وڏن بجلي چورن ۽ ناجائز منافعي خورن خلاف ڪارروائي جي هدايت

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ توانائي واري شعبي ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي انتظامن جو جائزو ورتو ويو ۽ بجلي جا اگهه گهٽ ڪرڻ لاءِ چوري جي خاتمي بابت رپورٽ به وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪجهه هزار رپيا بل ڏيڻ وارن بجلي چورن کان ڪروڙين رپيا رڪور ڪيا ويا آهن ۽ ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ هزارين ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته بجلي چوري جو نتيجو غريب عوام ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪندو، وڏن بجلي چورن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو وڃي. حڪومت غريبن جي تحفظ تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪندي. وزيراعظم اختيارين کي هدايت ڪئي ته غريب جو تحفظ ڪيو، وڏن چورن ۾ هٿ وجهڻ سان بجلي سستي ٿيڻ جو موقعو ملندو
