عمران خان آئنسٽائن ناهي جو قوم سندس پويان هلندي، اسان جي ڪارڪردگي عوام جي دلين ۾ گهر ڪري وئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جو سوال وقت کان اڳ آهي، وقت آيو ته ڏٺو ويندو، عمران خان آئنسٽائن ناهي جو قوم ان جي پويان هلندي، اسان جي ڪارڪردگي ماڻهن جي دلين ۾ گھر ڪري وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان لاهور ۾ ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز جي وفد سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا به شامل هئا. وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت صحافت جي اظهار آزادي تي پابندي لڳائڻ جو ارادو نٿي رکي، پيڪا آرڊيننس ۽ ٻين قانونن تحت صحافين خلاف بنا جواز ڪارروائين تي هر ممڪن تحفظ ڏنو ويندو، پيڪا آرڊيننس جو جائزو وٺڻ جو ڪم پهرين ئي قانون واري وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت بجلي جي پيدوار، گهرج ۽ پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اڳوڻي حڪومت چئن سالن ۾ قوم تي قرضن جو بار ٻيڻو ڪيو، حڪومت زندگي جون بنيادي ضرورتون گھٽ اگهه تي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوشش ۾ آهي، حڪومت سي پيڪ ۽ ريڪوڊڪ سميت سمورن منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت سمورن ملڪن سان گڏيل عزت ۽ مفاد جو واسطو چاهي ٿي، ملڪ ۾ شفاف چونڊن لاءِ چونڊ سڌارا گھڻا ضروري آهن. ان بعد ماڊل ٽائون ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته پراڻو پاڪستان واپس اچي ويو آهي، ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته نواز شريف جي ڊڪشنري ۾ انتقام ناهي، پر ڏڦيڙ پکيڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن حڪومت جو ٽائيم ايندڙ سال آگسٽ تائين آهي، جيڪي مون کي چوندا هئا هي ايڊمنسٽريٽر آهي، انهن منهنجي سياست به ڏسي ورتي، ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ چونڊن ۾ هڪ اتحاد جوڙيو وڃي ۽ ن ليگ ان ۾ پنهنجو حصو وجھي. سندس موجب نيب نيازي ڳٺ جوڙ کانسواءِ گذريل حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو، هر ادارو پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪري ٿو، فوج جون گھڻيون قربانيون آهن، جيڪو غلط ڳالهه ڪري ٿو مذمت ٿيڻ گھرجي، آمريڪا سپر پاور آهي، اسان ان سان لاڳاپا بگاڙي نٿا سگھون. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ڀاڻ جو مسئلو پيدا ڪيو، جنهن سان 3 ملين ٽن ڪڻڪ گھٽ پيدا ٿي، ڪڻڪ جي درآمد تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ ڏکوئيندڙ آهي، خيبر پختونخواهه کي پوري ڪڻڪ ڏني ويندي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته صدر پاڪستان تحريڪ انصاف جو سهولتڪار بڻيل آهي، صدر آئيني ۽ قانوني ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، صدر خلاف آئيني پٽيشن به ٿي سگھي ٿي، آئيني پٽيشن تي صبر جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments