عوام جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي، اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو فيصلا ڪري رهيا آهن: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو فيصلا ڪري رهيا آهن پر عوام جي ڳالهه نه پئي ٻڌي وڃي. گلگت بلتستان جي علائقي گهانچي ۾ خطاب ڪندي هن اها ڳالهه چئي. هن نااهل سليڪٽيڊ حڪومت پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه کي تباهه ڪيو اسان کي گلگت بلتستان کي بچائڻو آهي. اسان هن ڪٺ پتلي حڪومت کان جمهوريت کي بچائينداسين. گلگت جي عوام عمران خان جي يو ٽرن ۽ پروپيگنڊا تي يقين نه ڪري هي اوهان جي نوجوانن کي ائين ئي تباهه ڪندو جيئن نوجوان ڊاڪٽرن جي مستقبل کي تباهه ڪيو. اسان هائبرڊ نظام جي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ علاج جون بهترين سهولتون ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۾ جگر جي علاج جي مفت سهولت ڏني وئي آهي. پنجاب ۽ ٻين صوبن جي عوام به هن سهولت مان فائدو کڻي رهيو آهي. سنڌ جيان گلگت بلتستان ۾ به تعليم ۽ صحت جون بهترين سهولتون ڏينداسين. مان دنيا کي پهريان گلگت بلتستان وڃڻ جو چوندو آهيان ان کانپوءِ سنڌ جو. پ پ چيئرمين چيو ته گلگت بلتستان ۾ اسان جي حڪومت ٺهندي. اوهان جي اسيمبلي ڪا قرارداد پاس ڪندي ان کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائينداسين. اسان جي قيادت عالمي سطح تي پاڪستانين کي روزگار ڏياريو. غريب ماڻهن جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو. ان جي ابتڙ موجوده حڪومت پاڪستاني عوام کان روزگار ڦري رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments