غريب ماڻهو سڀني کان وڌيڪ اٽي جي وڌندڙ قيمت کان متاثر ٿيو آهي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بنيادي ضرورت وارين شين ۾ غريب ماڻهو سڀني کان وڌيڪ اٽي جي وڌندڙ قيمت کان متاثر ٿيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ بنيادي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن تي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي وارو وزير، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ بريفنگ ڏني وئي ته ڪاروباري برادري جي طرفان معيشت جي حوالي سان حڪومتي پاليسين جي ڀرپور آجيان ڪئي پئي وڃي. ان پاليسين جي بدولت ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿيندي آهي انهن کي ڪورونا جي وبا باوجود به ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ بنيادي سهولتون ڏنيون ويون. اجلاس ۾ بنيادي ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. جنهن تي چيو ويو ته انهن تجويزن ۾ مختلف انتظامي قدمن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي واري نظام ۾ شفافيت ۽ هارين جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بنائڻو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪومت جو سمورو ڌيان عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي فراهمي تي آهي بنيادي ضرورت وارين شين ۾ غريب ماڻهو سڀني کان وڌيڪ اٽي جي قيمتن مان متاثر ٿيا آهن. سمورن ضروري قدمن کي ان حوالي سان يقيني بڻايو وڃي. غور هيٺ تجويزن کي فوري طور تي حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن ان تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي.

