عــزت واري زنــدگــي اڪبر سومرو
مون کي ڪا خبر نه هئي ته ڪا واردات ڪيئن ٿيندي آهي پر اُن ڏينهن ڪانه ڪا واردات ڪرڻ جي خيال کان مان بازار ويس هلندو هلندو وڃي لوهر جي دڪان تي بيٺس، اڌڙوٽ لوهر جنهن جي وڌيل ڏاڙهيءَ ۾ ڪافي اڇا وار هُئا، نظر جو چشمو پائي شاهي گول ڦرندڙ سِراڻ تي چاقو، ڇُريون، ڇُرا ۽ قينچيون تکيون ڪري رهيو هُو. سراڻ مان نارنگي رنگ جون چڻنگون نڪري گم ٿي رهيون هُيون. دڪان جي هڪ ڀت تي مختلف سائيز جون قينچيون، ڪات ۽ ڇُريون ٽنگيل هيون. مون اتان ٻه وڏيون ڇريون پسند ڪيون ۽ سندن ڌار تي آڱر هڻي چيڪ ڪيون، خريد ڪرڻ کانپوءِ اهي لڪائي رکڻ لاءِ هڪڙو بريف ڪيس ورتو ۽ اخبار ۾ ويڙهي ان ۾ رکي لاڪ ڪري گهر ۾ ايئن کڻي آيس ڄڻ ان ۾ آفيس جا فائيل هُئا. گهر ۾ رکڻ مهل به مون کي خبر نه هئي ته لاشعوري طرح مان ڪو ڏوهه ڪرڻ جي تياري ڪري چڪو هئس!
هن شهر ۾ منهنجي ٽرانسفر اڃان چار مهينا پهرين ٿي هُئي. جوائن ڪرڻ کانپوءِ پهريان ڪجهه ڏينهن ته هڪ ڪليگ عذير جي گهر گذاريم، بعد ۾ عذير ئي مون کي هڪ جاءِ مسواڙ تي وٺي ڏني. چيائين ٿي “اها جاءِ مسز مهتاب نالي هڪ بيواهه عورت جي هُئي،” جيڪا پاڻ پنهنجي نوجوان ڌيءَ سُهائيءَ سان گڏ هيٺئينءَ جاءِ ۾ رهندي هئي ۽ مٿئين جاءِ جيڪا خالي هئي مون کي مسواڙ تي ڏيڻ لاءِ حامي ڀري هئائين.
مسز ماهتاب جو گهر وارو هڪڙو پوليس آفيسر هو، جيڪو ٻه سال اڳ شهر ۾ ٿيل هڪ دهشتگرديءَ جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ مارجي ويو هو.
مسواڙ واريءَ جاءِ جي ايگريمينٽ ڪرڻ لاءِ مان جڏهن مسز ماهتاب جي گهر ويس ته هن مون کي گهر ۾ اندر اچڻ لاءِ چيو، مان هن جي پويان هلندو وڃي هڪ ڪمري ۾ پيل روم چيئر تي ويٺس ۽ هوءَ منهنجي سامهون پيل بيڊ تي ويهي رهي. مون ڪمري جو جائزو ورتو شاهي ڪمري ۾ الماري، ڊبل بيڊ، ٻه روم چيئرس انهن وچ ۾ هڪڙي ڪافي ٽيبل ۽ هڪ طرف ميڪ اپ جي سامان سان سٿيل ڊريسنگ ٽيبل پيل هئي. ڀرسان رکيل هڪ ٽيبل تي وڊيو سي ڊي رکيل هئي، جنهن تي انڊين فلمن جا عام گانا هلي رهيا هُئا.
ڪمري جي اولهائين ڀت تي مڪي مديني جا فوٽو ۽ اوڀر واريءَ ڀت تي پوليس جي ورديءَ پاتل هڪ شخص جو فوٽو ٽنگيل هو، جيڪو يقينن مسز ماهتاب جو مرحوم مڙس هو.
ان ڏينهن مون سُهائيءَ کي ڏٺو جيڪا گهر جي اڱڻ ۾ رکيل پڃري ۾ مينا سان ڳالهائي رهي هُئي. جڏهن هن جي ماءُ کيس سڏ ڪري پاڻي آڻڻ لاءِ چيو ته هُوءَ اٿي ۽ پاڻيءَ جا ٻه گلاس ڀري ٽري ۾ رکي آئي، پر هن مون کي سلام نه ڪيو، سُهائيءَ کي ان وقت ڪاري تَرَ واري ڪپڙي تي ڳاڙها ۽ ساوا گل ٺهيل چولو، ڪريم ڪلر جي بيلٽ واري سُٿڻ ۽ سائي رنگ جو رئو اوڍيل هو. موڪرن ڪلهن ۽ نرڙ سان، ڊگهي نڪ ۽ کل لٿل بادامي رنگ واري سُهائي واقعي جواني ۽ سونهن جو شعلو هو، جنهن کي ڏسندي ئي منهنجي اندر ۾ عشق جو ڀنڀٽ ٻري پيو هو!
مسز ماهتاب کيس منهنجا ڏنل پئسا سنڀالي رکڻ لاءِ چيو ۽ مون کان پڇيو: “اوهان چانهه پيئندا يا جوس؟”
“چانهه ميڊم!!” مون چيو.
سهائي مون ڏانهن پهرين نهار ۾ ئي عجيب اُڻ، تُڻ ۽ بيزاريءَ سان اڻ وڻندڙ نگاهه وڌي. هن جي چهري تي اداسي ۽ بيزاري مليل ڪيفيت معنيٰ خيز هُئي، جيڪا هوُ نئين شخص کي ڏسڻ وقت محسوس ڪرائي رهي هُئي.
هن جي اهڙي رويي ۽ يڪ ٽِڪ منهنجين اکين ۾ ڏسڻ سان مون محسوس ڪيو ته هوُءَ ڪنواري نه رهي هئي، بلڪه هوءَ ڪنهن نه ڪنهن مرد جي مصرف ۾ رهي هُئي! ۽ ڄڻ هوءَ ڪا ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ زندگي گذاري رهي هئي!
چانهه بسڪيٽ کڻي اچڻ مُهل به سُهائيءَ مون کي در گذر ڪيو ۽ واپس مينا جي پڃري ڏانهن هلي ويئي ۽ ان سان ڳالهائڻ لڳي. مون مسز ماهتاب جي چهري ڏانهن ڏٺو ته مون کي لڳو هن جي عمر پنجٽيهن سالن کان مٿي نه هئي ۽ هوءَ به پنهنجي ساءِ هڪڙي گريس فل عورت هئي، جنهن کي ڪافي قيمتي ڪپڙا پيل هئا هٿن تي مينديءَ جا گل ٺهيل هُئا. هن جي ڊيل ڊول مان لڳو ٿي ته هوءَ سهائي جي ماءُ نه پر وڏي ڀيڻ ٿي لڳي. هن جو گلابي چهرو ۽ گَهري ڪاري رنگ جون اکيون ٻري رهيون هيون. هن جي پيرن ۾ اڇي رنگ واري چپل پيل هئي جنهن مان هن جا گلابي پير ليئا پائي رهيا هئا. مهينو گذريو ته مان مسز ماهتاب کي مسواڙ جا پئسا ڏيڻ ويس هن مون کي اندر اچڻ لاءِ چيو، مان هلندو ساڳئي ڪمري ۾ وڃي ويٺس ۽ مسز ماهتاب ساڳئي بيڊ تي ويهي رهي. هن کي ان وقت بليو رنگ جي ويلوٽ جي گلن واري چولي تي اڇي بيلٽ واري سٿڻ ۽ اڇو رئو پيل هو پر اڄ هن رئي کي هرو ڀرو ايترو گهڻو نٿي سنڀاليو جيڪو بار بار هن جي ڪلهن ۽ ڇاتين تان هيٺ سرڪي ٿي ويو ۽ هن جي بيلٽ واري سٿڻ ۽ دُڏ جو حصو ۽ ڊگهي ران شهوت ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئا.
گذريل مهيني ٽي دفعا مينهن پيو هو، جنهن ۾ هڪ ڀيرو مٿئين ڪمري جي ڇت جو هڪڙو حصو ٽميو هو، مون جڏهن ساڻس ڇت جي مرمت بابت ڳالهه ڪئي ته هن چيو: “اسان جي هيٺئين گهر ۾ ٽي ڪمرا آهن، مان چاهيان ٿي ته اوهان هيٺئين ڪمري ۾ اچي رهو ۽ ها” هن ڄڻ ياد ڪندي چيو: “توهان ته ماني به هوٽل تي کائيندا آهيو، تڪليف اٿوَ.” پر مون ان لاءِ رضامندي نه ڏيکاري ته هوءَ چپ ٿي ويئي.
“هونئن اوهان کي تڪليف محسوس ٿئي ته هيٺ هليا ايندا ڪريو. جيڪڏهن مينهن پوي ته..!” هن چيو پرمان چپ رهيس.
هڪ شام جو منهنجي گهر جو دروازو کڙڪيو، مون دروازو کوليو ته هيٺ سُهائي ڪپڙي سان ڍڪيل هڪ شاهي ٽري کنيو بيٺي هُئي پر سندس نظرن ۾ اها ساڳي بي رُخي ۽ بيگانگي هُئي. مون کانئس ٽري وٺي مهرباني مڃي ته هن مون ڏانهن هڪ عجيب نظر وڌي ساڳيو اڻ وڻندڙ احساس جو تير منهنجي جسم مان پار ٿي ويو ۽ هوءَ پٺي ڏيئي هلي ويئي. هوءَ هلي ويئي هئي پر پويان پنهنجي پگهر گاڏڙ خوشبو جو احساس ڇڏي ويئي هئي. مان ڪافي دير تائين اکيون پوري ان خوشبوءَ ۽ هن جي بي گانگي وارين اوپرين نظرن جي تکي تير کي محسوس ڪندو رهيس! اهو پهريون موقعو هو جو سُهائي منهنجي ايترو ويجهو آئي هئي.
رات جي مانيءَ ۾ مسز ماهتاب چڪن برياني، مٽن قورمون، نان ۽ کيرڻي موڪلي هئي اڄ هن ڄڻ منهنجي دعوت ڪئي هئي.
مان ٻئي مهيني جڏهن مسواڙ ڏيڻ ويس ۽ مسز ماهتاب کي اهڙي لذيذ ماني موڪلڻ جا ٿورا مڃيا ته هن چيو: “اسين ته چاهيون ٿا ته اوهين اسان سان گڏ رهو… بلڪه ها!…” هن ڪجهه سوچيندي پڇيو: “اوهان کان پڇڻ مناسب ته ڪونهي پر جي دل ۾ نه ڪيو ته ٻڌائيندا… اوهان جي شادي ٿيل آهي؟ ” هن جي وات ۾ سوپاريءَ جي تڙ کي چٻاڙڻ بند ڪري هن پنهنجي ساڄي هٿ جي آڱر ڳل تي رکي.
“نه ميڊم! منهنجي اڃان شادي ڪانهي ٿي!” مون سچ ڳالهايو.
“ته پوءِ شادي ڇو نٿا ڪريو؟” هن سوپاريءَ جي تڙ وات ۾ ڦيرائيندي چيو، هن جي چپن تي مُرڪ هئي ۽ هوءَ هاڻي پنهنجي هيٺئين چپ جي ڪنڊ ڏندن ۾ ڏيئي ڳالهائي رهي هئي ۽ هن جي اکين ۾ ڪا چمڪ هئي.
“ڪا ڇوڪري ئي نٿي ملي!” مون هٻڪندي ڳالهايو ۽ سندس وڊيو سي ڊي ڏانهن ڏٺو جنهن ۾ ان وقت:
وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو،!
دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو وارو گيت هلي رهيو هو.
“ڇوڪريون کوڙ!… توهين رڳو ها ڪريو.” هن جي نهار ۾ مون محسوس ڪيو ته ان وقت شهوت جو غلبو هُو ۽ هوءَ مون کي سوپاري جيان چٻاڙي کائڻ وارين نظرن سان تڪي رهي هئي!
مسز ماهتاب جي اهڙي تڪڻ تي مان ان وقت شرم ۽ هَٻڪ محسوس ڪري رهيو هئس. ان ئي وقت سُهائي ڪمري ۾ آئي ۽ چانهه رکي هلي ويئي. ويندي ويندي هوءَ چور نظرن سان مون کي ڏسندي ويئي ته مان ڪنهن سوچ ۾ هليو ويس.
“اڄ رات جي ماني اسان سان گڏ کائو!” مسز ماهتاب چيو ته مون ڄڻ ڇرڪ ڀريو.
“نه ميڊم… اڄ ته ڊنر دوستن سان آهي!” مون ڪوڙ ڳالهايو.
ٻه ٽي ڏينهن ائين ئي گذري ويا. هڪ رات مان گهري ننڊ ۾ ستل هئس ته منهنجي فون جي گهنٽيءَ تي منهنجي اک کلي… ننڊ مان جاڳي فون کنيم ته ٻئي طرف مسز ماهتاب جو آواز هو.
”واجد صاحب! معاف ڪجو، اوهان جي ننڊ ڦٽايم.“ هن جي آواز ۾ لرزش هئي!.
“جي جي… ميڊم… خير آهي…؟ حڪم ڪريو…” مون ننڊ اکڙي آواز ۾ ڳالهايو.
“حڪم نه پر عرض آهي… سومهڻيءَ کان وٺي سُهائيءَ کي پيٽ ۾ سخت سُور آهي چئن پنجن ڪلاڪن کان پيئي لُڇي، جيڪڏهن خراب نه سمجهو ۽ اچي سگهو ته ان کي اسپتال کڻي هلجي.” مسز ماهتاب جي آواز ۾ سخت پريشانيءَ وارو تاثر هو.
“جي ميڊم! ٺيڪ آهي… مان اچان ٿو…!” مون تابعداري واري لهجي ۾ چيو ۽ وال ڪلاڪ ڏانهن نهاريو رات جا پوڻا ٻه ٿيا هُئا. مون آرس ڀڳو ۽ واش روم ۾ هليو ويس ٻاهر اچي مون ڪپڙا بدلايا هيٺ لٿس ۽ ڪال بيل وڄايم ته مسز ماهتاب اچي پڇيو:
“ڪير؟”
“ميڊم واجد!” مون جواب ڏنو ته دروازو کليو “اچو…!”اچو مسٽر واجد!” هن چيو ۽ هوءَ مون کي وٺي سندس بيڊ روم ڏانهن ويئي.
“هاڻي شايد ٻه ٽي منٽ ٿيا آهن جو اک لڳي ويئي اٿس ڪجهه دير اڳ پيٽ جي سور جون گوريون به ڏنيون اٿمانس هاڻي شايد سور گهٽ اٿس.” هن ڳالهايو.
“توهان ويهو.” هن ٻيهر چيو “معاف ڪجو اوهان کي اويلي وقت تڪليف ڏنم… چانهه پيئندئو..؟ ڪاڙهي وٺان…؟ ڪجهه وقت ڏسون ٿا. متان آرام اچي وڃيس!” هن منهنجي چهري ڏانهن نهاريندي مسلسل ڳالهايو.
“نه نه ميڊم… اهڙي ڳالهه ناهي… آخر انسان انسان جي ڪم ايندو آهي. اوهان هن وقت چانهه جي تڪليف نه ڪريو…. مان ڀلا تيستائين مٿي وڃي انتظار ڪريان؟”… فون تي ٻڌائي وٺجو…” مون چيو ۽ اٿي بيٺس ته هن جي اکين ۾ ڪا خاص چمڪ اچي ويئي. هوءَ آئي ۽ اچي منهنجي سامهون بيهي رهي ته مان ششدر ٿي ويس! هن جي خماريل اکين ۾ چاهتن جا رنگ ڀريل هئا.
“واجد صاحب!” هن جي اکين ۾ ڪئين سوال هئا. هوءَ منهنجي سامهون اچي منهنجي جسم سان لڳي بيهي رهي. هن جي پگهر ۽ بدن جي خوشبو گاڏڙ پرفيوم توڙي هن جي گرمجوشي مون کي غنودگي ڏيڻ لڳي ۽ منهنجي ڊايا فرام ۾ سختي اچڻ لڳي.
“مطلب؟!” مون اشاري سان پڇيو.
“مرد آهين… ۽ مطلب ٿو پڇين؟… ظاهر آهي… مان به عورت آهيان ۽ منهنجون به ڪجهه گهرجون آهن… مون اوهان کي… سهائيءَ جي بهاني سان گهرايو آهي.” هن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو. ان وقت هن جي چهري تي بي باڪي رعونت ۽ چالاڪي بکي رهي هئي.
“توهان هن وقت مٿي نٿا وڃي سگهو…! ڪجهه دير ترسو پوءِ وڃجو…” هن پنهنجين هرڻ جهڙين ڪارين اکين سان مون تي نگاهه وڌي ۽ وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ٻاهران تڏن جا آواز اچي رهيا هئا.
“توهان ڪجهه وقت مون سان گذاريو… جي نه ته…!” هن ٻيهر منهنجي چهري تي نظر وڌي…
“مطلب…؟” منهنجي ٺوٺ ٿيل گلي مان آواز نڪتو، خوف ۾ لڳو ٿي منهنجون اکيون ويڪريون ٿي ويون هيون!
“جي نه ته… هن وقت ڪمري ۾ پاڻ ٻئي اڪيلا آهيون، منهنجو سهائيءَ کي سڏڻ سان اوهين بدنام ٿي سگهو ٿا…! ۽ جيڪڏهن سڏ تي پاڙي وارن مان ڪو اچي ويو.. ته به…!”
منهنجا وائيسر خطا ٿي ويا… حيرانيءَ مان مسز ماهتاب جي چالباز چهري ڏانهن نهاري رهيو هئس ته ڪيئن نه هن عورت مون کي مڇيءَ جيان ڪلين ۾ ڪنڍي هڻي ڦاسايو هو! گهٻراهٽ ۾ منهنجو جسم ساڻو ٿي ويو ۽ مون پنهنجي نرڙ تي پگهر مڙندو محسوس ڪيو!
رات جي هن پهر به ماهتاب کي بهترين سُوٽ پيل هو… چهري تي لائيٽ ميڪ اپ ٿيل هئس ۽ ڀريل ڀريل گورن هٿن تي مينديءَ جا چٽ. هن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي مون کي ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ مون کي ڳراٺڙي پاتائين ان بعد هن منهنجو چهرو پنهنجين ٻنهي ڇاتين جي وچ ۾ لڪائي ڇڏيو. جيڪي ٻن ڪُرڙن وانگر ڦٿڪي رهيون هيون. هن جي جسم جي غالب ايندڙ خوشبو منهنجي حواسن تي ديرو ڄمائڻ لڳي. هوءَ سهڪڻ لڳي هن جا گرم ساهه منهنجي وارن کي ڇهي رهيا هئا.
مون کان ڌار ٿي هن دروازي جو لاڪ ۽ ٽاور بولٽ بند ڪيو، ٽيوب لائيٽ وسائي ۽ پوءِ ڪپڙن کان آجي ٿي مون ڏانهن هلي آئي. اوندهه ۾ به هن جو جسم مالا گوري سنگ مر مر جيان ٻهڪي رهيو هئو! پهرين مون سوچيو ته انڪار ڪري ڇڏيان پر اهڙي صورتحال ۾ مون پنهنجي زندگيءَ جو پهريون اُٻهرو فيصلو ڪيو. مان هن جي ها ۾ ها ملائيندو ويس. مون سان هن جي ملڻ بعد محسوس ٿيو، ڄڻ هن جي جسم جي دٻيل خواهش جاڳي پئي هئي.
هن جي صحبت ۾ ماکي مليل کير جي گلاس جو چس هُو.
رات اڃا پنهنجون اکيون بند نه ڪيو هيون. هن جي ٻکن مان نڪري مان پنهنجي ماڙيءَ تي چڙهي آيس. دريءَ مان ٿڌي هوا اچي رهي هئي… مون ان ۾ ڪجهه تڪڙا وڏا وڏا ساهه کنيا… ڪجهه وقت کانپوءِ رستن تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو اچ وڃ ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ کير واري جي گهوڙي گاڏي لنگهي… مان بيڊ تي وڃي ليٽيس ته ننڊ کڻي ويئي. ان ڏينهن مان آفيس نه ويس.
منجهند جو مسز ماهتاب فون ڪيو، هن جي آواز ۾ هڪڙو ترنگ ۽ وڄت هئي. هن مون کي سلام ڪيو ۽ نيرن ڪرڻ جو پڇيو، جيڪا مون نه ڪئي هئي.
ڪجهه ئي دير ۾ ڪال بيل وڳي مون دروازو کوليو ته مسز ماهتاب جي نوڪرياڻي مانيءَ جي ٽري جهليو بيٺي هئي. مون ڏٺو سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو.
پوءِ اڪثر ٻئين ٽئين رات ائين ٿيندو هو ته مسز ماهتاب مون کي فون ڪندي هئي ۽ مان هن جي هَنيل ڪنڍيءَ ۾ مڇيءَ جيان ڦاٿو هليو ويندو هئس. هن عورت جي ادائن ۽ صحبت ۾ هڪڙو اهڙو جادو ۽ رس چَس هو جنهن جي سحر مان نڪرڻ سولو نه هو!
ڪجهه ڏينهن بعد وڃڻ مهل هن مون کي هڪڙو شاهي شاپر پڪڙايو، جنهن ۾ ڪپڙن جا پنج سوٽ، ٻه پرفيومس، جورابن جون پنج جوڙيون ۽ 42 نمبر جي ماپ جو اسٽوڊيو ايمپولي جو اٽالين ڪاف ليدر جو موڪيشن پيل هو. مون سندس مهرباني مڃي ۽ گهر هليو آيس.
اڪثر راتين جو واپس موٽڻ کان اڳ هوءَ پنهنجي فرج مان مون لاءِ پستن ۽ ڦوٽن وارو سائو حلوو ۽ کير کڻي ايندي هئي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مان هن جي اهڙي ورتاءُ مان خوش ٿيڻ جي بجاءِ بيزار ٿي پيس. مان محسوس ڪندو هئس ته هن جي اڳيان منهنجي حيثيت هڪ مزدور کان وڌيڪ ڪجهه به نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته اسين هڪ لفظ ڳالهائڻ بنا جنسي عمل ختم ڪندا هئاسون ۽ مان هن کان پاڻ ڇڏائي مٿي سمهڻ هليو ايند هئس. مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هيءَ عورت ڪهڙي مٽي مان ٺهيل هئي.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون اهو قصو پنهنجي ڪليگ عذير سان ڪيو… جنهن مون کي چيو ته بهتر آهي ته مان اها جاءِ تبديل ڪريان. مون پنهنجو پاڻ کي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو.!
مون جڏهن جڳهه بدلائڻ واري ڳالهه مسز ماهتاب سان ڪئي ته هوءَ تمام گهڻي سنجيده ٿي ويئي ۽ هن چيو ته “گهر بدلائڻ جي صورت ۾ اسان ٻنهي لاءِ چڱو نه ٿيندو، ٿي سگهي ٿو ته هوءَ خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ ان جو ذميوار مان هوندس” ته مون اهو خيال دل تان لاهي ڇڏيو. ان بعد هو مسلسل پاڻ کي ۽ مون کي بد- شد ڳالهائيندي رهي. ان ڏينهن هن پنهنجي ان ڪمزوريءَ جو ذڪر به ڪيو ته هن مون سان تعلق رکي پنهنجي پاڻ کي تڪليف ۾ وڌو هُو. ۽ اهو به چيائين ته کيس مون سان انسيت ٿي ويئي هئي ۽ جيڪو پيار ٿي ويو هو، مون جهڙي جاهل مرد کي ان جو ڪوبه قدر نه هو! ماهتاب جا اهڙا خيال ٻڌي منهنجا طوطا اڏامي ويا.
مون پنهنجي آفيس ۾ ٽرانسفر لاءِ ڪوشش ڪئي ته اتان به جواب مليو، ڇو ته مون کي هن شهر ۾ آئي اڃا ڇهه مهينا به نه ٿيا هئا. مون محسوس ڪيو ته عذير جي ڳالهه بلڪل صحيح هئي، مون پنهنجي پاڻ کي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو هو، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن گرڪندو پئي ويس!
معمول موجب هڪ رات مان جيئن ئي مسز ماهتاب جي ڪمري مان نڪتس ته ٻاهر مون سهائيءَ کي پنهنجو انتظار ڪندي ڏٺو. درين ۾ لڳل شيشا هوا تي ڏند کڙڪائي رهيا هئا ۽ هوءَ مينا جو پڃرو ٻاهر رکي ان سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. هن شايد مون کي ڪمري ۾ اندر وڃڻ مهل ڏٺو هو ۽ مسلسل جاڳي منهنجي ٻاهر اچڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. ڀنڀرڪي جو وقت هو ۽ اسٽريٽ لائيٽ جي مايوس روشني به منهنجي مٿان پئجي رهي هئي. سڃاڻڻ جي باوجود به هن مون ڏانهن ڏسندي سوال ڪيو.
“ڪير آهي؟”
ته مينا به رڙيون ڪرڻ لڳي… “ڪير آهي؟” ڪير آهي…؟”“ڪير آهي…؟” سهائيءَ کي سامهون ڏسي مان ڪافي شرمسار ٿيس ۽ بنا ڪنهن جواب ڏيڻ جي پٺي ورائي اتان هليو ويس!
ورندڙ رات مون مسز ماهتاب کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هن چيو: هاڻي بهتر حل اهوئي آهي ته اوهان سهائيءَسان نڪاح ڪري گهر ناٺي ٿي اسان سان گڏجي رهو. واقعي هاڻ اهو سٺو ته نٿو لڳي ته اوهان بار بار لهه چڙهه ڪندا رهو. “ٻڌو… توهان مون کي ڇڏي ته نه ويندئو؟… ”هن ڪجهه سوچيندي چيو: “مان ٻڌايان ٿي… توهان کانسواءِ مان هاڻي مري وينديس!” هن جي اکين ۾ڳوڙها هئا.
“اوهان کي ٻاهر جي ڪنهن ماڻهوءَ ڏسي ورتو ته خلام ٻرندو!” مسز ماهتاب جي چهري تي مون پهريون ڀيرو پريشاني ۽ لڙڪ ڏٺا.
مون سوچيو: اها ٻي ڳالهه هئي ته سهائيءَ هميشه مون ڏانهن ناپسندگيءَ واري نگاهه وڌي هئي يا هن جو مون سان هميشه اڻ وڻندڙ ورتاءُ رهيو هو پر مان تصور ئي تصور ۾ هُن جهڙي خوبصورت ڇوڪريءَ کي پنهنجي زال جي صورت ۾ ڏسي خوش ٿيس. جنهن جي طلب مان پهرينءَ نظر ڏسڻ کان پوءِ مسلسل ڪري رهيو هئس. مون مسز ماهتاب جي چوڻ تي سُهائيءَ سان شادي ڪرڻ جي حامي ڀري.
مون سان شاديءَ جو ذڪر ٿيندي ئي سهائيءَ پنهنجي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي هن جا ماءُ سان ڪافي ڏينهن تائين جهيڙا ٿيا. نيٺ الائجي ڪيئن هوءَ مون سان شادي ڪرڻ لاءِ آماده ٿي، پر سهائيءَ سان شادي ڪري مون پنهنجي زندگيءَ جو ٻيون اٻهرو ۽ غلط فيصلو ڪيو. مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اها حقيقت هئي يا مان ڪو خواب ڏسي رهيو هئس؟ سڀ ڪجهه خواب سمان لڳي رهيو هو، ڪنوار جي صورت ۾ سهائي آسمان تان لٿل حور جهڙي ڀاسي رهي هئي. مون کي پنهنجي خوش نصيبيءَ تي رشڪ اچي رهيو هو. مان خوشي خوشي جڏهن سهائيءَ جي ويجهو ويس ۽ هن جو هٿ پڪڙيم ته هن مون کان پنهنجو هٿ ڇڏائيندي چيو:
“ساري سر!.. توهان منهنجي پيءُ سمان نٿا لڳو…؟ مون کي خبر آهي ته توهان ڪافي عرصي کان منهنجي ماءُ جي بيڊ روم ۾ وڃي سمهندا رهيا آهيو… ۽ هاڻ ته مهيني کن کان هن جي پيٽ ۾ توهان جو ٻار يعني منهنجو ڀاءُ يا ڀيڻ پيو پلجي!” ته منهنجي چهري جو رنگ فق ٿي ويو. مان رعشي جي مريض جيان ڏڪڻ لڳس منهنجي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا اچي ويا، منهنجو بلڊپريشر لو ٿيڻ لڳو. ان کان پهرين ته مان رڳو پنهنجي نظر ۾ ڪري پيو هئس پر هاڻ مان سهائيءَ جي نظرن ۾ به ڪري پيو هُئس! مان سوچن ۾ غلطان ٿي ويس.
مان ڇڪي داڻيءَ واري راند ۾ زندگيءَ جي ڏاڪڻ جا خانا مٿي چڙهندو چڙهندو ڄڻ ڪنهن نانگڻ جي وات ۾ اچي ويو هئس، جنهن منهنجي وجود کي پنجانويهين خاني مان هيٺ ڪيرائي پنجويهين خاني تي پهچائي ڇڏيو هئو!
نومبر جو مهينو هوندي به مان پگهر ۾ شل ٿي ويس. مان ڪافي پريشان هئس. منهنجي سموري خوشي ڪافور ٿي وئي هئي. حالتون مون کي درياهه جي تيز وهڪري ۾ بنان سڙهه جي ٻيڙيءَ جيان پاڻمرادو لوڙهينديون پئي ويون ۽ مان ڪُنن ۾ گهوماٽيون ۽ غوطا کائيندو لڙهندو پئي ويس. منهنجي هٿ ۾ هاڻي ڪجهه به نه رهيو هئو! زندگي مون کان الائجي ڪهڙا امتحان وٺي رهي هئي ۽ الائجي ڪهڙا وٺڻا هُئس! ان رات مون محسوس ڪيو ته دنيا جي بورڊ گيم تي مان اڄ زندگيءَ جي بازي ڪنهن اڻ ڏٺي رانديگر هٿان هارائي ويو هُئس. منهنجو مٿو ڦري رهيو هو، پهرين ته سوچيم ته بريف ڪيس ۾ رکيل ڇريون ڪڍي پاڻ کي ماري ڇڏيان پر ڪجهه سوچي سوُر اندر ۾ پي ويس.
اڳئين رات سهائيءَ مون کي ٻڌايو ته: شادي کان اڳ هن ڪنهن شخص سان محبت ٿي ڪئي ۽ هوءَ هاڻ ان ئي شخص سان گذارڻ ٿي چاهي، مون محسوس ڪيو ته سهائيءَ سان منهنجي شاديءَ جو ناٽڪ ته دراصل مسز ماهتاب مون کي پاڻ ڏانهن انگيج رکڻ لاءِ رچايو هو ته منهنجي ڪاوڙ ۾ اضافو آيو. مون سوچيو: زندگيءَ ۾ ٻه اُٻهرا ۽ غلط فيصلا ڪري چڪو آهيان ۽ هاڻ ٽيون غلط فيصلو ڪري آپگهات ڪرڻو اٿم…! رات جو دير سان مان غنودگيءَ واري ننڊ مان جاڳيس بيڊ جي هيٺان لڪائي رکيل بريف ڪيس کڻي ڊرائنگ روم ۾ ويس ۽ دروازو اندران لاڪ ڪري مون بريف ڪيس کولي، اخبارن ۾ ويڙهيل چمڪندڙ ڌار واريون ڇُريون ڪڍيون، آڱوٺي سان انهن جي ڌار کي محسوس ڪيم… سوچي سوچي مون فيصلو ڪيو ته سُهائيءَ کي طلاق ڏيئي ڇڏڻ بهتر فيصلو هوندو! نيٺ وري انهن کي بند ڪيم ۽ واپس اچي بيڊ هيٺان رکيم.
سڄو ڏينهن آفيس ۾ مون کي ابتا سُبتا خيال ايندا رهيا. شام جو مان گهر آيس ته مون مسز ماهتاب جي ڪمري ۾ هڪ نئين شخص کي ڏٺو، جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته سهائي ان شخص کي پسند ڪندي هئي. منهنجي حالت سير پيل پکيءَ جهڙي ٿي ويئي. مان واش روم ۾ وڃي هٿ منهن ڌوتو. ٻاهر نڪتس ته پتو پيو، اهو شخص سهائي جي ڪمري ۾ هليو ويو هئو.
جنهن عورت سان منهنجو نڪاح ٿيو هئو، سا هاڻ ڪنهن ٻئي جي ڪڇ ۾ سُتل هئي ۽ مان ان صورتحال ۾ ڪجهه به ڪرڻ جي قابل نه هئس. مون محسوس ڪيو ته مان هاڻ بيعزتي ۽ بيغيرتي جي بدبودار تلاءَ ۾ تڙڳي رهيو هئس! مون جڏهن اعتراض ڪيو ته مسز ماهتاب چيو: “سهائي جيڪڏهن بي نڪاحي مرد سان سُتي پئي آهي ته تون وري ڪهڙونڪاح ٻڌي زال سان سُتل هوندو آهين؟ اسان لاءِ توهان ٻنهي جي حيثيت ساڳي آهي!” مون کي پيرن کان وٺي مٿي تائين چوچڙي لڳي وئي. رات جو اوپرو شخص سهائيءَ وٽان هليو ويو. وڃڻ وقت مينا رڙيون ڪرڻ لڳي هئي… “ڪير آهي….؟”“ڪير آهي…؟”“ڪير آهي…؟”
ننڊ مون کان ڪوهين دور هلي وئي هئي، مان اٿي بيڊ تي ويهي مٿي کي هٿ ڏئي سوچيندو رهيس ۽ سوچي سوچي نيٺ آخري فيصلو ڪيم ته اهڙيءَ صورتحال ۾ خودڪشي کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي. رات پنهنجي سموري خوبصورتيءَ سان گڏ موجود هئي، ٻاهران رکي رکي تڏن جا آواز اچي رهيا هئا.
مون مسز ماهتاب ڏانهن ڏٺو هوءَ گَهريءَ ننڊ ۾ هئي ۽ هلڪا کونگهرا هڻي رهي هئي. مان اٿيس بيڊ جي هيٺيان لڪايل بريف ڪيس ڪڍيم ۽ ان مان شاهي ڇُرو ڪڍي پاڻ ڏانهن وڌايم… پر اوچتو منهنجو هٿ رڪجي ويو. مون مسز ماهتاب ڏانهن نهاريو ۽ سوچيو: منهنجي برباديءَ جي ذميوار ته اها عورت هئي، جنهن چالاڪيءَ سان مون کي پنهنجي دام ۾ ڦاسايو ۽ استعمال ڪيو هو. مان بيڊ ڏانهن وڌي ويس ۽ ڇرو سڌو مسز ماهتاب جي پيٽ ۾ کپائي ڇڏيم ته هن هيان ڦاٽي دانهن ڪئي رت جو ڦوهارو نڪتو، مون ڇرو هن جي پيٽ ۾ ڦيرائي ٻاهر ڪڍيو ته هن جا آنڊا ٻاهر نڪري آيا ۽ منهنجي ڇاتي، قميص ۽ چهرو رت سان ڀرجي ويو. مون ٻيهر ڇرو هن جي نڙگهٽ تي ڦيرايو ته هوءَ بيڊ تان هيٺ ڪري پيئي ۽ فرش تي وڇايل ڪارپيٽ تي ڦٿڪي ڦٿڪي ٿڌي ٿي ويئي. سڄو ڪمرو رتو رت ٿي ويو! مون کليل دريءَ ڏانهن نهاريو ٻاهرئين گهٽي ۾ لڳل ٿنڀي مان اسٽريٽ لائيٽ جي زرد ۽ بيمار روشني ڀتين تي لرزي رهي هئي! ان ئي دم مون سوچيو: مان چپ ڪري مٿي هليو ويندس. ۽ صبح جو سهائي سان گڏجي هن واردات جي ايف. آئي. آر ڪٽرائيندس.
مون دروازو کوليو ۽ ٻاهر ويس ته اڱڻ ۾ مون کي سهائي نظر آئي، هوءَ شايد آوازن تي ننڊ مان جاڳي هئي، منهنجي هٿ ۾ ڇُرو ۽ منهنجو رت ۾ ڀريل جسم ڏسي هوءَ ڏڪي ويئي ۽ هن رڙ ڪئي:
“واجد تون…!”
پڃري ۾ ٽنگيل مينا به ٻولڻ لڳي.
“واجد تون..!”“واجد تون..!” “واجد تون…!”
مان جيئن ئي سهائيءَ ڏانهن وڌيس ته هوءَ ڊوڙي سندس ڪمري ڏانهن ڀڳي ۽ هن دانهن ڪئي پر مون ڊوڙي ڪمري جو دروازو بند ڪرڻ کان اڳ ئي وڃي هن کي وارن مان پڪڙيو ۽ سٽ ڏيئي هيٺ ڪيرائي هن کي دسيم ۽ ڇُري جو وار ڪيومانس جيڪو هن جو ڪلهو وڍيندو نڪري ويو، مون ٻيو وار ڪيو جيڪو به ڇڏ ڇڏان ۾ هن جي ڇاتي چيريندو ويو… هن ڪوشش ڪئي ته دانهون ڪري پر مون هن جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو، مون ٽيون وار هن جي ڳچيءَ تي ڪيو ته هوءَ سڄي ڪمري ۾ ڦٿڪڻ لڳي ۽ ڪجهه ئي دير ۾ هن جو روح به پرواز ڪري ويو. مان ٻاهر نڪري آيس ته مينا ٻيهر گوڙ ڪرڻ لڳي. مون کي اڃ لڳي ته مون پاڻيءَ جا به گلاس ڀري پيتا. رات پنهنجا چنبا کوڙيو بيٺي هئي.
مان پهرين بيڊ روم ۾ ويس جتي ماهتاب جو لاش پيو هو. هن جي چهري ۽ وکريل وارن ۾ رت جا دڙڳ ڄمي ويا هئا، هن جو رت لڳل مرده چهرو ڪافي خوفائتو ٿي ويو هو ۽ هن جي ڦاٽل چولي مان ڇا ٿي ٻاهر نڪتل هئي. بيڊ جو اڌ ۽ ڪارپيٽ رتو رت لڳا پيا هئا. مون کي لڳو موت کانپوءِ به هوءَ مون کي گهوري ڏسي رهي هئي! ماهتاب کي ان حالت ۾ ڏسڻ بعد مون کي اڪيلائيءَ جو احساس کائڻ لڳو اڪيلائي پنهنجيون خوفناڪ اکيون کڻي مون کي ڊيڄارڻ لڳي، سمورو گهر ڄڻ مون کي نپوڙڻ ۽ کائڻ پئي آيو.
مان ڪرسيءَ تي ويهي ڪجهه وقت اهو سوچيندو رهيس، اوچتو منهنجي جسم ۾ رڦڻي پيدا ٿي ڄڻ سيئو تپ ٿي پيو هجيم… سوچيم، منهنجو اهڙو ڪو ارادو ئي ڪونه هو. ماهتاب ۽ سهائيءَ کي مارڻ جو ؟ مون ته پاڻ خودڪشي پئي ڪئي! مون پنهنجي زندگي جي ٽئين وڏي غلطي ۽ اُٻهرو فيصلو ڪيو هو! ان ئي وقت مون کي اهو به خيال آيو ته مسز ماهتاب به مون سان غلط واسطو رکي پنهنجي زندگيءَ جي شايد آخري وڏي غلطي ڪئي هئي! مان رت هاڻي بيڊ جي ٻئي طرف ليٽي پيس. منهنجو هڏ هڏ ڏکي رهيو هو ۽ جسم ڄڻ ساڻو ٿي پيو هو.
مينا وري رڙيون ڪرڻ لڳي. “واجد تون!.. واجد تون…! واجد تون…!” هوءَ پڻ ڄڻ آڱر کڻي مون کي چيڙائي رهي هئي، مون کي خار اچي رهيا هئا. مان اٿيس ۽ پڃرو کولي مينا ڪڍيم ۽ ان کي به سير وجهي پريان اڇلائي ڇڏيم! ان وقت مون محسوس ڪيو ته هڪ سرڪاري آفيسر مان آءُ ڪنهن وحشي انسان ۾ تبديل ٿي چڪو هئس.
ڪورٽ ۾ وڪيل جي صلاح سان مون بيان ڏنو ته: ٻنهي عورتن کي مون غيرت وچان ڪاريون ڪري ماريو هو، منهنجي نوڪري ختم ٿي ويئي هئي جيل ۾ هاڻ مون کي ٽيون سال هلي رهيو هو. مون ڏاڙهي ۽ مڇون ڇڏي ڏنيون هيون. هتي ننڍين وارداتن وارا قيدي اچي منهنجي ٽنگن کي زور ڏيندا هئا ۽ حال احوال ڪندا هئا، جن اڳيان مان پنهنجي غيرت جا قصا فخر سان بيان ڪندو هئس. مان سوچيندو هئس ته مون ماهتاب ۽ سهائي کي قتل ڪري نه رڳو پنهنجي پر هنن جي به بي غيرتيءَ واري زندگي مان جان ڇڏائي هئي ۽ هاڻي عزت واري زندگي گذاري رهيو هئس!… ڇا اهو صحيح هو؟