خاص

شرمين عبيد چناءِ پاران عورت فلمسازن جي مالي مدد جو اعلان

فلمساز شرمين عبيد چناءِ ملڪ جي نئين فلمساز عورتن جي مالي ۽ فني مدد ڪرڻ لاءِ منصوبي جو اعلان ڪيو آهي. شرمين عبيد پنهنجي فلم پروڊڪشن اداري ايس او سي فلمز جي بينر هيٺ نئين منصوبي پٽاخه پڪچر جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت پاڪستان جي عورتن کي فلم ٺاهڻ لاءِ مالي ۽ فني مدد فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پٽاخه پڪچر وسيلي عورت فلمسازن کي 40 منٽن جي دستاويزي، فيچر، اينيميٽڊ ۽ لائيو ايڪشن فلمون ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي ويندي. وڌيڪ معلومات سيپٽمبر ۾ جاري ڪئي ويندي.