نوشهروفيروز ۾ 27 مهينن جي ٻار کي پوليو هجڻ جي تصديق

نوشهروفيروز جي علائقي ڀريا روڊ جي ڳوٺ وهاب پاتو ۾ معصوم نينگر انيل راڄپر کي پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آهي. 14 فيبروري تي نينگر جا سيمپل اسلام آباد موڪليا ويا هئا. ان سلسلي ۾ صحت کاتي نوشهروفيروز جي پوليو بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ساجن داس نينگر ۾ پوليو هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. نينگر جي عمر 27 مهينا آهي. نينگر کي پوليو مهم دوران 7 ڀيرا پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا هئا. نينگر جي پيءُ پنهل پاتي چيو ته غريب ماڻهو آهيان، پٽ جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي
