شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي رنگ حميده قاضي

ادب سماج جو آئينو آهي، جنهن مان سموري سماج جي تصوير هوبهو پَسي سگهجي ٿي. ليکڪ پنهنجي داخلي ڪيفيتن ۽ خارجي حالتن جو عڪس پسائيندو آهي.

ادب جو بنيادي وسيلو ٻولي آهي. ٻولي لفظن کي جنم ڏئي ٿي ۽ لفظ وري تاريخ جوڙين ٿا. ماضيءَ جي ميراث کي حال ۾ آڻي، آئيندي جي اڏاوت ڪن ٿا.

شاعريءَ وسيلي حالتن جي عڪاسي سان گڏ عقيدا، نظريا ۽ رجحان به شاعر اظهاريندو آهي ۽ ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ به شاعر جو ئي ڪم آهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ لطيف سائينءَ کانپوءِ شيخ اياز کي شاعريءَ جي نئين دور جو بنيادي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو شاعر سمجهيو وڃي ٿو.

تاريخ ۾ اُها ڌرتي سدا لاءِ اَمر بڻجي ويندي آهي، جتي ڪو ڏاهو جنم وٺندو آهي. شيخ اياز جو جنم شڪارپور جي مردم خيز مٽيءَ واري شهر ۾ ٿيو. شيخ اياز جو جنم ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي ٺهيل ڄم- داخلا رجسٽر موجب 20 فيبروري 1924ع تي ٿيو، جڏهن ته هن کان اڳ سندس جنم جي تاريخ 02 مارچ 1923ع هلندي اچي.

شيخ اياز جو والد منشي غلام حسين به شاعري ڪندو هو ۽ مطالعي جو پڻ شوق رکندو هو. ان ڪري اياز کي ننڍپڻ کان ئي گهر ۾ علمي ادبي ماحول مليو.

شڪارپور جي هندو سنڌي اسڪول نمبر 03 ۾ داخلا وٺي، نصابي تعليم جي شروعات ڪيائين، پر ٿوري ئي عرصي ۾ غلام حسين شيخ (سندس والد) کيس ورنيڪيولر اسڪول 02 ۾ داخل ڪرايو. هاڻي جيڪو “پرائمري اسڪول جماڻي هال” جي نالي سان مشهور آهي.

شيخ اياز جي پنهنجي لکڻين مان ئي خبر پوي ٿي ته هن ٻئي درجي ۾ ئي “گل با صنوبر چه کرد”، “امير حمزي جو داستان” ۽ “حاتم طائي” جا قصا پڙهيا هئا. انهن ڏينهن ۾ شڪارپور جا تعليمي ادارا ۽ استاد پوري ننڍي کنڊ ۾ مشهور ۽ مثالي هوندا هئا ۽ ثقافتي سرگرميون به عروج تي هونديون هيون. اهڙي ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ شيخ اياز جو شعور اُسريو.

پرائمري کانپوءِ اڳتي هلي نيو ايرا اِسڪول (هاڻوڪو قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) ۾ داخل ٿيو، جتي کيئل داس فانيءَ جهڙا استاد ۽ رهبر مليا، جنهن جي تربيت هيٺ رهي، شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سَنوارَ آئي.

اُن زماني ۾ عام طور تي سنڌ ۽ خاص طور شڪارپور ۾ ٻارن جي ادبي سرگرمين جو اهڙو اوج هو جو “ٻالڪ ساهت سنگت منڊل” ٺهيو ۽ هُو سڀ گڏجي رسالا به شايع ڪرائڻ لڳا. شيخ اياز ننڍپڻ ۾ ئي هوند راج داس ۽ بهاري ڇاٻڙيا سان گڏجي “سُدرشن” رسالو به ڪڍيو.

1943ع ۾ شيخ اياز انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ اڳتي پڙهڻ لاءِ ڏيا رام ڄيٺمل (D.J) ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1945ع ۾ بي. اي پاس ڪري ايل. ايل. بي ڪيائين ۽ 1947ع ۾ وڪالت جي ڊگري وٺي عملي ميدان ۾ داخل ٿيو. اول عبدالحئي قريشي پوءِ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان گڏجي ڪم ڪيائين، ان وچ ۾ سنڌ جي ڏاهي وڪيل اي. ڪي. بروهيءَ سان به ڏيٺ ويٺ ٿيس.

ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ وسيلي نوجوانن ۾ جاڳرتا جي جوت جلائي. 1947ع ۾ ماهوار “سنڌو” جي “شهيد نمبر” ۾ شيخ اياز جو گيت ڇپيو، جنهن تي کيس پهريون ادبي انعام مليو. اپريل 1947ع ۾ ئي “باغي منڊل” پاران “سفيد وحشي” جي نالي سان ڇپايو ويو.

1947ع جو سال وڇوڙي جو سال به هو، جنهن سنڌي هندن کي اباڻا ڪک ڇڏي لڏڻو پيو. سنڌي ليکڪن جي وڃڻ ڪري هڪ وڏو ادبي خال پيدا ٿيو. اهڙي ماٺار کي به شيخ اياز وقت بوقت پنهنجي شاعريءَ وسيلي ٽوڙيو:

ڪيئن ڪو ڪُوڪاري

مڙني ماٺ اچي وئي!

واڪي وَسُ ڇڏي ڏنو، نعري ناڪاري،

آهي ڪو ڪوهيارُ، جو ڏونگر کي ڏاري!

مڙني ماٺ اچي وئي!

ادبي سرگرمين جي سلسلي ۾ ماٺار کي ٽوڙڻ ۾ محمد ابراهيم جويو، سوڀو گيانچنداڻي، نورالدين سَرڪي، غلام رباني آگرو، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ، رسول بخش پليجو، جمال ابڙو، جمال رند، حميد سنڌي ۽ تنوير عباسي ساڻس مددگار رهيا.

شيخ اياز ڪجهه عرصي کانپوءِ ڪراچي ڇڏي، سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي ڳوٺاڻن مؤڪلن معرفت ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ويجھڙائيءَ کان مشاهدو ڪيو ۽ انهن کان ٻُڌل لفظ اصلوڪا ۽ نج لفظ پنهنجي شاعريءَ ۾ به استعمال ڪيا. سکر واري دور ۾ شيخ اياز جو ويجهو دوست مونس پنجابي هوندو هو. اهڙي دل گُهرئي دوست جي وڇوڙي کانپوءِ پنهنجي پٽ جو نالو “مونس” رکيائين. انهن ڏينهن ۾ شيخ اياز مقبول صديقيءَ سان گڏجي “محفل” رسالو ڪڍيو ۽ بعد ۾ هفتيوار “روشني” جو ايڊيٽر ٿيو.

شيخ اياز سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي، جيڪا ترقي پسند مصنفين ۽ حلقهءِ احباب ذوق جي محفلن ۾ شوق سان ٻڌي ويندي هئي. انجمن ترقي پسند مصنفين جو کيس نائب صدر به چونڊيو ويو هو. 1952ع ۾ کيس سال جو بهترين شاعر مڃيندي “هم قلم ايوارڊ” ڏنو ويو. 1953ع ۾ “شاهه جو رسالو” جو منظوم اردو ترجمو ڪيائين، 1955ع ۾ سچل، سامي ۽ سانگيءَ جي ڪلام جو به منظوم ترجمو ڪيائين. ان سان گڏوگڏ شيخ اياز جي شاعري جا پڻ ترجما ڪيا ويا. احمد سليم هن جي شاعريءَ جو منظوم پنجابي ترجمو “جو بيجل ني آکهيا” نالي سان ڪيو ۽ فهميده رياض “حلقه ميري زنجير ڪا” نالي سان ڪيو. آفاق صديقيءَ شيخ اياز جي اردو شاعري ترتيب ڏئي شايع ڪرائي.

1963ع ۾ “ڀؤنر ڀري آڪاس” شايع ٿيو ۽ 1964ع ۾ اِن ڪتاب تي سرڪار پاران بندش وڌي وئي. ساڳئي ئي سال “ڪُلهي پاتم ڪينرو” ۽ نثري ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” تي به پابندي لڳي. 1965ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، جنگ جي پسمنظر ۾ شيخ اياز پنهنجي دوست نارائڻ شيام جو حوالو ڏيندي نظم “سنگرام” لکيائين:

هي سنگرام!

سامهون آ،

نارائڻ شيام…

1968ع ۾ شيخ اياز کي گرفتار ڪري، ساهيوال جيل موڪليو ويو، اُتي ساڳئي ئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به ساڻس گڏ قيد هو.

1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي خواهش تي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. ان کانپوءِ 1985ع کان 1987ع تائين سکر ۾ ٻيهر وڪالت ڪيائين، پر بيماريءَ سبب سُتت ئي کيس سکر ڇڏي هميشه لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻي پئي. شيخ اياز ڪراچيءَ ۾ نويڪلائيءَ سبب شاعريءَ ۾ نوان نوان تجربا ڪيا. پراڻين صنفن کي نئين انداز سان پيش ڪيو ۽ ڌارين ٻولين جون جديد صنفون به سنڌي شاعريءَ ۾ متعارف ڪرايون.

ڪنهن به شاعر جون تخليق ڪيل سٽون آئيني مثل هونديون آهن، جن ۾ سندس تصوير جهلڪندي آهي. شيخ اياز جي شاعري به هن جي شخصيت جو آئينو آهي. شاعر جي سٽن ۾ اونهو راز سمايل هوندو آهي.

سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي مقام جو جڏهن تعيّن ڪبو ته سندس شاعريءَ ۾ سنڌ توڙي سموري ننڍي کنڊ جي معاشرتي ۽ اقتصادي حالتن جو سمورو وچور موجود آهي.

ڪشنچند بيوس ۽ ان کانپوءِ واري دور جي سڀني شاعرن ايراني ماحول کان ته پاند آجو ڪري ورتو هو، پر فارسي لفظن جو اثر پوءِ به سندن شاعريءَ ۾ رهندو آيو. شيخ اياز جي شروع واري ڪلام ۾ به ماضيءَ جي روايتن جو رنگ نظر اچي ٿو.

“قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا،

ڪري پـيو ڪـير بارش ِ مـي خمــار آلــود ٿـــيــا زمـــانــــا.”

اهڙيون سٽون ۽ ڪجهه ٻي شاعري آهي، جنهن ۾ فارسيءَ جي هلڪي آميزش موجود هئي، پر اڳتي هلي شيخ اياز انهن سڀني ڳالهين کان پنهنجي شاعريءَ جا پاند مڪمل طور آجا ڪري ورتا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا عام فهم لفظ استعمال ڪري، پنهنجي شاعريءَ کي زيبائتو بڻايو.

ان سلسلي ۾ محمد ابراهيم جويو چوي ٿو:

“اياز پنهنجي شعري ٻوليءَ کي جو قومي ۽ عوامي رنگ ڏنو آهي، اهو سندس ڪم سنڌي قوم ۽ اُن جي آئيندي لاءِ آبِ حيات کان گهٽ نه آهي.”

شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ هيٺين غريب طبقي ۽ مسڪين مارن جو ذڪر ڪري پاڻ کي بکايل، غريب ديسَ واسين جو پرچارڪ ثابت ڪيو آهي. ان لحاظ کان شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جي هڪ نئين دور جو بنيادي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو آهي ۽ اُن بنياد مٿان ئي جديد شاعريءَ جي خوبصورت عمارت جُڙيل آهي.

شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جو اهڙو سُونهون ۽ سَرواڻ آهي، جنهن پنهنجي فن، فڪر ۽ اٿاهه علم سان اهڙو پيچرو تعمير ڪيو، جنهن تي ڪيترن ئي پنهنجو ماڳ معلوم ڪيو ۽ سنڌي شاعريءَ جي هن مڪتبهءِ فڪر وٽان ڄاڻ حاصل ڪئي. سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز اهڙو مقام ماڻهو جو هن جهڙي فڪري مڪتب مان اڻ ڳڻا ادبي پانڌيئڙا سندس بي مثال تخليقن مان معنيٰ جا موتي ميڙي رهيا آهن ۽ اِهو سفر صدين تائين جاري رهندو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح سڀني شاعرن جو اڳواڻ آهي. شيخ اياز به لطيف سائينءَ جي سٽن کي سانڍي ساڳيو فڪر ۽ فلسفو اڳتي وڌايو آهي.

“آڻ پڻيءَ تي پنهنجون پنبڻيون، کِههَ ۾ اکڙيون کولِ،

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀرسان ويهي، پنهنجي ڳُجهه کي ڳول!”

سموري حياتي بي انتها مصروفيت ۾ گهاري 28 ڊسمبر 1997ع تي هُو زندگيءَ جو ڳُجهه ڳولهيندي ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ تي پهتو. شيخ اياز جو وڇوڙو شاعريءَ جي هڪ مڪمل دور جي پڄاڻيءَ سان گڏ ٻئي نئين دور جي شروعات به آهي.

سياسي گُهٽ ٻوسٽ، اقتصادي ڦرلٽ ۽ سماجي اڻ برابري مزاحمت کي جنم ڏيندي آهي ۽ اهڙي سماج ۾ ئي مزاحمتي ادب جي گهڻي گنجائش هوندي آهي، پر ڪنهن به مزاحمتي شاعر جي شاعريءَ ۾ حقيقت جو عڪس تڏهن پسي سگهبو آهي، جڏهن ان مان سچ ظاهر ٿئي.

جيڪو شاعر اديب اهڙي سماج ۾ پاڻ ذاتي طور تي نٿو ڀوڳي، تيستائين ان جي لکڻين ۾ اُها سچائي، اُهو درد، اُها تڙپ ۽ اها ڏاڍَ خلاف مزاحمت ۽ ڌڪارَ نظر نه ايندي، پوءِ اهڙو مزاحمتي ادب رُڳو ڏيکاءَ وارو ٿي رهجي ويندو.

 مزاحمتي ادب جي حوالي سان ڏسجي ته آنڌ مانڌ وارو دور سڀ کان اڳ ۾ فرانس ۾ نظر اچي ٿو. فرانس ۽ نازي والار جي خلاف مزاحمتي شاعري ڪئي وئي ۽ اُها عوام ۾ ايتري قبول پئي، جيتري اسپين جي خانا جنگيءَ ۾ لورڪا جي ٿي هئي. اها شاعريءَ ماڻهن ۾ لِڪ چوريءَ ورهائي ويندي هئي. اهڙي شاعريءَ ۾ سڀ کان اهم ۽ وڏو نالو پال اليوار جو آهي ۽ بودليئر به 1857ع ۾ فرانس ۾ پنهنجو ڪتاب“Flowers of Evil” (گناهه جا گُل) شايع ڪرايو هو.

ان کانسواءِ مزاحمتي شاعري جي لحاظ کان اسپين جي پسمنظر کي ڏسجي ته اسپين ۾ جمهوري ماحول ۾ انقلاب کانپوءِ پهريون ڀيرو ٻاهرين قوتن جي سهڪار سان اديبن کي نڙيءَ تي ننهن ڏئي خاموش ڪرايو ويو ۽ ڪيترائي پنهنجي ڌرتي به ڇڏي ويا. لورڪا مزاحمتي شاعر هو ۽ هن جو عوامي انداز حڪومت جي ڪارندن کي پسند نه آيو ۽ رجعت پسند ٽولي ان کي ختم ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي. لورڪا جي شاعريءَ ۾ اسپين جي ڌرتيءَ جي رت شامل آهي. آلبرٽي ريفل به پنهنجي دور جو وڏو شاعر آهي. هن به غلط کي غلط چيو ۽ سچ چوڻ ۾ ڪو رکُ رکاءُ نه ڪيو. جيتري مزاحمت ان دور جي حالتن جي تقاضا هئي، ان کان به وڌيڪ مزاحمت هن جي شاعريءَ ۾ آهي. آندري مالرو ته اڳ ۾ ئي اسپين جي مزاحمتي تحريڪن ۾ شامل هو. اسپين جي خانا جنگيءَ کي “شاعرن جي جنگ” به سڏيو ويو آهي، ڇو جو اسپين جي آزاديءَ جي جنگ شاعرن اديبن اُتساهي هئي. انٽرنيشنل برگيڊ ٺاهي هئائون، جنهن ۾ ڪرسٽافر ڪاڊويل، انگريز ناولسٽ جارج آرويل، فرينچ ناول نگار آندري مالرو، هيمنگ وي، انگريز شاعر اسٽيفن اسپينڊر ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر اديب شامل هئا، جن جو تعلق انگلينڊ ۽ فرانس سان به پڻ هو.

آئرلينڊ جي ناول نويس ۽ شاعر جيمس جئائيس جي ناول“Ulysses”  ۽ انگريز ناول نگار ڊي. ايڇ لارنس جي ناول “ليڊي چيٽرلي جي عاشق” تي جمهوري مُلڪن ۾ به بندش وڌي وئي، جنهن جي ڪري به اِهي معاملا مزاحمت جي اُسرڻ ۾ بنيادي محرڪ بڻيا.

اٽليءَ تي جنهن وقت اتحادين جا حملا ٿي رهيا هئا ۽ ان جي شڪست صاف ظاهر هئي. ان وقت ۾ ان گاريٽي به ايولار وانگر شاعري ڪئي، جنهن ۾ دل جي درد کان وڌيڪ ڌرتيءَ ۽ ديس جو درد سمايل هو. اٽليءَ جي نوبل پرائيز ماڻيندڙ شاعر “سئلوي ڪُئاسي موڊو” به فاشزم جي دور ۾ مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو.

يورپ ۾ به تشدد جي دور ۽ نازي ازم ۾ فاشزم جي اُڀار کانپوءِ اُتي مزاحمتي شاعري ٿي.

انگلينڊ ۾ مزاحمتي شاعري ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ انهن شاعرن ڪئي، جن تي مارڪسزم جو اثر هو.

لاطيني آمريڪا جي مزاحمتي شاعري به خاص اهميت جي حاصل آهي، حالانڪه انهن جي مزاحمتي شاعريءَ ۾ نه ته ٻوليءَ جون نزاڪتون آهن ۽ نه ئي وري ڪا منظر ڪشي آهي، پر تنهن هوندي به منجهن تلخ سچايون آهن، جن ۾ گوريلا جنگ جا عڪس آهن.

روس ۾ مزاحمتي شاعري روس ۾ ته گهٽ ٿي آهي. پولينڊ، هنگري، چيڪو سلواڪيا، مشرقي جرمني، رومانيا ۽ يوگو سلاويا ۾ وڌيڪ اثرائتي هئي. اشتراڪي آمريت روسي اديبن جي اها آزادي به کسي ورتي، جيڪا هنن کي لينن جي دور ۾ نصيب ٿي هئي.

آفريڪا ۾ ڪافي وقت نسل پرستي جي روش خلاف مزاحمتي شاعري گهڻي ٿي.

سارتر چيو هو ته:

Nagro Poetry is the true Revolutionary Poetry of our time

ننڍي کنڊ جي حوالي سان ڏسجي ته چٽوپاڌياءِ، تورودت، سروجني نئڊو ۽ ٽئگور جي انگريزي ادب هندستان ۾ جاڳرتا جي جوت جلائي.

سنڌ ڌرتيءَ تي مختلف وقتن ۾ شروع کان ئي انياءَ ۽ ظلم جو راجُ رهيو آهي. ان جي خلاف ڌرتيءَ سان لاڳاپيل سچن شاعرن، اديبن، پنهنجي تحريرن وسيلي عام ماڻهوءَ کي شعور ڏنو. سنڌي شاعر اسان جي جدوجهد جو اڻ مٽ حصو آهن. سنڌ جي قومي استحصال جي رد عمل ۾ سنڌ اندر اديبن، شاعرن ۽ دانشورن قومي هلچل کي اڀاريو. موضوعن ۽ مسئلن جي لحاظ کان سنڌي ادب بين الاقوامي نوعيت جو ٿي پيو. انهن شاعرن نه رڳو انسانيت، محبت ۽ آزاديءَ جا گيت ڳايا، پر سنڌ ۾ بڇڙين رسمن ۽ فرسوده رواجن خلاف به مزاحمت ڪئي.

سنڌ ۾ ون يونٽ وارو وقت آمريت خلاف ڀرپور مزاحمت وارو دور رهيو آهي. سنڌي شاعر سچ خاطر مزاحمت ڪرڻ لاءِ هٺيلو هانءُ رکندڙ آهي. ون يونٽ خلاف اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي پيغام ۽ سنيهي تي سنڌ جي ڪُنڊ ڪُنڊ مان سجاڳ شاگرد ۽ شهري وچولو طبقو عمل جي ميدان ۾ نڪري آيو.

سنڌ جي اديب ۽ شاعر اهڙين حالتن ۾ سچ جي سَين هڻي، پنهنجي نظرياتي پختگي ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن سان پنهنجيCommitment  جو ثبوت ڏنو.

ماياڪو وسڪي چيو آهي ته:

“مان هر اُن جاءِ تي آهيان، جتي ڳوڙها ۽ ڏک بار بار صليب چاڙهيا ويا. آئون هر ان ڳوڙهي لاءِ آهيان، جو ڪٿي به وهيو آهي.”

شاعر کڻي ڪهڙو به نظريو رکندڙ هجي، پر جيڪڏهن سندس سٽن ۾ انسانيت لاءِ درد آهي، انسان لاءِ همدردي آهي، حق لاءِ حمايت آهي، ڪُوڙ ۽ ناانصافي لاءِ ڌڪار آهي ته اهو سچو آهي. اهڙي سچي تخليقڪار جي لکڻين مان انساني حياتيءَ کي سُک ۽ سڦلتا ملندا آهن. سچو تخليقڪار ڪڏهن به موقعي پرستيءَ ۽ منافقت جو پاسو نه وٺندو آهي ۽ انسانيت سان هم آهنگ نه هجڻ واري شاعر جون سٽون عامَ جي دلين تائين نه پهچنديون آهن. شاعر پيار جي پيغامبر هجڻ سان گڏ ويريءَ سان وَيرُ رکندڙ به هوندو آهي.

شيخ اياز جي شاعريءَ به هر وهندڙ ڳوڙهي جي ترجماني ڪئي آهي. سندس شاعري اصل ۾ هن جي بيپناهه مطالعي جو نچوڙ آهي. هن مختلف ٻولين جي ادب جو اڀياس ڪيو آهي ۽ انهن جون ڳالهيون، اهي تجربا پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريا آهن، جيئن دُنيا جي مزاحمتي تحريڪن جا مشاهدا، انهن جي سُورمن جون ساراهون، تاريخي واقعن سان پنهنجي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ اهنجن ۽ ايذائيندڙ سلسلن سان ڪڙيون ملائي پڙهندڙن تائين پهچايون آهن. ڌرتيءَ جي گولي جي هر ظالم کي هڪ جهڙو قرار ڏيندي ننديو آهي:

“او ڊايَر!

توکي ڪيئي سالَ مُئي ٿيا

روم روم مان تنهنجي نِڪتا

جيڪي ڪيڙا

سي به مِٽيءَ سان مٽي ٿي ويا

ڪالهه مگر تو ٽوڙهيءَ ۾

لڳ ڀڳ ساڳي ورديءَ ۾

ساڳي هولي کيڏي!

توکي عمر ملي ڇو ايڏي

او ڊايَر!

مون ته ٻڌو هو

ظلم سدائين قائم آهي،

ظالم قائم دائم ناهي.”

شيخ اياز پنهنجي ڌرتيءَ جي حالتن تي پڄري، بين الاقوامي تحريڪن جي تَت سميت اهڙي مزاحمتي شاعري تخليق ڪئي آهي، جنهن ۾ کوکلن نعرن جو سطحي رنگ نه پر فڪري ۽ شعوري واٽ جو ڏسُ ۽ سبق سمايل محسوس ڪري سگهجي ٿو.

سماج ۾ ايندڙ تبديليون عام ماڻهوءَ جي ڀيٽ ۾ شاعر اديب جلد پرکي وٺندو آهي. ماضيءَ جي مسئلن کي ڌيان ۾ رکي حال کي حقيقتن کي کولي نروار ڪرڻ هڪ باشعور شاعر جي خوبي ٿيندي آهي. شيخ اياز چوي ٿو:

“سـدا ســامهون سنڌ ۾، سَـــمــا ۽ ارغونَ،

ساڳي جوش جنونَ، پرڏيهي هِن ڏيهَه ۾.”

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڌارين سان گڏ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن تي نظر رکڻ ۽ نئين صبح سهاري ڌرتيءَ دشمنن کي سخت سيکت ڏيڻ جي اُميد به موجود آهي.

“ڪو سُورج ٻاري اينداسين!

۽ ڏينهن اُڀاري اينداسين!

ڪا باههِ لڳائي ٻيلن کي،

هِن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن کي،

اڄ ماري ڏاري اينداسين!”

شيخ اياز جي تخليقن جو پسمنظر اها هلچل ئي آهي. هن انهن حالتن ۽ هلچل کان متاثر ٿي شاعري ڪئي ته موٽ ۾ سندس شاعريءَ وري انهن تحريڪن ۽ هلچل تي اثرانداز ٿي ان کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏني.

شيخ اياز ون يونٽ مخالف هلچل ۾ ترقي پسند لڏي جي سرواڻ جي حيثيت ۾ ان جدوجهد جي علامت بڻجي اُڀريو. ايئن جو سنڌ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي استحصال واري صورتحال جو اياز جي شاعري آئينو بڻجي پئي.

اهڙي شاعريءَ سبب ۽ هلچل جو حصو بڻجڻ سبب کيس قيد به ڀوڳڻو پيو. سکر جيل جي گرمي ۽ تپش سندس جذبن ۾ ماٺار نه آندي. هُو پوئتي نه هٽيو، ڊڄي قدم واپس نه ورايائين، پر مسلسل شعر لکندو رهيو. ان وقت هُو پنهنجي ذاتي پيڙا کي وساري لکها ماڻهن جي درد جو ترجمان بڻيو. شيخ اياز جي شاعريءَ جو پورو مجموعو “ڪَپرُ ٿو ڪُن ڪري” قيد جي هيڪلائين وارن ڏينهن ۾ بنگال جي رتو ڇاڻ دوران لکيل آهي. شيخ اياز جي سموري مزاحمتي شاعريءَ ۾ انسان ذات تي ٿيندڙ ظلم خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ ڌرتيءَ جي وسيلن جي بچاءَ لاءِ تحريڪن لاءِ حمايت، سماجي، سياسي، اقتصادي، ناانصافي لاءِ ڌڪار سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي بچاءَ جا جتن ۽ ثقافت تي ٿيندڙ ڌاري يلغار خلاف ڀرپور مزاحمت موجود آهي.

قومي جدوجهد جي هر دور ۾ شيخ اياز هر صنف ۾ مزاحمتي شاعري آهي ۽ اُها شاعري اُن ڄاڻايل ۽ لاڳاپيل وقت جي ترجماني به ڪري ٿي ته منجهس فن جي بلندي به ملي ٿي.

“تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو!”

“شالُ کسي مان توتي تاڻيان، تنهنجا ڪانَ ڪمانَ…!”

“سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو،

سَهندو ڪير ميار…”

….

“ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌُ،

پوءِ به نعرا نِينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ،

مرنداسين پر مُرڪندي.”

شيخ اياز جي مزاحمتي شاعري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي اهڙي تسلسل جو اضافو آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ کي ويڙهاند لاءِ چوڻو پيو ته:

“سورهيه مرين سوڀ کي ته

 دل جا وهم وسارِ،

هڻ ڀـالا، وڙهه ڀاڪرين،

 آڏي ڍالَ مَ ڍَارِ،

مـٿان تـيغ تـرار،

مارِ تَه مـتـارو ٿــئـيـن!”

شيخ اياز مزاحمتي شاعريءَ جو محرڪ ٻڌائيندي پاڻ ئي چوي ٿو:

“ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جڏهن گهڻي گُهٽ ٻوساٽ ٿيندي آهي. ڏمر، ڏاڍ، ڦرلٽ ۽ تانا شاهي وڌي ويندي آهي، جڏهن انساني قدر پائمال ڪيا ويندا آهن، جڏهن رياست جا ذريعا حسن، حق ۽ نيڪيءَ جا کُليل يا ڳُجها دشمن هوندا آهن ۽ ڪُوڙ عوام تي ايئن مسلط ڪيو ويندو آهي، جيئن جرمن عوام تي گوئبلز (هٽلر جو اطلاعات جو وزير) ڪيو هو، جڏهن گوئرنگ (هٽلر جو ثقافتي امور جو وزير) جهڙا چورَ آرٽ تي قبضو ڪندا آهن ۽ هٽلر جهڙا ماليخوليا ۾ مبتلا انسان قوم جون واڳون هٿ ۾ جهليندا آهن ۽ جڏهن هرمن هيسي ۽ هِملر جهڙا عقيدتمند آمريت جا هٿيار ٿي ڪم ايندا آهن، تڏهن شاعرن کي پنهنجي دور تي ايتري ڪاوڙ ايندي آهي جو هُو شاعريءَ کي انسان جي نجات جو ذريعو ڪري ڪم آڻيندا آهن ۽ شاعري مقصد بالذات نه رهندي آهي.”

 

***

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments