سردار شاهه جو نوٽيس، ٻارن کان زور ڏياريندڙ استاد معطل
سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه اسڪول ۾ استاد طرفان ٻارن کان زور ڏيارڻ واري عمل جو نوٽيس ورتو آهي. نوابشاهه ضلعي جي تعلقي قاضي احمد ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالمالڪ راهو ۾ استاد طرفان شاگردن کان روز ڏيارڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. صوبائي وزير معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سندس هدايتن تي استاد الهڏنو پٽ غلام قادر بليدي کي معطل ڪيو ويو آهي. سردار شاهه چيو ته اسڪول جي ضابطن جي ڀڃڪڙي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين.

