شڪار کان منع ڪرڻ تي ناظم جوکيو طاقتور ڌرين جو شڪار
سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي عرب مهمانن کي شڪار کان جهلڻ، سندن وڊيو ٺاهڻ ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ تي ملير جي نوجوان کي مبينا طور قتل ڪيو ويو. ناظم جوکيو کي ڄام اويس گهرام پنهنجي گهر گهرايو ۽ ان سان ڳالهه ٻولهه دوران کيس تشدد جو شڪار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس مطابق ملير ميمڻ ڳوٺ جي ويجهو هڪ شخص جو لاش مليو جنهن جي سڃاڻپ ناظم جوکيو جي نالي سان ٿي آهي. هن ٺٽي ۾ قومي اسيمبليءَ جي رڪن ڄام اويس گهرام جي غير ملڪي عرب مهمانن کي شڪار کان منع ڪئي، پوليس جي چوڻ مطابق لاش جو پوسٽ مارٽرم جناح اسپتال ۾ ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته پوليس ناظم جوکيو جي ڀاءُ جي مدعيت ۾ قتل جي قلم هيٺ مقدمون درج ڪري ورتو آهي. مقدمي ۾ ڄام اويس ۽ سندس ساٿين کي نامزد ڪيو ويو آهي. پوليس جي چوڻ مطابق ڄام هائوس ۾ 35 سالن جي ناظم ولد سجاول جوکيو کي لٺين ۽ ٺونشن سان حملو ڪري ماريو ويو. مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو الزام لڳايو آهي ته سندس ڀاءُ ناظم جوکيو کي ڄام اويس گهرام قتل ڪيو آهي. جنهن کانپوءِ سردار ڄام عبدالڪريم سندس ڀاءُ کي ڄام هائوس تي گهرائڻ جو حڪم ڏنو. مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته جڏهن هو ڪجهه دير کانپوءِ ڄام هائوس پهتو ته کيس ٻڌايو ويو ته سندس ڀاءُ مري چڪو آهي. ان سلسلي ۾ جڏهن هن رڪن قومي اسيمبلي ڄام اويس گهرام ۽ سردار ڄام عبدالڪريم سان رابطي جي ڪوشش ڪئي ته ٻنهي جا موبائل نمبر بند مليا، واٽس ايپ تي به موجود نه هئا. ڄام اويس ٺٽي مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ سندس ڀاءُ ڄام عبدالڪريم ملير مان قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيل آهن.