سنڌ ۽ اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ٻه ڪيس ظاهر، آئيسوليشن وارڊ منتقل

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار فرودس عاشق اعواڻ ۽ صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ چئني صوبن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي آفيسرن کان وڊيو لنڪ ذريعي اپڊيٽ پڻ ورتا ويا. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سنڌ ۽ وفاق ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ٻه ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ مريضن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي. ڪورونا جي پهرين ٻن ڪيسن جي حوالي سان ڊاڪٽر مرزا چيو ته ٻنهي جي صحت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي، جلد هڪ مريض کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويندو