سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو قانون وارو وزير فروغ نسيم ۽ شهزاد اڪبر پيش، فروغ نسيم عدالت ۾ چيو آهي ته منهنجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه آهي، لنڊن جون 3 ملڪيتون جج جي ٻارن ۽ گهرواري جي نالي تي آهن، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مني ٽريل نه ڏيندو ته اهو مس ڪنڊڪٽ آهي، ان موقعي تي منير اي ملڪ چيو آهي ته رولز به وفاقي حڪومت کي خانگي وڪيل ڪرڻ جي اجازت نه ٿا ڏين، جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو ته وفاق کي ججز جي ملڪيت مان ڪهڙو مسئلو آهي، ڇا حڪومتي قدم ججز ۽ عدليا جي آزادي جي خلاف نه آهن ؟

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments