عدالت سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي کي اڳوڻي گهرو وزير ۽ پ پ اڳواڻ رحمان ملڪ جي خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج عطا رباني اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ جي آمريڪي بلاگر سنٿيا رچي جي خلاف 50 ارب رپين جي هرجاڻي دعويٰ جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت سنٿيا رچي کي رحمان ملڪ خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ان کي چيو ته هوءَ ايندڙ ٻڌڻي تائين رحمان ملڪ جي خلاف ڪوبه بدنامي وارو مواد شايع نه ڪري. سنٿيا رچي اڳوڻي وزير داخلا رحمان ملڪ تي جنسي حراساني جو الزام لڳايو آهي. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم شهاب الدين تي به دست درازي جا الزام لڳايا آهن. سنٿيا رچي جي الزامن کي پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت سختي سان رد ڪيو آهي ۽ پ پ پڻ آمريڪي عورت خلاف عدالت سان رجوع ڪيو آهي. رحمان ملڪ سنٿيا رچي کي 50 ارب رپين جي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو آهي، جڏهن ته سنٿيا رچي يوسف رضا گيلاني کي 12 ڪروڙ رپين جو هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي.

