خاص

سپريم ڪورٽ چيئرمين نيب جي تقرري اختيار جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو

سپريم ڪورٽ چيئرمين نيب جي تقرري جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. سپريم ڪورٽ جعلي نيب آفيسر ضمانت واري ڪيس ۾ تحريري حڪم نامون جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين نيب تقررين جو اختيار رولز جي تحت ئي استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ نيب آرڊيننس تحت 1999 کان اڄ تائين رولز نه بڻجي سگهيا آهن. عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڇا چيئرمين نيب آئين جي آرٽيڪلز 240 ۽ 242 کان مٿانهين تقرري ڪري سگهي ٿو. عدالت رجسٽرار آفيس کي پاڻمرادي نوٽيس لاءِ الڳ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي معاونت جي لاءِ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. ان کانسواءِ عدالت، پاڻ کي ڊي جي نيب عرفان منگي ظاهر ڪندڙ ملزم نديم احمد جي ضمانت منظوري ڪري ڇڏي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن انهيءَ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊي جي نيب عرفان منگي کان سندس تعليم، پگهار ۽ فوجداري مقدمن جي تجربن متعلق سوال ڪيو هو جنهن تي عرفان منگي ٻڌايو ته هو هڪ انجنيئر آهي ۽ کيس فوجداري مقدمن جو ڪوبه تجربو ناهي.