ادببلاگ

سٺين عادتن اپنائڻ جو منفي پاسو سنڌيڪار: فضا قريشي باب ايڪيهون ليکڪ: جيمس ڪليئر  

عادتون مهارتن جو بنياد وجهندڙ آهن. شطرنج ۾ مهرن جون بنيادي چالون جڏهن خودڪار بڻجي وينديون آهن تڏهن ئي شاطر رانديگر ان جي ٻئي ڏاڪي تي فوڪس ڪري سگھندو آهي. معلومات جي هر حصي کي ياداشت تي نقش ٿيڻ کانپوءِ ذهن ۾ ايتري جاءِ خالي هوندي آهي جو اهو وڌيڪ گھري سوچ ويچار ڪري سگھي. اهو اصول ڪنهن به ڳالھ تي لاڳو ٿي سگھي ٿو. جڏهن سادين حرڪتن تي اوهان دسترس حاصل ڪري وٺندا آهيو ۽ رواني سان بنا سوچڻ جي ان کي ڪري سگھندا آهيو ته پوءِ ان جي وڌيڪ نازڪ پاسن تي توجهه ڏيڻ جي گنجائش پيدا ٿي پوندي آهي. ان لحاظ کان ڪنهن به ڪم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ عادتون ڪرنگھي جي هڏي مثل آهن.

جڏهن ته عادتن جي فائدن جي قيمت پڻ ادا ڪرڻي پوندي آهي. شروع ۾ هر دفعي جو ورجاءَ، رفتار ۽ مهارت پيدا ڪري ٿو، پر جڏهن عادت خودڪار بڻجي پوي ته پوءِ اوهان فيڊ بيڪ يا ان جي جائزي ۽ ان تي مثبت تنقيد بابت ايترا حساس نه رهندا آهيو. ڇاڪاڻ جو اوهان سوچڻ سمجهڻ بغير ورجائڻ جي عادت تحت هلندا رهندا آهيو. جڏهن توهين ڪوبه ڪم خودڪار طريقي سان بهتر نموني سرانجام ڏيندا رهو ته اوهان پاڻ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ترڪ ڪري ڇڏيندا آهيو.

عادت جو مثبت پاسو اهو آهي ته اوهان ان کي بغير سوچڻ جي ڪري ڇڏيندا آهيو جڏهن ته ان جو منفي پاسو اهو آهي ته اوهان هڪڙي خاص طرز عمل جا هيراڪ ٿي ويندا آهيو ۽ ننڍين ننڍين غلطين تي توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهيو. اوهان اهو فرض ڪري وٺندا آهيو ته جيئن ته اوهان کي تجربو حاصل ٿئي پيو، ان ڪري اوهان بهتر پيا ٿيندا وڃو. در حقيقت اوهان پنهنجي موجوده عادتن کي مضبوط ڪري رهيا هوندا آهيو، نڪي انهن کي بهتر ڪري رهيا هوندا آهيو. هڪڙي تحقيق مان اهو ثابت ٿيو آهي ته جڏهن ڪنهن هنر ۾ مهارت حاصل ٿي ويندي آهي ته وقت سان گڏوگڏ ڪارڪردگي عام طور تي ٿوري گھڻي متاثر ٿيندي آهي.

عام حالتن ۾ اها ننڍڙي هيٺانهين مٿانهين ڪو خاص فرق پيدا نه پئي ڪندي آهي. اوهان ڪيتري سٺي نموني پنهنجا ڏند صاف ڪريو ٿا يا وري پنهنجي جوتن جا ڪشا ٻڌو ٿا يا صبح جي چانهن ٺاهيو ٿا. انهن ڪمن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اوهان کي ڪنهن به سسٽم جي ضرورت ناهي هوندي. اهڙيون عادتون جيڪڏهن گھڻي دير تائين بهتر نموني هلنديون رهن ته اوهان به مطمئن رهندا آهيو. ننڍن ننڍن فيصلن تي جيتري گھٽ توانائي خرچ ڪجي اوترو ئي وڏن ڪمن لاءِ ان کي بچائي سگھجي ٿو.

پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ ڪارڪردگي جي اعليٰ معيار تي رسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان جو طرز عمل ڪجھ مختلف هجڻ گھرجي. بنان سوچڻ سمجهڻ جي ساڳيو ڪم ڪندي رهڻ سان اوهان غير معمولي مهارت حاصل ڪري نٿا سگھو. عادتون ضروري آهن، پر مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ فقط ان عادت جو هجڻ ڪافي ناهي. جنهن شيءِ جي اوهان کي ضرورت آهي سا آهي خودڪار عادتن سان گڏوگڏ سوچيل سمجهيل مشق.

عادتون + سوچيل سمجهيل مشق = مهارت:

عظيم بڻجڻ لاءِ ڪجھ شين کي خودڪار بڻائڻو پوندو آهي. سرجنن کي پهريون چير ڏيڻ جي مشق ايترا ڀيرا ڪرڻي پوندي آهي جو اهي اکيون بند ڪري به ان کي ڪري سگھن. ايئن ڪرڻ سان کين سرجري جي دوران پيش ايندڙ ٻين ڪيترين صورتحالن کي منهن ڏيڻ لاءِ گنجائش ملي ويندي آهي، پر هڪڙي عادت کي روان ڪرڻ کانپوءِ اوهان کي ڪم جي محنت طلب حصي ڏانهن اچڻو پوندو آهي ۽ ان سان گڏ ئي اڳتي واري عادت اپنائڻ جو عمل شروع ٿي ويندو آهي.

مهارت جو مطلب اهو آهي ته اوهان ڪاميابي جي هڪڙي ننڍڙي حصي تي فوڪس ڪريو. ان کي ايترا ڀيرا دهرايو جو اهو ڪم اوهان جي خودڪار روز مره جي زندگي جو حصو بڻجي پوي ۽ پوءِ ان نئين عادت جي مدد سان مهارت جي اڳئين سطح ڏانهن پيش قدمي ڪريو. پراڻي ڪم کي ٻيهر ڪرڻ آسان هوندو آهي، پر مجموعي طرح آساني حاصل ناهي ٿيندي ڇاڪاڻ جو پوءِ اوهان وري ٻي چيلنج تي وقت ۽ توانائي لڳائي رهيا هوندا آهيو. هر عادت پرفارمنس جي ٻئي ڏاڪي طرف وڃڻ جي راھ کولي ٿي. اهو هڪڙو نه ختم ٿيندڙ چڪر آهي.

مهارت حاصل ڪرڻ جي عمل جي تقاضا اها هوندي آهي ته اوهان بهتري جي تهن کي هڪ ٻئي مٿان سٿيندا وڃو. هر عادت، پراڻي عادت جي وڌل بنياد تي بيٺل هجي ايتري تائين جو ڪارڪردگي جي هڪ نئين سطح يا منزل حاصل ٿي وڃي ۽ هنرمندي جو هڪ وسيع مجموعو اوهان جي هٿن ۾ اچي وڃي. 

جيتوڻيڪ عادت ۾ وڏي طاقت آهي، پر اوهان جي ضرورت اها آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪارڪردگي تي نظر رکو ته جيئن ان جي بهتري جو سلسلو جاري رهي. جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي ته اوهان ڪنهن ڪم ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ڪم خودڪار ٿي وڃي ۽ اوهان کي اطمينان جو احساس ٿيڻ لڳي، بس ان ئي وقت اوهان کي وڌيڪ هوشيار ٿيڻ جي ضرورت آهي ته جيئڻ حد کان وڌيڪ اطمينان جي ڄار ۾ ڦاسي نه پئجي. ان جو حل ڇا آهي؟ حل اهو آهي ته نظرثاني ۽ جائزي جو هڪڙو نظام تيار ڪجي.

عادتن تي نظرثاني ڪرڻ ۽ اصلاح جو طريقيڪار:

1986 ۾ لاس اينجلس ليڪرز وٽ تاريخ جي بهترين ٽيمن منجهان هڪڙي ٽيم هئي، پر ان ٽيم کي ان حوالي کان ياد نٿو رکيو وڃي. ان ٽيم 86-1985 جي سيزن جي شروعات 29_5 جي حيران ڪندڙ رڪارڊ سان ڪئي. ماهر اهو چئي رهيا هئا ته شايد اها باسڪٽ بال جي تاريخ جي بهترين ٽيم هئي. سيزن کانپوءِ هيڊ ڪوچ پيٽ رائلي چيو ته حيرت انگيز طور تي 1986 جي پلي آف ميچن ۾ ليڪرز جي ٽيم ڊانواڊول ٿي ويئي هئي ۽ ويسٽرن ڪانفرنس جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ ان جي سيزن ختم ٿي ويئي هئي. باسڪٽ بال جي تاريخ جي بهترين ٽيم ان وقت اين بي اي جي چيمپيئن شپ به کيڏي نه سگھي، پر ان جهٽڪي کانپوءِ، رائلي اهو ٻڌي ٻڌي تنگ اچي چڪو هو ته سندس ٽيم جي رانديگرن ۾ ڪيترو ٽيلنٽ آهي ۽ سندس ٽيم سان ڪيتريون اميدون وابسته هيون. هن غير معمولي راندين کانپوءِ ڪارڪردگي ۾ آهستي آهستي نمودار ٿيندڙ زوال ڏسڻ نٿي چاهيو. هن چاهيو ٿي ته ليڪرز هر ميچ ۾ پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري. 1986 جي گرمين ۾، هن ان حوالي کان هڪڙو پلان تيار ڪيو. هڪ اهڙو سسٽم جنهن کي هن ”ڪيريئر جي بهترين ڪوشش“ (سي بي اي يا ڪيريئر بيسٽ ايفرٽ) جي پروگرام جو نالو ڏنو. ان پروگرام بابت ٻڌائيندي رائلي چيو ته ”جڏهن رانديگر پهريون ڀيرو ليڪرز ۾ شامل ٿيندا آهن ته اسين هاءِ اسڪول کان وٺي ان وقت تائين جو سندس باسڪٽ بال جي راندين جي انگن اکرن جو جائزو وٺندا آهيون. ان عمل کي آئون سندن نمبر حاصل ڪرڻ جو نالو ڏيندو آهيان. ان طريقي سان اسين رانديگر جي اهليت جي سطح يا پيمانو جاچڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. پوءِ اسين پنهنجي ٽيم جي پلان ۾ ان خيال کان کيس شامل ڪندا آهيون ته هو پنهنجي سراسري ڪارڪردگي برقرار رکندو ۽ پوءِ ان ۾ بهتري آڻيندو.“

رانديگرن جي سراسري جي تعين ڪرڻ کانپوءِ، رائلي هڪڙو اهم مرحلو شروع ڪيو. هن هر رانديگر کي چيو ته سڄي سيزن جي دوران پنهنجي ڪارڪردگي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ سيڪڙو بهتري آڻي. جيڪڏهن هو ان ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته پوءِ اها انهن جي ”ڪيريئر جي بهترين ڪوشش“ يعني سي بي اي هوندي.  برطانوي ٽيم جيان، جنهن تي اسان پهرئين باب ۾ ڳالھ ٻولھ ڪئي هئي، ليڪرز تمام ننڍڙي بهتري آڻي ڪارڪردگي جو اعليٰ ترين معيار حاصل ڪرڻ گھريو ٿي.

رائلي ان نقطي تي زور ڏنو ته سي بي اي جو تعلق محض پوائنٽن يا انگن اکرن سان ناهي، پر ان جو اصل تعلق روحاني، جسماني ۽ ذهني طور تي پنهنجي بهترين ڪوشش ڪرڻ سان آهي. رانديگرن کي شاباس سان گڏ ڪريڊٽ ملندو هو جڏهن هو مخالف رانديگر کي ڄاڻي واڻي ساڻن ٽڪرائڻ ڏيندا هئا ته جيئن انهن جي خلاف فائول ڏنو وڃي. لوز بالن کي پڪڙڻ لاءِ وڏو ٽپو ڏيڻ يا ري بائونڊن جي پٺيان وڃڻ تي پوءِ ڀلي اهو انهن جي هٿ ۾ اچي يا نه، ان وقت پنهنجي ساٿي جي مدد لاءِ اچڻ جڏهن مخالف ان کي ڊاج ڏيئي رهيو هجي ۽ اهڙن ٻين ننڍن ننڍن ڪمن تي کين شاباس ملڻ لڳي جن تي اڳي کين داد ڪونه ملندو هو.

رائلي ٻڌايو ته ”اسان ٽيم جي رانديگرن کي انهن مخالف رانديگرن سان گڏ رکندا آهيون جيڪي انهي پوزيشن تي کيڏندا آهن ۽ جن کي ٽيم ۾ اهو ئي ڪردار ڏنو ويو آهي.“

اسپورٽس جي ليکڪ جيڪي ميڪ ملن جو چوڻ آهي ته ”رائلي هر هفتي ليگ جي بهترين رانديگرن جا انگ اکر بليڪ بورڊ تي وڏن اکرن ۾ لکي ڇڏيندو هو ۽ پنهنجي ٽيم ۾ شامل سندن هم منصب رانديگرن سان سندن ڀيٽ ڪندو هو. سٺا قابل اعتماد رانديگر عام طور تي تقريبن 600  پوائنٽ کڻندا هئا جڏهن ته بهترين رانديگر گھٽ ۾ گھٽ 800 پوائنٽن جو اسڪور ڪندا هئا.“

سي بي اي جي ڊيٽا جي تاريخ وار جائزي ذريعي ليڪرز سال سال جي ڪارڪردگي تي به زور ڏيندو هو. رائلي جو چوڻ هو ته ”اسان نومبر 1986 جي ڊيٽا ۽ نومبر 1985 جي ڊيٽا گڏ گڏ رکي ۽ رانديگرن کي ڏيکاريو ته سندن ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي يا ڪمي. پوءِ اسان کين اهو به ڏيکاريو ته نومبر جي مقابلي ۾ ڊسمبر ۾ سندن ڪارڪردگي ڪيئن رهي آهي.“

ليڪرز سي بي اي پروگرام جو آغاز 1986 ۾ ڪيو. اٺن مهينن کانپوءِ اهي اين بي اي جا چيمپيئن بڻجي چڪا هئا. ٻي سال رائلي جي اڳواڻي ۾ هنن هڪڙي ٻي چيمپيئن شپ کٽي ۽ ويهن سالن ۾ ليڪرز لڳاتار ٻه دفعا اين بي اي چيمپيئن شپ کٽيندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ان کانپوءِ رائلي چيو ته ”ڪنهن به ڪم ۾ محنت جي ليول يا سطح برقرار رکڻ سڀ کان اهم شيءِ آهي. ڪامياب ٿيڻ جو طريقو اهو آهي ته ڪم کي صحيح نموني ڪرڻ جو ڏانءُ سکيو وڃي ۽ پوءِ هر ڀيري ان ڪم کي ان ئي ريت انجام ڏنو وڃي.“

تت:

  • عادتن جو مثبت پاسو اهو آهي ته اسين بنا سوچڻ سمجهڻ جي اهو ڪم خودڪار نموني پيا ڪندا آهيون. ان جو منفي پاسو اهو آهي ته اسين ننڍين ننڍين غلطين تي توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهيون.
  • عادتون + سوچيل سمجهيل مشق = مهارت
  • جائزو ۽ نظرثاني هڪڙو اهڙو عمل آهي جيڪو وقت سان گڏوگڏ اوهان کي پنهنجي ڪارڪردگي کان آگاھ رکي ٿو.

***