خاص

شھباز شريف طرفان عطاءُ الله مينگل جي وفات تي تعزيت جو اظهار

اپوزيشن اڳواڻ شھباز شريف عطاءُ الله مينگل جي وفات تي سندس پٽ اختر مينگل سان تعزيت ڪندي چيو ته آئين جِي شق 58 ٽو- بي ڪيترين ئي جمهوري حڪومتن جو خاتمو ڪيو. تڪراري شق جَي خاتمي لاءِ سردار عطاءُ الله مينگل اهم ڪردار ادا ڪيو. بلوچستان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، پر اُتي پاڻي ۽ بجلي جو سنگين مسئلو آهي. جمهوريت لاءِ سڀني صوبن جو احترام ڪرڻو پوندو.