خاص

عوام عمران جي ڪرپشن جي داستان ٻڌندو ته سندس هٿ ڪنن تي اچي ويندا: مريم نواز

مسلم ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام عمران خان جي ڪرپشن جي داستان ٻڌندو ته سندس هٿ ڪنن تي اچي ويندا. لاهور کان گجرانوالا تائين هڪ ئي نعرو آهي گو نيازي گو، ماڻهو واعدو ڪن ته اڳتي لاءِ ڪنهن کي به پنهنجي ووٽن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندا. مريم نواز چيو ته عمران خان ياد رکجانءِ حالتون تبديل ٿيندي دير ناهي لڳندي، ماڻهو مون سان واعدو ڪن ته اٽي کنڊ چورن کان حساب وٺنداسين ۽ اڳتي لاءِ توهان پنهنجي ووٽن تي ڌاڙو نه هڻڻ ڏيندا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اِهو ڪير چوندو هو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف پنجن ماڻهن به نعرو هنيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، توهان پاڻ ويندا يا عوام کڻي ٻاهر اڇلائي؟ هوڏانهن لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي گجرانوالا جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف جو چوڻ هو ته ٻڌو آهي ته عوام بجلي جو بل ڏيندي روئندو آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ماڻهن جا جذبات ٽي وي تي ۽ سوشل ميڊيا تي به ڏٺا ۽ ٻڌا. دوائون ۽ ٻيون شيون غريب عوام جي پهچ کان ٻاهر آهن. هن فضل الرحمان کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ڪڊني جا غريب مريض ڊائلاسسز به نٿا ڪرائي سگهن ٻڌون پيا ته 5000 هزار رپيا وصول ڪيا پيا وڃن، هي پريشان مريض ڪيڏانهن وڃن، اڄ هنن وٽ خبر ناهي فيس به آهي يا نه، هنن جو علاج ڪيئن ٿيندو هنن وٽ ٻارن جي تعليم لاءِ پئسا ناهن. سيارو اچي پيو ڇا غريبن وٽ گرم ڪپڙن لاءِ پئسا آهن، مسواڙ وارن گهرن ۾ رهندڙ مسواڙ ڪٿان ڏين. هن چيو ته ٻڌو آهي سون جو اگهه هڪ لک 10 هزار ٿي ويو آهي، ڪير ٻڌائي ٻارڙين جي هٿن تي مهندي ڪيئن لڳندي هو شاديون ڪيئن ڪنديون، رپئي جو قدر مٽي سان وڃي مليو، جيئن جيئن رپئي جو قدر ڪري ٿو عوام غريب ٿو ٿيندو وڃي، 100 ۾ ڇا ٿو ملي، محنت ڪشن جو ڇا حال هوندو. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته اِهي 20 هزار آمدني وارن جون ڳالهيون هيون، پر جيڪي بيروزگا آهن اهي ڪيئن گذارو ڪندا هوندا، دل ڏڪي ويندي آهي جڏهن سوچيندو آهيان ته هي غريب ماڻهو ماءُ پيءُ جي دوائن لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندا، ٻارن کي ڪيئن پڙهائيندا، روز جو خرچ، گئس ۽ بجلي جو بل ڪٿان ڏيندا هو ڪنهن وٽ فرياد ڪن، هنن چيو هو ته اسان 50 لک گهر ڏينداسين، پر ڇا ڪنهن هڪ کي به گهر مليو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پاڪستان کي اهڙي طرح هلڻ ڏنو وڃي ها ته اڄ پاڪستان ترقي جو مرڪز هجي ها پاڪستان جي ترقي کي دنيا قبول ڪيو، ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف به پاڪستان جي ترقي کي قبول پيا ڪن، اها ترقي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪندڙ کي راس نه آئي، نواز شريف اڪيلو نه هو هن سان گڏ پي ڊي ايم جا ميمبر به هئا اُهي به حڪومت ۾ هئا. اُهي اڄ اسٽيج تي ويٺل آهن ته هنن کان برداشت نه پيو ٿئي ته هنن جي حڪومت ڪامياب ٿئي ۽ ووٽ کي عزت ملي، اوهان 2 سال هنن کي ڀوڳيو آهي. نواز شريف وڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جي ڪهڙي اهميت آهي، اڄ اوهان کي احساس ٿيو آهي، اسان کي هي غدار ٿا قرار ڏين، اها ڪا نئين ڳالهه ناهي، پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين جن ڊڪٽيٽرن سياستدانن کي انهن تمغن سان نوازيو آهي، جڏهن اهو الزام شيخ مجيب الرحمان تي هنيو ويو ته هو الڳ ٿي ويو، ڍاڪا ۾ جنرل نيازي دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انتهائي ذلت جوڳي طريقي سان هٿيار ڦٽا ڪيا، پر غدار ڪير آهي سياستدان نواز شريف، بينظير ڀٽو ۽ اسٽيج تي ويٺل سڀ غدار آهن. هن چيو ته ڇو ته هي آئين ۽ قانون جي ڳالهه ٿا ڪن ۽ محب وطن ڪير آهن جن آئين کي ٽوڙيو چيڀاٽيو جن ملڪ کي ٻه ٽڪرا ڪيو آهي سڀ محب وطن آهن تاريخ جون حقيقتون تلخ آهن. پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي اسان امن چاهيون ٿا، پر خود داري سان گڏ برابري جي بنياد تي عزت سان ۽ ملڪ ۾ به عزت سان رهڻ ٿا چاهيون. اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ضمير جي خلاف ڪم ڪندڙ ناهيون باضمير ماڻهو آهيون بي ضمير ناهيون، ملڪ کان ٻاهر به. اسان جي دور ۾ ڀارت جو زير اعظم پاڪستان آيو، وزير اعظم واجپائي مينار پاڪستان تي ويو ۽ اُتي وڃي سٺا لفظ لکيا. ٻڌايو ته اهو پاڪستان بهتر هو يا اڄوڪو، ڇو اڄ دنيا اسان کي نه پئي ٻڌي، ڇو اسان اعتبار وڃائي چڪا آهيون جو اسان جا ويجها دوست به اسان سان گڏ ناهن، سعودي عرب جيڪو اسان جو اعتماد جوڳو دوست هو ڀائرن کان وڌيڪ هو، اڄ هو ايترو خفا آهن جو ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن. هن چيو ته ٺهرائن جي باوجود به ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم تي آواز اٿارڻ جي قابل ناهيون، ڀارت هڪطرفي طور تي ڪشمير کي پنهنجو حصو قرار ڏنو، ڇو اسان هڪ ٺهراءُ به پيش نه ڪري سگهياسين، ڇا توهان کي اِها ڪشمير فروشي قبول آهي، مون 35 سالن جي ڪيريئر ۾ ان کان وڌيڪ ڪرپٽ حڪومت ناهي ڏٺي، هنن جي واردات جو طريقو ايترو آهي ته ڪوڙ ايترو ڳالهايو جو اهو سچ سمجهن ان آڙ ۾ هو پاڻ ڪرپشن پيا ڪن، عمران خان ثاقب نثار کان اين آر او وٺي پاڪ صاف نه ٿيندو، اين آر او وٺي عليمه خان بچي ڪا نه ويندي، توهان جي پارٽي جا ماڻهو پاڻ توهان جي ڪرپشن جا گواهه آهن، هن ڪرسي تي هوندي کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني ۽ ڪيئن ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪتو ته 52 کان 110 رپيا ڪلو ٿي وئي. ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ن ليگ نائب صدر مريم نواز گوجرانوالا ۾ ٿيندڙ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي جلسي گاهه پهتا. پنجاب جي ضلعي گوجرانوالا ۾ اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ مريم نواز جاتي امرا کان قافلي جي صورت ۾ رواني ٿي، جيڪا مختلف هنڌن کان ٿيندي گوجرانوالا پهتي. جلسي گاهه پهچڻ تي اتي موجود پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن مريم نواز جو مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو. ان کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به جلسي گاهه پهچي ويو، هو لاله موسيٰ کان گوجرانوالا پهتو، سندس قافلو مريم نواز جي قافلي کان ڪجهه دير پوءِ جلسي گاهه ۾ داخل ٿيو.