شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ پارٽي جا معاملا هاڻ مريم نواز هلائيندي
مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ پارٽي هاڻ عملي طور تي مريم نواز ئي هلائيندي. شاهد خاقان عباسي ۽ احسن اقبال سميت سمورن سينئر ليگي اڳواڻن کي شهباز شريف جي مفاهمتي پاليسي جي بجاءِ نواز شريف جي جارحانه بيان کي ترجيح ڏيڻي پوندي. سومر تي شهباز شريف جي گرفتاري کان اڳ ئي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال ٻنپهرن جو 4 وڳي پريس ڪانفرنس شيڊيول ڪئي هئي، پر شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ مريم نواز هنگامي پريس ڪانفرنس جو دعوت نامون موڪلي ڇڏيو هو. (ن) ليگي ذريعن موجب شهباز شريف پنهنجي گرفتاري جي صورت ۾ پارٽي معاملا شاهد خاقان ۽ احسن اقبال جي ذريعي هلائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر مريم نواز هنگامي طور تي ميدان ۾ آئي ۽ سينئر ليگي اڳواڻن کي ان جي آواز تي لبيڪ چوڻو پيو. احسن اقبال، پرويز رشيد، رانا ثناءُ الله، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين، خرم دستگير، مريم اورنگزيب سميت سمورا ليگي اڳواڻ پريس ڪانفرنس ۾ موجود هئا. صرف شاهد خاقان، خواجه آصف ۽ سعد رفيق ئي موجود نه هئا. مريم نواز پريس ڪانفرنس دوران اشارو ڏنو هو ته هوءَ تمام جلد ليگي ڪارڪنن سان گڏ روڊن تي به نڪرندي. ملڪ گير احتجاجي جلوسن، ريلين سميت گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم جي لاءِ به مريم نواز ئي فرنٽ فٽ تي کيڏندي. هاڻ ڏسڻو پوندو ته پارليامينٽ جي اندر نواز شريف ۽ مريم نواز جي پاليسي تي ڪيئن عمل ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جو هنگامي اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب.

