عمران خان جي هٿياربند فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي هٿياربند فوج کي ڪمزور ڪرڻ جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران نيازي هٿياربند فوج ۽ ان جي قيادت جي خلاف مهم شروع ڪري پنهنجي اقتدار جي حوس جي لاءِ دٻاءُ وجهي حمايت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم واضح ڪيو ته عمران نيازي جي باوقار ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. هن چيو ته آڊيو ليڪس کانپوءِ ان جي مايوسي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شخص آهي جيڪو اقتدار کان محروم ٿيڻ کانپوءِ معاشري ۾ نفرت جو زهر ڀري رهيو آهي، عمران خان جي ڪوڙ ۽ دوکيبازي تي ٻڌل پاليسين ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪندي.