شهيد بينظيرآباد ۾ قومپرست ڪارڪنن مٿان قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران غير قانوني طور گهر تي چڙهائي ۽ تشدد
سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پارٽي کي حڪمراني ڪندي مسلسل 14 سال ٿي ويا آهن. سنڌ پاڪستان جو صوبو آهي جيڪو انگريز جي حڪمراني کان 1947ع ۾ آزاد ٿيو ۽ پاڪستان جو حصو بڻيو. 1843ع ۾ انگريز سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريز کان پهرين به سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڪا بهتر نه هئي، پر غلام نه هئا، پر انگريز جي قبضي کانپوءِ سنڌ غلام ٿي. انگريز هڪ ته هتان جي طاقتور ماڻهن کي پاڻ سان ملايو بلڪه نوان سردار، خان ۽ خان بهادر پڻ پيدا ڪيا جيڪي انگريز جي حڪمراني قائم رکڻ لاءِ پنهنجن ماڻهن تي ظلم ڪندا رهن، انهيءَ سان گڏ انگريز هڪ پوليس جو کاتو پڻ قائم ڪيو جنهن جو مقصد ته قانون لاڳو ڪرڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ هو، پر ان سان گڏ پوليس کي اها تربيت ملي ته انگريز بهادر جي خلاف جيڪي به ماڻهو آهن انهن کي گرفتار ڪرڻو آهي جيلن ۾ وجهڻو آهي ايستائين جو انهن جي عورتن کي به گرفتار ڪري ٿاڻن تي آڻي بيعزتو ڪرڻو آهي. انهيءَ پوليس جي تربيت جو اثر آهي جو اڄ مطلب 2022ع ۾ پوليس 1922ع جو عمل دهرائي رهي آهي. نوابشاهه يا شهيد بينظيرآباد ۾ جيڪي ڪالهه ٿيو ان عمل جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌ اڃان به انگريز جي غلامي ۾ آهي يا انهن جي ڪارندن ۽ پوليس جو ڪردار به ڀاڙيتو محسوس ٿيو پوءِ دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ نثار ڪيريو هڪ قومي ڪارڪن آهي انتهائي بهتر ماڻهو آهي اگر ان تي ڪو قانوني ڪيس به داخل آهي ته ان جي گهر ۾ گهڙي عورتن سميت گرفتار ڪرڻ هڪ معذور پوڙهي کي لٺيون هڻڻ بنا ڪنهن سرچ وارنٽ ۽ ليڊي پوليس جي هڪ عورت کي گرفتار ڪرڻ. اسان کي ته اهو محسوس ٿو ٿئي انگريز سرڪار آهي ان جا واٺا خان بهادر پوليس جي مدد سان گهرن ۾ گهڙي عورتن کي گرفتار ڪن ٿا. حڪومت ڪٿي آهي؟ حڪومت ته انهيءَ سڄي ظلم کي هٿي وٺرائي رهي آهي. پوءِ دانهن ڪنهن کي ڏجي؟ پوليس وارا ته ٻاهر بيٺل موٽرسائيڪلن کي به لٺيون هڻن پيا بدمعاشي انهيءَ کان وڌيڪ ڪهڙي هوندي. هن حڪومت مان انصاف جي آس رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. اسان کي يعني عوام کي سوچڻو آهي ته اسين ڪيستائين ظلم برداشت ڪنداسين يا پاڻ ۾ گڏجي انهيءَ ظلم ۽ ظالم جي خلاف ٻڌي جي طاقت سان انهيءَ ظالم نظام کي دفن ڪنداسين، فيصلي جي طاقت اسان وٽ آهي، پر ڪڏهن ٿا ڪريون؟