عمران خان جون آصف علي زرداري کي منٿون، بشريٰ بي بي ۽ ٻيا ماڻهو سرگرم

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر آصف علي زرداري سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي منٿون ڪيون پيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو مقصد اهو آهي ته آصف علي زرداري نون ليگ کي ڇڏي پي ٽي آءِ سان گڏجي وڃي. نجي ٽي وي جي هڪ اينڪر موجب عمران خان چاهي ٿو ته آصف علي زرداري حڪومت ڪيرائي ۽ پوءِ جيڪي چونڊون ٿين ۽ نئون سيٽ اپ اچي ان ۾ پي ٽي آءِ پيپلزپارٽي کي هاڻوڪي حڪومت کان وڌيڪ بهتر آڇون ڪندي، سٺي ڊيل ڪندي ۽ پيپلزپارٽي وارن کي سٺيون پوزيشنون ڏنيون وينديون. پي ٽي آءِ جو مقصد اهو آهي ته آصف علي زرداري کي پرچائجي ۽ پوءِ گڏجي حڪومت سازي ڪجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان جي هدايت تي بشريٰ بي بي ۽ ٻين ماڻهن ان حوالي سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. چيو پيو وڃي ته هڪ اهڙو شخص به آهي جيڪو آصف علي زرداري ۽ عمران خان ٻنهي سان بهتر لاڳاپا رکي ٿو. ياد رهي ته هڪ پاسي عمران خان پيپلزپارٽي کي لاڳيتو تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو ته ٻئي پاسي ڳجهه ڳوهه ۾ آصف علي زرداري کي منٿون ڪري رهيو آهي. 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments