شاهد خاقان عباسي پاران وزيراعظم کي براڊ شيٽ فيصلو عوام آڏو آڻڻ جو چئلينج
اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي وزيراعظم عمران خان کي براڊ شيٽ فيصلو عوام آڏو آڻڻ جو چئلينج ڏئي ڇڏيو آهي. خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته براڊ شيٽ جي سربراهه ڪاوي موسوي کي 2012 ۾ رشوت وٺڻ جي آڇ ٿي هئي ته کيس پوليس وٽ وڃڻ گهرجي ها،
انجم ڊار کي مان نٿو سڃاڻان. هن چيو ته هاڻ انتظار نه ڪريو انجم ڊار جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ها پر خبر ناهي ڇو هن جي لاءِ 8 سال انتظار ڪيو ويو؟ هن جو چوڻ هو ته براڊ شيٽ سربراهه جي خلاف ڪيس شهزاد اڪبر کي ڪرڻ گهرجي ها. صرف هڪ شخص جي خلاف مواد ڳولڻ لاءِ 65 ملين ڊالر خرچ ڪيو ويو. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته نواز شريف جي خلاف هڪ پئسي جي ڪرپشن جو ثبوت ناهي مليو. ڇا موسوي نيب کي نواز شريف جي باري ۾ ڪو ثبوت ڏنو آهي؟ ڪاوي موسوي چيو ته نيب کي رقم جي باري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو. انهن به ڪارروائي نه ڪئي. پنهنجي دور ۾ نيب سان ڪوبه رابطو ناهي ڪيو نه ئي چيو ته ڪنهن جي خلاف ڪارروائي ڪريو. هن جو چوڻ هو ته نيب هڪ خود مختار ادارو آهي پنهنجي انڪوائري ڪندو آهي، براڊ شيٽ جو معاهدو ادائگي به پاڻ ڪئي پر موجوده حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته اسان وزير رکيا آهن جيڪي احتساب ڪندا آهن ۽ نيب سان ڪوآرڊينيشن ڪندا آهن. جڏهن ته اهي به ثبوت موجود آهن ته هي حڪومت نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته براڊ شيٽ جي رڪوري ۾ حصو ملندو هو. هڪ شخص جي باري ۾ مواد ڳولي وٺي ۽ حڪومت چوي ته ان جي خلاف ڪارروائي ناهي ڪرڻي ته ان کي پنهنجو حصو ته ملڻ گهرجي ها. پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته جنهن جي خلاف مواد مليو آهي ان جو پيڇو ڪيو وڃي. هن وزيراعظم کي چئلينج ڪندي چيو ته وزيراعظم کي چئلينج ڪريان ٿو ته براڊ شيٽ فيصلي کي عوام آڏو آڻيو. هن وڌيڪ چيو ته موسوي پنهنجا بيان بدلائيندو رهندو آهي هو چوي ٿو ته نيب چوي ٿو ته فلاڻي جي خلاف ڪجهه نه ڳوليو، سعودي عرب کان جيڪڏهن پئسا آيا آهن ته ان جو نالو ٻڌايو.

