طالبان بند قونصل خانن جي تلاشي ورتي ۽ گاڏيون ڪاهي ويا: ڀارتي ميڊيا جو الزام
ڀارتي ميڊيا طالبان تي افغانستان ۾ بند ٻن قونصل خانن جي تلاشي وٺڻ جو الزام مڙهيو آهي. ڀارتي ميڊيا افغان ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته طالبان جي طرفان قنڌار ۽ هرات ۾ بند ڀارتي قونصل خانن جي تلاشي ورتي وئي جنهن جو مقصد اهم دستاويز هٿ ڪرڻ هو. ذريعن موجب طالبان ڀارتي قونصل خانن ۾ پارڪ ڪيل گاڏيون به پاڻ سان گڏ ڪاهي ويا. واضح رهي ته افغانستان ۾ ڀارتي سفارتخاني کان علاوه مزار شريف، هرات ۽ قنڌار ۾ قونصل خانا به ڪم ڪري رهيا هئا، پر ڪابل جو ڪنٽرول طالبان جي هٿن ۾ ايندي ئي ڀارت افغانستان ۾ پنهنجو سفارتي مشن بند ڪري عملي کي واپس گهرايو. ٻه ڏينهن اڳ طالبان جي طرفان ڀارتي سفارتي عملي کي افغانستان کان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي وڊيو به سامهون آئي هئي.

