شاعري01-01-2021

غزل

مشتاق گبول

ڪاوڙ ڪرين ته سڙندي ٿين ڇار موسمون،

مرڪڻ سان ٿي پون ٿيون، ملهار موسمون.

کِلندي کڻي ته آئينءَ گلزار موسمون،

ويندي ڪري وئي آن بيمار موسمون.

پنهنجا رکي جواني، جُھڙ واءُ، مينھن سڀ،

۽ ماٺ کي الڳ، کِل کي ڌار موسمون.

آيون اُٿي لڳي ٿو تنهنجين اکين منجهان،

اُٿلي پَيون اسان تي، ٿي تار موسمون.

هر بار ئي وڃن ٿيون گذرِي گمان ۾،

ڇيرا ڏئي وڃن ٿيون، هر بار موسمون.

طاري مُحبتن جو، آهي اڃا سُرورِ،

مون تي لٿيون هيون پُر اسرار موسمون.

***

غزل

آتم دراوڙ

ورڻ جي لهپَ نيٺ ڪيو بي سَتو،

اکين ۾ لهي نيڻَ ڀليا پتو.!

ڳلن تان چميءَ جو اڪيلو ثبوت،

نه ڊاهُيي زماني ڏسي سو وتو.!

اڙي سارَ سينگارجڻ ڏي ڇڏي،

اڳي ئي هينئون هي وتي ٿو متو!

ڄمين کان هنئين ۾ ئي روئين پيا،

اڃان ڀي نه نيڻن جو پاڻي کَتو.!

اڙي آجپا تنهنجي آجيان جي لئه،

دڳن کي اسان آ لهوءَ سان رَتو.!

ته ڀي ڏس فڪر ۾ ڦَريو ٿو وتان،

جڳتُ توڻي ٿي ويو آ ڪوري ڇَتو.!

***

غزل

فياض چنڊ ڪليري

ڪاش هجن ها پر سپنن کي،

قيد نه ڪن ها، در سپنن کي.

ٻير پڪل جان، پيار ساماڻو،

روز لڳن پٿر، سپنن کي.

تو ائين دل ۾ جاءِ ڏني آ،

ڄڻ ته ملي ويو گهر سپنن کي.

ماءُ جي جهول جيان سانڍيندا،

نيڻن جا گوهر سپنن کي.

ساڀيا ۾ هو ساجن ملندو،

روليو سي در در سپنن کي.

***

تنهنجي ياد

نثري نظم

سرمد غني

تنهنجي ياد…

وقت جي موسمن،

جي محتاج نه آهي.!!

تنهنجي ياد،

زندگيءَ جي ياد آهي.

لفٽ چيئر ۾ پيٽراٽا ڏانهن ويندي،

تيز بارشن جي ياد آهي.

ڪوهه مريءَ جي مال روڊ تي،

رات جي پوئين پهر ۾،

ڪافي پيئڻ دوران،

تنهنجي ڏنل، زندگيءَ سان ڀرپور،

ٽهڪن جي ياد آهي.

دامن ڪوهه جي رستن ۾،

پاڻ کي دنيا کان،

گم ڪرڻ جي ياد آهي.

شوگران جي پهاڙن تي چڙهڻ دوران،

سج لهڻ واري ياد آهي.

چائنيز ريسٽورنٽ ۾،

هٿ هٿ ۾ ڏيندي،

ساٿ نڀائڻ واري ياد آهي.

خطن ۾ لکيل، هجر جي دردن ۽،

ڊگهن انتظارن جي ياد آهي.

آس ۽ نراس جي رستن تي هلندي،

اکين مان وهندڙ مسلسل،

ڳوڙهن جي ياد آهي.

ها جانان…

تنهنجي ياد هاڻي،

وقت جي موسمن جي،

محتاج نه آهي…!

***

پنجڪڙا

ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

او مٺي!ڪائي مٺي موڪل کڻي

ساھ ٿو ٻوساٽجي هن شهر ۾..

درد ٿو وڌندو وڃي هر پهر ۾

نانءُ ئي پنهنجو لکي موڪل کڻي.

او مٺي! ڪائي مٺي موڪل کڻي.

مان سراپا درد جي  تصوير بڻجي ٿو جيئان.

ها وڇوڙي جي ته ڪا تحرير بڻجي ٿو جيئان.

ڪابه ناهي سانجھ جنهن ۾ تون هجين

ڄڻ خزان جي ڪائي تپندڙ هير بڻجي ٿو جيئان.

مان سراپا درد جي تصوير بڻجي ٿو جيئان.

اڃان نيڻ منهنجا ٿڪا ڪونه آهن.

اميدن تي جيون گذاريان پيو.

تنهنجي راھ جانان نهاريان پيو.

اڃان کوڙ سپنا ڏٺا ڪو نه آهن.

اڃان نيڻ منهنجا ٿڪا ڪو نه آهن.

***

غزل

جبار تاثير سومرو

دل جي دلـبــرَ يــارَ کـي پَــرچـائــجـي.

مــيـــڙ ۽ مِــنــٿـون ڪري مــڃرائجي.

نُــورَ تـي هــٿــڙو رکـي دلــجــاءِ ڏئـي،

هــارَ ٻـانِـهُـن جا وِجـِهـي ڳَـلِ لائـجــي.

هُـنَ جي ڪـاوڙ ۾ به آ راحــت وڏي!

ڇونه! پنهنجي دل وڃي ريجهائجي.

مُلهَه مهانگو سـونَ جو تـحـفـو وٺـي،

تاجُ موتِين سان جَــڙيــل پــارائــجــي.

پــيــار ۾ لـيــکو ڪــڏهـن ٿيندو نه آ،

نياز نوڙت سان وڃي سَـمـجهائجي.

جي وڃي پرچي ته پو، هُنَ تـي لِـکي،

سـازَ تــي سُـهـڻــو غــزل پـيــو ڳائجي.

جيئـري هونـدي يارَ سان “تـاثـيرَ” هِي،

مـامـرو الـجَـهـيـل کڻي سُـلـجـهائـجـي.

***

چار سٽو

فدا سنجراڻي

هڪ ڏينهن به ٻيو اڄ گذري ويو،

ڪجهه ڪونه ڪيو ته پنهنجي لئه!

سِج آهي پُڇي ويو لهندي، لهندي.

پيو وقت وڃائين ڪنهن جي لئه!؟