اوزون سطح جلد پنهنجي پراڻي حالت ۾ واپس اچي ويندي: رپورٽ
نيروبي گلوبل وارمنگ جي پيشِ نظر اوزون جي تهه کي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿيڻ لڳيون. سومر ڏينهن سموري دنيا جي سائنسدانن طرفان مرتب ڪيل رپورٽ مطابق اوزون کي نقصان پهچائندڙ شين جي استعمال ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ اوزون جي تهه بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ هن صدي جي آخر تائين زمين کي گلوبل وارمنگ سبب وڌندڙ گرمي پد ۾ 0.5-1 ڊگري تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. اوزون سطح ڌرتيءَ کي ڍڪيندڙ هڪ حفاظتي سطح آهي جيڪا سج مان ايندڙ نقصان ڏيندڙ الٽراوائلٽ ڪرڻن کي زمين جي ماحول ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ٿي.

