سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال کي وڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال کي وڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي زال کي وڊيو لنڪ تي بيان ڏيڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهر تي وڊيو لنڪ جا انتظام ڪري رهيا آهيون، ٻنپهرن جو بيان وٺنداسين. هوءَ اسان جي لاءِ احترام جوڳي آهي ۽ اسان جي سامهون ڌر ناهي. اسان جي درخواست آهي ته هو بيان ڏيڻ وقت عدالتي ڊيڪورم جو خيال رکندي مختصر ڳالهائي ۽ مناسب لفظن جو استعمال ڪري.
حڪومتي وڪيل فروغ نسيم دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته بدنيتي تي فائنڊنگ ڏيڻ تي جڊيشل ڪائونسل جي سامهون ڪابه شيءَ معنيٰ نٿي رکي. ڪائونسل بدنيتي سان گڏ نيڪ نيتي جو به جائزو وٺي سگهي ٿي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪنهن جڳهه تي بدنيتي هجي ته عدالت جائزو وٺڻ جي لاءِ بااختيار آهي ۽ پنهنجي اختيارن تي سمجهوتو نه ڪندي.