خاص

غير مسلسل فاقن سان ذيابيطس جو خاتمو ممڪن

ذيابيطس جي مريضن لاءِ هڪ حوصله افزا خبر آئي آهي ته غير مسلسل فاقن (انٽرمٽنٽ فاسٽنگ) سان ٽائپ ٽو ذيابيطس جو مڪمل خاتمو ممڪن آهي جيڪا هڪ اهم پيش رفت آهي. چين ۾ ذيابيطس جي شڪار ڪجهه مريضن کي هڪ عرصي تائين غير مسلسل فاقن مان گذاريو ويو ۽ هڪ سال تائين انهن جون دوائون روڪيون ويون ۽ هاڻ انهن جي رت ۾ کنڊ جي سالماتي سطح 6.5 سيڪڙو برقرار آهي. رت ۾ گلوڪوز جي هن ٽيسٽ کي ايڇ بي اي ون سي چيو وڃي ٿو. اها تحقيق اينڊوڪرائن سوسائٽي جي جرنل ۾ شايع ٿي آهي. غير مسلسل فاقن ۾ ڏينهن جا ڪجهه ڪلاڪ (مثال طور 8 ڪلاڪ) بکيو رهڻو پوندو آهي، ڪجهه هفتن تائين روزانو هڪ ئي کاڌو کاڌو ويندو آهي يا هڪ ڏينهن ڇڏي هڪ ڏينهن روزي جهڙي ڪيفيت اختيار ڪرڻي پوندي آهي، جنهن سان وزن گهٽ ڪرڻ ۾ به گهڻي مدد ملندي آهي پر سڀني کان وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ته دل ۽ ذيابطس جي بيماري کي پڻ ٽاري سگهجي ٿو.