سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي، پ پ قربانيون ڏيئي به سدائين ادارن جو ساٿ ڏنو: چيف جسٽس
چيف جسٽس آف پاڪستان صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ آرٽيڪل 63-اي، جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي، آئين کي مڃيندڙ جيستائين آهن، تنقيد سان فرق نٿو پوي، جيڪي ماڻهو تنقيد ڪن ٿا، انهن کي ڪا نه ڪا تڪليف پهتل هوندي آهي. چيف جسٽس چيو ته عدالت جا دَر تنقيد ڪندڙن لاءِ به کليل آهن، عدالت جو ڪم سڀني سان انصاف ڪرڻ آهي، ذاتي ڪنٽرول ۽ برداشت ماڻهن مان ختم ٿيندي پئي وڃي. معزز چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان جي باري ۾ ڪجهه به سوچيو ملڪ جي خدمت ڪندا رهنداسين، ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن جو گهڻو احترام ڪيون ٿا، تاريخ ٻڌائي ٿي ته پ پ سدائين قربانيون ڏنيون آهن، قربانيون ڏئي به پ پ سدائين ادارن جو ساٿ ڏنو آهي. ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي رضا رباني چيو ته صدارتي ريفرنس کانپوءِ آئيني عهديدارن آئيني ادارن تي حملو ڪيو، آئين لاءِ بيهڻ تي ئي ادارن خلاف مهم هلي، جمهوري ادارن تي بدنيتي تي ٻڌل تنقيد جا ٻن قسمن جا نتيجا نڪرندا آهن، تاريخ مان ثابت آهي ته بدنيتي تي ٻڌل تنقيد سان ملڪ فاشزم ڏانهن ويندو آهي.