پاڪستانخاصنيو‍‍ز

شر پسند سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو خدشو، صوبائي حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

سنڌ ۾ شر پسند داخل ٿيڻ جي خدشي سبب صوبائي حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو آهي. افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ تازو دهشتگرد واقعن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ شر پسند سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي خدشي سبب ڪراچي جي ڀرپاسي گهٽ استعمال ٿيندڙ روڊن تي سفر ڪرڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. گهرو کاتي جي سفارشن جي روشني ۾ سومر ڳوٺ، سالو ڳوٺ، نور محمد ڳوٺ جي روڊ کي سفر لاءِ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دريجي ٽريش روڊ به بند ڪيو ويو آهي، انهن روڊن تي اچ وڃ تي پابندي 9 آڪٽوبر تائين لڳائي وئي آهي. ڪراچي جي ڪمشنر بلوچستان مان پنجن ئي رستن وسيلي سنڌ ۾ داخلا تي پابندي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. اها پابندي رينجرز جي سفارشن تي لڳائي وئي آهي، جنهن تحت ايندڙ 30 ڏينهن انهن رستن کان سنڌ ۾ داخلا تي مڪمل پابندي ھوندي. نوٽيفڪيشن موجب ملير، ويسٽ ۽ ڪيا ماڙي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي پوليس جي مدد سان قانون تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پابندي دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي شھرين کي عباس ڳوٺ، مراد ڳوٺ، وڏيرا ايم ڳوٺ، ويسٽرن باءِ پاس، رئيس ڳوٺ، مين آر سي ڊي هاءِ وي، آفتاب چوڪ، بري چوڪ ۽ بند مراد سميت خدا بخش ڳوٺ وسيلي اچ وڃ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شرپسندن جي داخلا جي خطري سبب قلم 144 تحت انهن رستن جي استعمال تي پابندي هوندي.