”سڙيا مٿي سچَ“ ڪتاب تي تبصرو :ڪتاب ۽ ليکڪ جي ڳالهه : غلام نبي سومرو

سرمد کوسو جو ڪتاب ”سڙيا مٿي سچَ“ پڙهي مون کي خوشي ٿي آهي، انهيءَ مسرت جو وڏو سبب مذڪوره ڪتاب آهي. جنهن تي پاڻ ڳالهه ڪنداسين، پر انهيءَ جو هڪ ٻيو سبب به آهي ته صاحب ڪتاب جنهن کي آئون سندس ننڍي عمر کان سڃاڻان جڏهن پاڻ منهنجي پٽ روشن ضمير سان گڏ انٽر ميڊئيٽ جي امتحان جي تياري ڪري رهيو هو. سندس والد منهنجو ويجهو دوست آهي. هو هڪ همدرد انسان ڊاڪٽر سومار کوسو جو فرزند آهي. جنهن صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ ياد رهجي وڃڻ وارو ڪم ڪيو آهي. لاڙ ۾ اڄڪلهه هو هڪ معياري اسڪول هلائي رهيو آهي. انهيءَ ڪم هن لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ عزت پيدا ڪئي آهي ته هن بي علمي ۽ جهالت جي سمنڊ ۾ علم جو هڪ جزيرو ٺاهيو آهي. يقينن دل کي قريب دوست ڊاڪٽر سومار کوسو هڪ مختلف ۽ غير معمولي شخص آهي. انهيءَ ماحول ۾ ۽ علم، ادب ۽ انسانيت جي ڇانوَ ۾ سرمد وڌي وڏو ٿيو آهي. هو پنهنجي ننڍي عمر ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف آهي، هو هڪ بختاور شخص آهي. ڪتابن جي تصنيف جي بختاوري هرهڪ کي ته نصيب ڪونه ٿيندي آهي.

”ڪتاب سڙيا مٿي سچَ“ جي ڳالهه کان اڳ مصنف جي ڳالهه ڪجي ته: سرمد هڪ اهل دل شخص آهي جنهن علم و ادب سان گهرو ناتو رکيو آهي، پر انهيءَ کانسواءِ جيترو آئون کيس سمجهان ٿو يا جيئن مون هن کي ڏٺو آهي ته هو تمام گهڻي حساسيت کڻي جي رهيو آهي. اها Sensation ئي آهي جنهن کيس فنون جي ويجهو آندو آهي. خاص ڪري شاعري ۽ موسيقي جي طرف. موسيقي جي هڪ ساز گٽار کي وڄائڻ ۾ هن کي چڱي مهارت آهي. علم، ادب ۽ فن سان گڏ هن جي دلچسپيءَ جو سڀ کان اهم موضوع تعليم آهي. پاڻ جيئن ته تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهي، انهيءَ ميدان ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداريءَ سان ڪرڻ جي باوجود جڏهن هو ڏسندو هوندو ته دنيا جڏهن تعليم ۽ تحقيق ۾ اڳيان پئي وڌي تڏهن اسان جي تعليم جي حالت ڪا سٺي نه آهي. جڏهن ته اسان وٽ تعليم ڏانهن بيقدري وارو رجحان آهي تڏهن اهڙين حالتن کي ڏسي هن جي دل رنج سان ڀرجي ويندي هوندي. اهو رنج کڻي تعليم ڏانهن اسان جي بي پرواهه رويي کي ڏسي، پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ، هڪ استاد جي حيثيت ۾ هن ذميداريءَ سان پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي ۽ شايد هو انهيءَ کان اڳتي وڃڻ چاهي ٿو. تڏهن هو قلم هٿ ۾ کڻي تحريري تخليقي جهان جي طرف آيو آهي. هن جا ٻه ڪتاب مشهور آهن: جن مان هڪ ”سڙيا مٿي سچ“ آهي. جنهن جو موضوع سماج، تعليم، ماحول ۽ زراعت آهي، جيڪي هڪٻئي سان ڳنڍيل ته آهن، پر اهي هڪٻئي تي اثر انداز به ٿين ٿا. جڏهن سندس ڪتاب پڙهجي ٿو تڌهن اهو معلوم به ٿي وڃي ٿو: سرمد جو جيئن ته ٻهراڙيءَ سان واسطو آهي ۽ زراعت سندس وڏن جو پيشو آهي ۽ تعليم جي اهميت کان سندس خاندان چڱيءَ طرح واقف آهي. تڏهن هو زراعت، ماحول ۽ تعليم جي سماجي گهرج کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. جو ملڪ جي آباديءَ جو وڏو حصو ٻهراڙين ۾ رهي ٿو، ايئن پنهنجي تحريرن ۾ هو وطن جي گهڻائي ماڻهن جي مسئلن کي بيان ڪري سگهيو آهي. هن پنهنجين تحريرن ۾ سماج ۾ موجود مسئلن متعلق سوال اٿاريا آهن ۽ انهن جا جواب به ڏنا آهن. ”سڙيا مٿي سچ“ جيئن ته مضمونن جو ڪتاب آهي، پر روايت کان هٽي ڪري انهيءَ ۾ سماج ڏانهن جديد علمي پهچ، نواڻ به آهي ۽ ذميداري جو احساس پڻ آهي، جو هو اسان پڙهندڙن کي منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

”سڙيا مٿي سچَ“ ليکڪ جي 27 مضمونن تي مشتمل ڪتاب آهي، پر ان جي ارپنا پڙهي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته انهن 27 مضمونن جي پٺيان ڪهڙو تحرڪ ۽ جذبو آهي جنهن هن کي هڪ متوازن ليکڪ ثابت ڪيو آهي. ارپنا ڏسو: ”هي پيار جو پورهيو، دنيا جي سڀني مزدورن، هارين ۽ پورهيتن جي نانءُ جيڪي هزارين تڪليفون برداشت ڪري اسان لاءِ آسائشون ميسر ڪن ٿا.“

ڪتاب جا پهريان ٻه مضمون ”پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباهي“ ۽ ”پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي“ 2019ع ۾ لکيل ۽ شايع ٿيل آهن. پهريون مضمون پاڻي جي کوٽ: زراعت، ماحول ۽ ماڻهو تي ان جي اثر متعلق آهي. سرمد جيئن ته هڪ اهڙو ليکڪ آهي جيڪو ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. اسان جي سماج جي هيءَ جيڪا نا انصافي آهي اها پاڻيءَ جي ورڇ ۾ هجي يا وسيلن جي ورڇ ۾، سرمد انهيءَ جا سبب ۽ نتيجا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ اسان کي به ان کان واقف ڪري ٿو.

ٻيو مضمون، ”پسيو بازارون هينئڙو مون لوڻ ٿئي“ ۾ لاڙ سنڌ جي غربت جو بيان آهي ته جتي هاڻ عيد جو تهوار به غربت جي ڪري پنهنجي اهميت وڃائي رهيو آهي. ”خوشيون ۽ خريد ويون ويچارن وسري“ (شاهه).

انهيءَ مضمون ۾ سرمد لاڙ ۾ جيڪو غربت جو لاڳيتو سلسلو آهي انهيِءَ جو سبب 20 سال اڳ آيل طوفان کي به ڄاڻائي ٿو. غربت آهي جنهن کي ويهن سالن جو تسلسل آهي. اهو پڙهي دل ڏک سان ڀرجيو وڃي.

27 مضمون جن تي ڪتاب مشتمل آهي سڀئي اهم مضمون آهن، پڙهڻ ۽ پرائڻ وٽان: جن ۾ گلوبل وارمنگ کان وٺي ڪورونا، اسان جي تعليم، ڳوٺاڻا ٻار ۽ آن لائين پڙهائي جهڙا معلومات ڏيندڙ مضمون آهن. سڄي ڪتاب ۾ سرمد جي اها خوبي آهي جو هو پاڻ کي دهرائي نٿو. هميشه هن وٽ ڪرڻ لاءِ نيون ڳالهيون آهن.

ڪتاب جو مهاڳ محترم ياسر قاضي لکيو آهي جو گهڻو اهم آهي. قاضي صاحب تحقيق ڪري اهو تفصيلي مهاڳ لکيو آهي.

ڊاڪٽر سومار کوسو جي سرمد ۽ هن ڪتاب تي لکيل مضمون اهم آهي سندس ڪتاب ”سڙيا مٿي سچ“ ۽ ليکڪ سرمد متعلق هي سٽون ڏسو:

”کيس ميڊيا تي هلندڙ ٻوليءَ جي بگاڙ تي به ڏک آهي ته ڪيئن صورتخطيءَ کي بگاڙي لکيو وڃي ٿو… ڪيئن تحرير توڙي تقرير ۾ پنهنجا لفظ هوندي، ٻين ٻولين جا لفظ ٺوڪيا وڃن ٿا. کيس انهيءَ ڳالهه تي به ڳڻتي آهي ته انساني آباديءَ ۾ روزانو تمام گهڻو اضافو ٿي رهيو آهي، وسيلن جي اڻاٺ ٿيندي پئي وڃي، خوشيون کسبيون وڃن ۽ سون ورنيون زمينون، جتي اناج پوکي انساني پيٽ ڀرجي، اتي بلڊنگون، پلازه ۽ گٽر ٺهندا وڃن. ڏوهن جي شرح ۾ ڏينهن رات اضافو ٿيندو پيو وڃي. سندس هن ڪتاب ۾ آخري موضوع ”تعليمي معيار“ بابت آهي، جيڪو روز بروز ڪرندو وڃي ۽ ڪنهن کي به ان جو اونو ڪونهي.“

هي ڪتاب جيڪو سٺو ڇپيل آهي، سر ورق ۽ ڊزائين به خوبصورت آهي مرڪ بپليڪيشن ڪراچي 2021ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments