪ رهيو. اسان جي گانن کان پهرين ايم. ٽي. وي، اي. آر. واءِ يا انڊس ٽي. وي تي ڪڏهن به سنڌي گانا نه هلندا هئا. منهنجو اهو ضد هو ته اهي چئنلز سنڌي ميوزڪ ڇو نٿا هلائين. ڪانسرٽس جي دوران انڊسٽري وارن کي چوندو رهندو هئس ته ٻين فنڪارن جي علائقائي ٻولين ۾ ڳايل نغمن کي جاءِ ملي ٿي پر علڻ فقير ۽ عابده پروين جي صرف اردو ۾ ڳايل نغمن کي جاءِ ڇو ٿي ملي. اسان شروع ۾ هڪ گانو رڪارڊ ڪري جيو تي ڏنوسين ته اهو نه هليو پر ايم. ٽي. وي تي هليو، جنهن کانپوءِ جيو وارن به هلايو، پر اسان جي تمام سٺي ڪوالٽيءَ جي ڪري سنڌي چئنلز ان کي نه هلايو. اسان ڪوالٽيءَ تي ڪڏهن به ڪمپرومائيز نه ڪيو آهي. اسان انٽرنيٽ تي هڪڙو فين بيس ڪافي اڳ ۾ ئي ٺاهي چڪا هئاسين جنهن ۾ انڊيا جا سنڌي اسان جي گانن کي ٻڌي لطف اندوز ٿيندا هئا. جنهن کانپوءِ “مون ۾ تون موجود” ۽ “رات آئي وئي” ايئر ٿيا. اسان وٽ پنهنجو اسٽوڊيو ڪونه هو هتان ٽي چار دفعا ڪراچي وڃي رڪارڊنگ ڪرائي سين. شروع شروع ۾ خرچ تمام وڌيل هئا ننڊون ڦٽل هونديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن رستي جي پاسي تي گاڏي بيهاري ننڊ ڪري پوءِ اڳيان وڌندا هئاسين. بس جنون هو جنهن پئي اڳيان ڌڪيو. ڪجهه ماڻهو پئسا کائي ويا. منهنجي ۽ منهنجن ساٿين جي ڪوشش هميشه اها هئي ته بينڊ نه ٽٽڻ کپي. ان لاءِ جيڪڏهن ڪو فرد هليو به ويندو هو ته مان هميشه پاڻ کي پُرسڪون رکيو ته هر انسان کي آزادنه فيصلي جو حق آهي ۽ دکي نه ٿيس. هاڻي ته اسان جي بينڊ کي بين الاقوامي ميڊيا به فيچر ڪري رهي آهي.

همسري: هڪ فنڪار جي حيثيت سان نئين سنڌي شاعري کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ شاهه کانسواءِ ٻي ڪهڙي شاعر کي شوق سان ڳايو آهي؟

سيف: شاعر ته تمام گهڻا آهن ۽ تمام سٺا سٺا موجود آهن پر مون اڃان گهڻو نه پڙهيو آهي. شاهه، اياز ۽ سچل کانسواءِ مون حسن درس، بخشڻ مهراڻوي ۽ آسي زميني کي ڳايو آهي. شاهه عبداللطيف کي ڳائڻ کان علاوه مون بابا بُلي شاهه کي تمام گهڻو ڳايو آهي. ان کانسواءِ سچل ۽ اياز کي به گهڻو ڳايو اٿم. سچي ٻڌايان ته سچل کي ڳائڻ وقت مان ڏاڍو جذباتي ٿي ويندو آهيان. اسان جي لفظن ۾ به جادو ٿئي ٿو. ڀٽائي کي ڳائڻ وقت الائي ڇو تمام گهڻو سڪون ۽ وجد محسوس ڪندو آهيان. مان اڃان سمجهي نه سگهيو آهيان ته ڀٽائيءَ وٽ ڪهڙو جادو هو.

همسري: ڇا پنهنجي فن سان ڪنهن ريت نيشنل ڪاز کي به پورو ڪيو پيا؟

سيف: جڏهن به ڪجهه ڪندو آهيان ته هميشه خبردار هوندو آهيان ته ان شيءَ جو اثر سماج تي ڪيئن پوندو. موسيقيءَ سان به ڪيترائي سماجي ڪم ٿي رهيا آهن. صوفياڻي ڪلام جي ذريعي اسان مذهبي انتها پسنديءَ جو انڪار ٿا ڪريون. اسان محبت جي ڦهلاءُ جي ڳالهه موسيقيءَ ذريعي ڪري پنهنجي نيشنل ڪاز کي هٿي ڏئي رهيا آهيون. اسان ڪنهن کي تڪليف نٿا ڏيڻ چاهيون.

همسري: هڪ فنڪار جي حيثيت سان سنڌ سرڪار جي فن ۽ فنڪار جي همت افزائيءَ واري رويي کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

سيف: سنڌ سرڪار جو فن ۽ فنڪار ڏانهن رويو دل ڏکائيندڙ آهي. فنڪارن جي پٺڀرائي ته ٺهيو پر مون ته انهن جي تذليل ٿيندي ڏٺي آهي. وڏا وڏا فنڪار خراب حالت ۾ ڏٺا اٿم، جن کي حڪومت چاهي ته سپورٽ ڪري سگهي ٿي پر اسان جي سنڌ حڪومت وٽ نه فن جو نه فنڪار جو ڪو قدر آهي. جيڪي فنڪار انهن آفيسرن جي اڳيان پٺيان گهمندا آهن تن کي وري به ڪجهه ملي پوندو آهي، پر ٻين جو ڇا ٿيندو جن کي اهو سڀ ڪجهه نٿو اچي. اسان وٽ جن فنڪارن جي فن جي بنياد تي پروگرام رکيا ويندا آهن اتي به انهن سان ڪو چڱو سلوڪ نٿو ڪيو وڃي. ماني به کارائبي ته آفيسرن لاءِ ڀلي ماني ۽ الڳ پر غريب فنڪار کي الڳ ماني کارائيندا. اسان وٽ آرٽ ۽ ڪلچر کي موت جي ڪنڌيءَ تائين پهچايو ويو آهي. سنڌ حڪومت چاهي ته ڪيترائي پروگرام ٿي سگهن ٿا جن سان غريب فنڪار جي مدد ٿي سگهي ٿي.

همسري: هيستائين اوهان جا ڪيترا البم اچي چڪا آهن؟

سيف: “اسڪيچز” بينڊ جا ٻه البم اچي چڪا آهن. هڪ جو نالو آهي “دستڪاري” ۽ ٻئي البم جو نالو آهي “تون”. تون البم ۾ “مان” جي نفي آهي ۽ جيڪو به احساس آهي اهو ٻي ڪنهن ذات جو ڏنل آهي.

همسري: پاڪستان کان ٻاهر ڪٿي پرفارم ڪري چڪا آهيو؟ سڀ کان وڌيڪ يادگار پرفارمنس ڪهڙي رهي؟

سيف: مان آمريڪا، دبئي، نيپال ۽ ٻين به ڪيترن هنڌن تي پرفارم ڪري چڪو آهيان پر نيپال جي پرفارمنس مون کي ڏاڍو مزو ڏنو. مان جڏهن به اتي ويندو آهيان ته اسين سڀ فنڪار پٽ تي ويهي پرفارم ڪندا آهيون. سڀني جون اکيون بند هونديون آهن ۽ اتي سڀني ويٺلن جو هڪٻئي سان روح جو ناتو جڙي ويندو آهي. اتي جيڪي به پرفارمسز ڪيون آهن انهن ۾ روح سان ڳايو اٿم. هونئن به آئون جڏهن ڳائيندو آهيان ته روح سان ئي ڳائيندو آهيان.

همسري: پنهنجن رشتن کي نڀائڻ ۾ ڪيئن آهيو؟

سيف: منهنجي خيال ۾ ته ڪڏهن سٺو ڪڏهن خراب هوندو آهيان. ڪوشش ڪندو آهيان ته عام زندگيءَ ۾ جيڪي ڪم ڪار ٿين ٿا انهن سان گڏ رشتن ۾ به توازن رکان. هڪ ڀاءُ ۽ پٽ جي حيثيت سان رشتن کي سٺي طرح نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ماءُ جهڙو ڪو رشتو ناهي، هوءَ صرف عطا آهي ڏيڻ ڄاڻي ٿي، ان ڪري مون وٽ رشتن لاءِ وڏو احترام آهي.

همسري: پيار جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟ ڪڏهن ڪنهن سان پيار ڪيو آهي؟

سيف: پيار هڪ خوبصورت جذبو آهي، ضرور ڪرڻ گهرجي. ها مون به ڪڏهن پيار ڪيو هو. ضروري به ناهي ته پيار جي منزل پيار ڪرڻ وارن جي ملڻ تي ختم ٿئي.

همسري: اوهان هينئر لاهوتي ميلو منعقد ڪيو، ان جا ڪهڙا مقصد هئا؟

سيف: مان بنيادي طور تي فيسٽيوٽيءَ کي پسند ٿو ڪريان ۽ چاهيان ٿو ته اسان جي ڌرتي جيڪا ڪڏهن مختلف ڏڻن جي ملهائڻ سان پئي خوشيون ورهائيندي هئي، هاڻي هتي اهڙا جشن ڇو نه ٿين. مون هن ميلي ۾ مختلف جاين جيئن لاهور، اسلام آباد، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کان فنڪار گهرايا. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن کان مهمان گهرايا ته جيئن اسين هڪ دفعو وري اڳواڻي ڪرڻ جا اهل ٿي سگهون. اسان هن ميلي ۾ هڪ دفعو ميوزڪ جي چاهيندڙن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري بيهاريو. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جا فنڪار ٻين فنڪارن سان گڏ اٿن ويهن ۽ پرفارم ڪن ته جيئن بين الاقوامي سطح تي پرفارم ڪري سگهن.

همسري: نون فنڪارن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا؟

سيف: پنهنجي ڪم ۾ محنت ڪن ۽ ڪم سان عشق رکن.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments