فرانس جي اڳوڻي صدر کي ڪرپشن تي قيد جي سزا
فرانس جي اڳوڻي صدر نڪولس سرڪوزي کي عهدي جي ناجائز استعمال تي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عالمي خابرو اداري موجب پيرس جي هڪ عدالت 2007 کان 2012 تائين ملڪ جي صدر رهندڙ نڪولس سرڪوزي کي هڪ جج کي خريد ڪرڻ ۽ 2007 ۾ پنهنجي صدارتي چونڊن ۾ غير قانوني ادئگي قبول ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سال لاءِ جيل موڪلي ڇڏيو. عدالت اڳوڻي صدر کي ڪنهن به عهدي تي ڪم ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو، نڪولس فرانس ۾ جيڪ چيراڪ کانپوءِ ٻيون صدر آهي جنهن کي ڪرپشن تي سزا ملي آهي. 66 سالن جي سياستدان تي الزام هو ته 2014 دوران هڪ سينيئر مئجسٽريٽ کان ڪنهن قانوني ڪارروائي جي باري ۾ غيرقانوني طور تي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.