صارفين خبردار! واٽس ايپ جو پرائيويسي پاليسي بابت بيان سامهون اچي ويو

واٽس ايپ نئين پرائيويسي پاليسي تي نظرثاني جو موقعو ڏيندي چيو آهي ته صارفين کي پنهنجي مرضي ۽ پنهنجي ٽائيم فريم جي تحت پاليسي جو جائزو وٺڻ جي سهولت ڏينداسين ۽ ياد ڏيارڻ جي لاءِ هڪ بينر به ايپ تي نظر ايندو رهندو. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي هڪ بلاگ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته واٽس ايپ تي هو نئين ۽ مجوزه پرائيوسي پاليسي جي لاءِ صارفين کي نظرثاني جي سهولت فراهم ڪرڻ وڃي رهيا آهن جنهن جو ٽائيم فريم به صارف پاڻ طئي ڪندا جڏهن ته شرطن جي وضاحت جي لاءِ ايپ تي هڪ بينر به لڳايو ويندو. بلاگ ۾ ڏنل ڄاڻ موجب واٽس ايپ پرائيويسي بابت اها وضاحت هڪ اي ميل جي جواب ۾ ڏني جنهن ۾ اهو به چيو ويو هو ته هي سهولت 15 مئي تائين ملي سگهندي ۽ ان کانپوءِ شرط نه مڃيندڙن کي راضي ڪرڻ جي لاءِ لاڳيتو مطالبو ڪيو ويندو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments