خاص

سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ ڪيئن خريد ڪيا ويا؟ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر راز کولي ڇڏيو

ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر سينيٽ چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جو وڏو راز کوليندي چيو آهي ته 2018ع ۾ نوٽن سان ڀريل بيگ ملي رهيا هئا. رپورٽ موجب سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر محفوظ يار خان چيو ته ايم ڪيو ايم جي هڪ ميمبر گاڏي وٺي پنهنجو ووٽ وڪرو ڪيو، جڏهن ته ٻئي پئسا ورتا. ان وقت جو سينئر وزير نثار کهڙو سينيٽ ووٽن لاءِ رابطا ڪري رهيو هو. محفوظ يار خان چيو ته مون پاڻ نثار کهڙو کان ايڊوانس پئسا گهريا هئا، پر معاملا طئي نه ٿي سگهيا. هن دعويٰ ڪئي ته ڊاڪٽر عاصم حسين جو پنهنجو سياسي ڪردار آهي جڏهن ته شهلا رضا اردو ڳالهائيندڙ اسيمبلي ميمبرن سان ووٽن لاءِ رابطا ڪيا. هو سڀني کان وڌيڪ رابطا ڪري رهي هئي. شهلا رضا چيو ته اسان فنانس به ڪنداسين ۽ جنرل اليڪشن جي ٽڪيٽ به ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته فروغ نسيم جي سيٽ ته وڏي مشڪل سان نڪتي. متحده جا ڪجهه ميمبر پيپلز پارٽي جي وزيرن جي گاڏين ۾ ووٽ وجهڻ آيا. ڪلفٽن جي هڪ اسپتال ۾ پئسن سان ڀريل بيگ ملي رهيا هئا. ماڻهو سمجهي رهيا هئا ته دوا وٺڻ آيا آهن، پر پئسن سان ڀريل بيگ کڻي اسپتال مان هليا ويا.