خاص

برآمدات ۾ وڌيڪ گهٽتائي صنعتون بند، ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل سيڪٽر خطري بابت آگاهه ڪري ڇڏيو

سومر ڏينهن پاڪستان هوزري مينوفيڪچررز ايسوسئيشن جي آفيس ۾ ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل ايسوسئيشن جي چيف ڪوآرڊينيٽر جاويد بلواڻي پي ايڇ ايم اي جي سينٽرل چيئرمين بابر خان، رفيق گوڊيل، جنيد ماڪڊا، مزمل حسين ۽ ٻين نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته برآمدات وڌائڻ بابت حڪومت جا صرف دعويٰ سامهون اچي رهيا آهن، پر عملي سمت غير واضح آهي، حڪومت جي ترجيحاتي فهرست ۾ برآمدي شعبو ٽئين نمبر تي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستاني صنعتڪار مايوسي سبب تيزي سان ٻاهرئين ملڪ وڃي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ليبر ۽ مئنيجمينٽ جا 75 لک ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن، جن مان 40 لک ماڻهن جو تعلق ٽيڪسٽائل سيڪٽر سان آهي. حڪومت هن صورتحال کي اڃا تائين سنجيدگي سان نه وٺي رهي آهي.