خاص

پاڪستان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حج ڪوٽا سعودي عرب کي واپس ڪري ڇڏي

مذهبي معاملن واري وزارت جي ذريعن موجب سرڪاري اسڪيم جي 8 هزار حاجين جي حج ڪوٽا سعودي عرب کي واپس ڪئي وئي، سرڪاري اسڪيم تحت گهٽ درخواستون ملڻ تي حج ڪوٽا واپس ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان حج ڪوٽا واپس نه ڪري ها ته رهائشگاهن ۽ ٻين مدن ۾ 24 ملين ڊالرز وڌيڪ ادا ڪرڻا پون ها. ذريعن موجب مهانگي حج سبب پاڪستانين گهٽ درخواستون جمع ڪرايون، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا حج ڪوٽا واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.