خاص

عطا تارڙ، راڻا مشهود سميت ن ليگ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامن واري ڪيس ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار عطا تارڙ ۽ راڻا مشهود سميت 12 ليگي اڳواڻن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. لاهور پوليس طرفان ن ليگ جي 12 اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت لاءِ مئجسٽريٽ وٽ درخواست جمع ڪرائي وئي هئي. پوليس درخواست ۾ عطا تارڙ، راڻا مشهود، اويس لغاري ۽ سيف الملوڪ کوکر سميت ٻين اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ گهريا هئا. مئجسٽريٽ وٽ جمع ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهن، جوابدار ڄاڻي واڻي پيش نه پيا ٿين، کين گرفتار ڪري جاچ مڪمل ڪرڻي آهي ان ڪري گرفتاري جي اجازت ڏني وڃي. جڊيشل مئجسٽريٽ پوليس جي درخواست منظور ڪندي ن ليگ جي 12 اڳواڻن جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.